ماٺيڻي جي ماٺ جھڙو ماٺيڻو اوٺو
“ڪالھہ هتي ڪو مئخانو هو، اڄ جتان پئي خاڪ اڏاڻي ”
(ماٺيڻو)
ان ڏينھن هتان کان پري سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٿڌي شام ۾ ڪجهہ دوست هوٽل تي ويٺل هياسين تہ هڪڙو سنھڙو، سيپڪڙو بلبل نالي ڀلوڙ شاعر اچي ڏسيو تہ اڄ عبرت اخبار ۾ هڪ لاوارث لاش جو فوٽو آيو آهي، جنھن جو ڪيپشن آهي، “سنڌ يونيورسٽيءَ وٽان درياھہ مان لڌل هڪ لاوارث لاش” ۽ چيائين تہ “مون کي شڪ آهي تہ ڪٿي اهو فوٽو ماٺيڻي جو تہ نہ آهي؟” ۽ پوءِ اسان بہ اهو فوٽو ڏٺو ۽ اسان ويٺلن مان عابد مظھر، بلبل کورواهي، نثار حسيني ۽ مان پنھنجا پنھنجا رايا ڏنا . ڪنھن چيو تہ هن جا وار تہ ماٺيڻي جھڙا آهن تہ ڪنھن چيو تہ چپ بہ اُهڙا ئي اٿس ۽ پوءِ ٻئي ڏينھن ڪراچيءَ ويندي بس ۾ روزاني عبرت حيدرآباد ۾ ٻن ڪالمن جي سوال واري نشانيءَ سان خبر پڙهيم تہ اوچتو ئي اوچتو زبان مان رڙ نڪري ويم تہ ڇا ڪالھوڪو فوٽو واقعي ماٺيڻي جو ئي هو ؟
ها! ڪالھوڪو فوٽو ماٺيڻي جو ئي تہ هو، تڏهن تہ اڄ اسان سڀ اچي هتي سھيڙيا آهيون، ماٺيڻي يار جي ياد ۾. ۽ ياد نٿو پوي تہ خليل جبران ڪٿي لکيو آهي تہ، “هي اهو شاعر آهي، جنھن کي زندگيءَ ۾ ڪير بہ ڪونہ سڃاڻي ۽ هن دنيا کي ڇڏڻ بعد جڏهن هو پنھنجي حقيقي ديس طرف هليو وڃي ٿو ، تڏهن سندس پوڄا شروع ٿئي ٿي“. “ها! هي اهو ئي شاعر آهي، جو انسان کان هڪ مرڪ بنا ٻي ڪنھن بہ شيءِ جي تمنا نٿو رکي ۽ هي اهو ئي آهي جنھن جون سرد آهون آڪاش ۾ سندر روپ ڌارڻ ڪري اڏامنديون رهن ٿيون، ليڪن هتي جا انسان هن کي روٽي ۽ ڪپڙي ڏيڻ ۾ بہ ڪنجوسائي ڪن ٿا.”
ها! واقعي خليل جبران سچ چيو آهي، اڄ جڏهن اسان وٽ اسان جي ئي ٽھيءَ جو شاعر ماٺيڻو اوٺو اسان وٽ موجود نہ آهي، تڏهن ئي سندس لاءِ تعريفن جون پلون ٻڌجڻ شروع ٿي ويون آهن. ڪاش اها تعريف اڳ ڪئي وڃي ها سندس ئي حيات ۾ هن جي سڏ تي ، جڏهن هن سڏڪن مان سڏ ڪيو هو ۽ سندس درديلي آواز چيو هو:
“روح جا ريلا هاءِ اڪيلا، توکي سڏڪي ساريان،
ڏور نہ گهاريو، وعدا پاريو، قاصد ڪانگ اڏاريان. ”
پر ڪوبہ نہ آيو سندس سڏ تي ۽ جيڪڏهن آيو بہ تہ صرف موت وارو ملائڪ، جو کيس پريم مان ڳڙاٽڙي پائي وٺي ويو، ان منزل طرف جتان سندس اسان ڪاڻ موٽڻ محال آهي. هاڻي صرف ڪيترائي مون جيان ايندا ۽ ويندا مختلف اسٽيجن تي، اخبارن جي آفيسن ۾ ۽ سندس مرتئي تي وڇايل پٿر تي ، پونئيرن سان همدرديءَ جا ٻہ چار اهي ئي پراڻا رٽيل جملا چوڻ.
اسان جي هن معاشري جي هن ڍانچي ۾ اسان سڀ جي آهيون ، اهي سڀ ائين ئي مري وينداسين ، ماٺيڻي جيان ماٺيڻي جو هي شعر چوندا:
“نڪو تون نڪو آئون سڀاڻي،
مٺا! اچ تہ مرڪي ڪريون موڪلاڻي.”
سڀ مرندا وڃن کتري، ڏيپلائي، گدائي، الطاف، استاد منظور ، مراد، ثميرہ ۽ اڄ.
“غم وڇوڙي ۾ گڏي دل گل بدن ويندو رهيو،
يار پرڏيھي وري پنھنجي وطن ويندو رهيو.”