لڙ، لھرون ۽ واءُ (حسن درس)
جيئن سڀ سنڌي بيروزگار نوجوان نوڪرين لاءِ هٿ پير هڻندا رهندا آهن، زوار بہ انھن سڀن جيان پاڻ ڦٿڪائيندو رهيو ۽ نيٺ هڪ ڏينھن پراپر پنھنجي ڊگري، صحافتي تجربي ۽ ادبي ڪم جي ڪري ماهوار نئين زندگي جو ايڊيٽر ٿي ويو، کيس ڪنھن وزير جي آشيرواد بہ حاصل ڪونہ هئي ۽ نہ ئي ڪنھن پليسمينٽ بيورو مٿس ٻاجهہ ڪئي پر هن اها نوڪري پنھنجي صلاحيتن جي آڌار تي پاڻ حاصل ڪئي ۽ پوءِ جڏهن پ پ پ حڪومت ڊٺي ۽ سنڌي نوجوان آفيسن مان گهر موٽڻ لڳا تہ زوار نقوي بہ انھن واپسيءَ وارن پانڌيئڙن مان هڪ هيو. حڪومت ڏٺو تہ زوار نقوي شاهي قلعو فتح ڪيو ۽ ان تي جهنڊو هنيو ويٺو آهي، سو هنن ضروري سمجهيو تہ هن کان اها والار خالي ڪرائجي. زوار جا احمد فراز وانگر اسلام آباد جي طاقتور حلقن سان ڪي تعلقات ڪونہ آهن، جيڪي اڄڪلھہ وڃائجي ويل جنتن کي ڳولھي واپس ڏيارڻ ۾ مددگار ٿي رهيا آهن. سنڌ ۾ اخبارن رڙيون ڪيون، ايڊيٽوريل ڇاپيا، اديبن بيان ڪڍيا ۽ زوار جي واپسيءَ جي لاءِ اپيلون ڪيون پر حڪومت جي ڪن تي جون ئي نہ ٿي سري.
توهان، اسان سڀني کي خبر آهي تہ هڪ سنڌي رسالي جو ايڊيٽر ڇا ٿي سگهي ٿو، هن جو ڪھڙو انتظامي امور ۾ عمل دخل هوندو آهي ۽ هو ڪھڙين تبديلين جي پويان محرڪ آهي، پوءِ بہ الائي ڇو طاقت جي سرچشمن زوار کي لاهڻ ضروري سمجهيو. زوار نقوي جنھن رسالي جو ايڊيٽر هيو، اهو وفاقي حڪومت جي دائري ۾ اچي ٿو ۽ جن جي قسمت جا لکيا، اسلام آباد جي ڄاڱري ٻير ۾ اٽڪبا آهن، انھن جو ڌڻي سائين ئي والي هوندي آهي. خبر ناهي ڇو انھن اسلام آباد جي ارڏين هوائن سان سينو ساهي، زوار نقويءَ جي تہ ايڊيٽري وئي هلي آهي پر گهڻن مڙسن جا تہ انھيءَ هوا سان مٿو ٽڪرائيندي سر هليا ويا. زوار سان سڀ دوست ۽ قلم ڀائي ٻيو ڪري بہ ڇا ٿا سگهن سواءِ ان جي تہ هن جي کسيل حق لاءِ ٻہ اکر لکن ۽ ماٺ جي هن ڍنڍ ۾ هڪ ننڍڙو پٿر اڇلائين.
(6 فيبروري، 1991ع، روزاني عبرت حيدرآباد)