شخصيتون ۽ خاڪا

سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

ڪتاب  ۾ سائين زوار نقويءَ جي شخصي، ادبي، علمي، صحافتي ۽ سماجي پھلوئن جو مڪمل نچوڙ شامل آھي.ڪتاب ۾ سيد زوار نقوي جي فن ۽ شخصيت بابت مختلف اديبن ۽ شعوروندن جون لکڻيون، سيد زوار نقوي جا لکيل ڪجهه مضمو، بيان ۽ ڪالم، خاڪا، تاثر، تعزيت ناما. انٽرويوز، روح ڪھاڻي، شاعري، جيون خاڪو، سيلف انٽرويو ۽ سيد زوار نقويءَ باب لکيل ڪجهہ ايڊيٽوريل شامل آھن.

Title Cover of book سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

ڪھاڻيءَ جي ڪھاڻي

سچ بہ تہ اها حقيقت آهي تہ محمد علي قاضي هڪ پڙهيو لکيو، تخليقي ذهن رکندڙ صحافي ۽ ليکڪ آهي، مون کي ذاتي طور تي خبر آهي تہ هن کي نہ صرف لفظن جي صحيح ۽ وقتائتي استعمال جي سڌ آهي پر هر ماڻھوءَ تي هڪ نظر وجهڻ کان پوءِ گهڻي ڀاڱي سندس متعلق صحيح راءِ جوڙي سندس ڪم جو تعين ڪري وٺندو آهي. اداري ۾ ڪير ڪٿي هجي، ڪنھن کي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنھن کان ڪيئن ڪم وٺجي؟ اهو ڀلي ڪوئي کانئس سکي. منھنجي ان ڳالھہ جو مظھر روزاني ڪاوش حيدرآباد جي نيوز نيٽ ورڪ کان وٺي نيوز ڊيسڪ آهي، ڄڻ هڪ هڪ ڪري مالھا ۾ پويل موتي هجن.
سالن جي تعلق کان پوءِ هڪ ڏينھن کيس نوڪري ڏيڻ لاءِ چيم، هن عجب مان هڪ نظر مون تي وڌي ۽ سگار مان هڪڙو وڏو ڪش هڻي، پنھنجي چيئر تي اهلي پيو، ڄڻ ڪنھن گھري سوچ ۾ پئجي ويو هجي. “اوهان ڪھڙو ڪم ڪندؤ ؟” هن پڇيو. “ڪوبہ” مون ورندي ڏني ۽ ڳالھہ اتي اچي فل اسٽاپ ٿي وئي، ادب کان وٺي سماج تائين، سڀئي موضوع ان گفتگوءَ ۾ ايندا رهيا، “اوهان کي ڪھڙو ڪم ڪرڻ گهرجي؟” موڪلائڻ وقت هن منھنجي آڏو ئي منھنجو سوال رکيو. پندرنھن ڏينھن هڪٻئي کي سوچڻ لاءِ ڏئي، ان کان پوءِ ملڻ جو فيصلو ڪري، اسان هڪ ٻئي کي الوداع ڪيو، جيئن هو ۽ مان منھنجي ڪم متعلق ڪنھن فيصلي تي پھچي سگهون، اهي سياري جي مند جا آخري رومينٽڪ ۽ وڻندڙ ڏينھن هيا، جن ۾ پنھنجي ارد گرد گهلندڙ سڀئي هوائون ۽ موسمون وڇڙي ويل محبوبائون لڳنديون آهن.
وقت ڄڻ جوانيءَ جيان اک ڇنڀ ۾ گذري ويو، جھڙا پت جهڙ ۾ املتاس مان ڇڻيل پيلا پن. وري جڏهن ملياسين تہ جھڙوڪ فيصلو ٿي چڪو هيو، پر پوءِ بہ ڳالھائڻ ضروري هيو، فيصلو اهو ٿيو تہ ڪتابي سلسلو شروع ڪيو وڃي، جنھن جو پھريون ڪتاب ڪھاڻين جو ڪتاب هجي، جنھن ۾ سڀني نالي وارن ڪھاڻيڪارن کان سندن نيون ڪھاڻيون لکرائي شامل ڪيون وڃن ۽ پوءِ ان ڪتاب جو نالو، سائيز، لي آئوٽ، ٽائيٽل ۽ ٻيون لاڳاپيل ڳالھيون غور هيٺ آيون.
واقعي مون کي انھن ڏينھن ۾ اها خبر نہ هئي تہ اسان جي ليکڪن کان نيون ڪھاڻيون وٺڻ ڪا معمولي ڳالھہ نہ هئي، بلڪہ رڪ جا چڻا چٻڻا هئا، خط، فون ۽ روبرو ملاقاتن جو ساڻن سلسلو شروع ڪري ڏنم پر ان کان بہ پھريائين هئي ڪتاب جي نالي جي چونڊ! ۽ اهو مسئلو اوچتو ئي اوچتو هڪ ڏينھن محترم امر جليل حل ڪري ڇڏيو، چيائين، “ڪتاب جو نالو رکو ڪھاڻي” اسان ٿورڙي غور ويچار کان پوءِ سندس صلاح اکين تي رکندي ڪتاب جو نالو طئہ ڪيو.
“مان زوار نقوي ٿو ڳالھايان، ادي تنوير جوڻيجو آهي!حسبِ دستور هڪ شام جو ڪھاڻيءَ لاءِ کيس فون ڪيو هيم،” “نہ ڪانھي ڪا” تنوير جوڻيجو ورندي ڏني ۽ پوءِ فون جي ٻنھي پاسي هيا ٽھڪ. “ڪنھن سان ڳالھائڻو آهي؟” مئڊم نسيم ٿيٻو چوندي هئي، “اوهان سان” مان ورندي ڏيندو هيم ۽ پوءِ بنا ڪنھن ٻي ڳالھہ ڪرڻ جي پريان آواز ايندو هيو، “ٻہ ڏينھن رکي، پوءِ فون ڪجو” ۽ اهي ٻہ ڏينھن ٻن هفتن کان بہ وڌي ويا ۽ مان هيس ڄامشوري وارو روڊ هيو ۽ منھنجي گاڏيءَ ۾ غمزدہ ڪري ڇڏيندڙ جگجيت ۽ چترا جاغزل هيا.
“يي دولت ڀي لي لو، يي شھرت ڀي لي لو،
ڀلي ڇھين لو مجهہ سي ميري جواني،
مگر مجهہ ڪو لوٽا دو بچپن ڪا وو ساون،
وو ڪاغذ ڪي ڪشتي، وو بارش ڪا پاني.”
۽ ڳوڙها اکين جون سرحدون اورانگهي ايندا هيا، جواني، شادي، ٻارڙا، ڏکڻ ايشيا جي ماڻھن لاءِ محبتن سان گڏ اهي مسئلا بہ هوندا آهن، جن جي شروعات مرڪن سان ٿيندي آهي ۽ پڄاڻي....!
پر اهو ورچائي ڇڏيندڙ ڪم ڪندي اها خوشي ضرور ٿيندي هيم تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون ڀيرو ايڏي وڏي تعداد ۾ نالي وارن ڪھاڻيڪارن کان سالن بعد نيون ڪھاڻيون لکرائي هي ڪتاب ترتيب ڏئي رهيو آهيان....... ۽ ها سچي اڃا هڪڙو وڏو ڪم رهيل هو، اهو هو نورالھديٰ شاھہ کان ڪھاڻي وٺڻ، اها جدا ڳالھہ آهي تہ هوءَ مون جھڙي لا ابالي شخص تي ھميشہ مھربان رهي آهي پر پوءِ بہ کيس چئي ڪير؟ “نصير پليز! تون فون ڪري منھنجي پاران چئو؟” هڪڙي ڏينھن حيدرآباد واري ريڊيو اسٽيشن تي سندس آفيس ۾ کيس چيم، نصير ۽ ڪنھن کي نھڪر ڪري اهو تہ ممڪن ئي ڪونھي! هن کيس فون ڪيو ۽ ٻئي ڏينھن السلام عليڪم اسان وڃي سندس ڊرائينگ روم ۾ سھڙياسين. اڙي هي تہ اها ئي شفيق، مھربان ۽ سٻاجهڙي نورالهديٰ شاھہ هئي، جيڪا لڳ ڀڳ ڏھہ ورهيہ اڳ هوندي هئي ۽ سندس گهر جي ڊرائينگ روم کان وٺي دسترخوان تائين اسان لاءِ کليل هوندا هئا، الائي ڇو ڪڏهن ڪڏهن احترام ماڻھوءَ جي من ۾ هڪڙو عجيب خوف ۽ وسوسا پيدا ڪري ڇڏيندو آهي. ها! ان ڪري جو اهو ماڻھوءَ جو من هوندو آهي، ڪا ريموٽ تي هلندڙ مشين نہ! “ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيھر شينھن” چانھہ بسڪٽ سان خاطر تواضع ڪيائين ۽ هڪ اڌ پنڌ کان پوءِ سندس نئين نڪور ڪھاڻي منھنجي هٿن ۾ هئي. ان گهڙيءَ خوشيءَ مان منھنجي اکين جا تنرا پاڻيءَ سان ڀرجي آيا هيا.
قمر شھباز جھڙي وڏي ڪھاڻيڪار تہ فون تي ئي ڀال ڀلايا ۽ پياري طارق عالم تہ ڀاڄائي رضيہ، هالار ۽ لاهوت سان گڏجي پاڻ اچي ڪمپيوٽر تي پروف پڙهيا، باقي جيجي زرينہ بلوچ جھڙي واعدي جي پڪي ليکڪہ توڙي ليکڪ مون ٻيو نہ ڏٺو، لنڊن فون ڪيم، خبر پئي تہ پاڪستان اچي پئي، ٻہ چار ڏينھن رکي ڪراچيءَ فون ڪيم، پتو پيو تہ حيدرآباد لاءِ رواني ٿي چڪي آهي ۽ پوءِ هڪڙي ڏينھن اياز لطيف پليجي سان گڏجي وڃي روبرو حاضر ٿيس، چيائين “سال ٿيا آهن مون ڪھاڻي لکڻ ڇڏي ڏني آهي” “جن سالن کان ڪھاڻيون نہ لکيون آهن، انھن کان ئي تہ ڪھاڻيون لکرايان پيو، رشيدہ حجاب، مدد علي سنڌي، شوڪت حسين شورو، مشتاق احمد شورو، حليم بروهي، هدايت پريم، شرجيل، جن جي ڪا گذريل ڏهاڪي ۾ ڪھاڻي پڙهيوَ؟ پر اسان جي خاص گذارش تي هنن لکيو آهي، هاڻي اوهان بہ لکو، پليز!” وڏي بحثا بحثيءَ کان پوءِ وعدو ڪيائين تہ فلاڻي ڏينھن ڪھاڻي کڻي وڃجانءِ، وڃان تہ ڇا ڏسان اصل دنگ رهجي ويس تہ پھرئين ئي وعدي تي ڪھاڻي تيار ۽ ڪھاڻي بہ واھہ واھہ، باقي جيترا پنڌ قاضي خادم ڪرايا، اهي قدرت جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.
انھيءَ سڄي رام ڪھاڻي بيان ڪرڻ جو مطلب هيو پنھنجن معزز پڙهندڙن کي هن ڪتاب جي سلسلي ۾ آگاهي ڏيڻ تہ ڪيئن نہ اسان ڪشالا ڪٽي هي ڪتاب مارڪيٽ ۾ آندو ۽ جيڪو عام طور پڙهندڙن لاءِ ۽ خاص طور تي جديد سنڌي ڪھاڻيءَ لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو. جنھن سان سڌي طرح سنڌي ادب جي پڇاڙڪن پھرن ۾ پھتل سنڌي ڪھاڻي وري نئين سر وڌندي، ويجهندي ۽ تاريخ ۾ پنھنجو مقام حاصل ڪندي. سنڌ جي سڀني ليکڪن مون کي مان ڏيندي پنھنجون نڪور ڪھاڻيون مون کي ڏنيون نہ صرف اهو پر پھرئين ڀيري مظھرالاسلام جھڙي بلند پايي جي ڪھاڻيڪار جي ڪنھن سنڌي ڪتاب لاءِ ڏنل نئين ڪھاڻي پڻ هن ڪتاب جي صفحن تي پڙهڻ لاءِ ملندي. سچ بہ تہ هي ڪھاڻي کيتر جا اهي گل آهن، جن جي پنھنجي پنھنجي خوشبوءِ آهي، بس! مون فقط انھن گلن کي ميڙي چونڊي هڪ گلدستو سجايو آهي، جنھن جي خوشبوءِ جو هڳاءُ يقيناً سالن تائين سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ ۾ محسوس ٿيندو رهندو.
اسان کي اميد آهي تہ اسان جا مان وارا پڙهندڙ اسان جي هن محنت کي مان ڏيندا ۽ سندن صلاحون ھميشہ اسان جي رهنمائي ڪنديون رهنديون.

(مئي 2020ع مھاڳ ڪھاڻي ڪتاب، روزاني ڪاوش حيدرآباد)