زوار نقويءَ فيشن طور نہ لکيو (نثار حسيني)
هونئن تہ مھاڳ جا ڪيترائي قسم آهن پر موجودھہ سنڌي ساهت ۾ ٽن قسمن جو رواج آهي تہ مان بہ هتي انھن مکيه ٽن قسمن جي باري ۾ مختصر نموني پڙهندڙن کي ڪجهہ ٻڌائيندس.
مھاڳ جو پھريون يا اصلوڪو قسم اهو آهي، جنھن کي ڪنھن نامياري برک نقاد، دانشور يا ليکڪ لکيو هجي. مھاڳ جي هن قسم ۾ گهڻو ڪري ليکڪ جي فن ۽ شخصيت تي گهٽ لکيو ويندو آهي پر مھاڳي پنھنجو پاڻ بابت ۽ پنھنجي ڄاڻ جي باري ۾ ڌاڪو وڌيڪ ڄمائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
مھاڳ جو ٻيو قسم جيڪو اڄڪلھہ شروع آهي، اهو آهي “مٽا سٽا وارو مھاڳ” يعني “تون مون تي لک مان توتي لکان“. يا “تون عظيم آن ۽ مان کي عظيم چئہ” يا “اي لوڪو اسان جي مھانتا کي مڃو” مھاڳ جو هي قسم تمام تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. ڏسجي تہ ڪٿي ٿو پھچي.
مھاڳ جو ٽيون قسم جيڪو مٿين ٻنھي قسمن کان نرالو بہ آهي ۽ اڄڪلھہ ڏاڍو تڪڙو ڦھلجي بہ رهيو آهي، سو آهي، “پنھنجين لکڻين تي پنھنجي ئي طرفان پاڻ مھاڳ لکڻ......” مان بہ زوار کي کوڙ ڀيرا انھيءَ قسم جي وڌندڙ ۽ تڪڙي مقبوليت حاصل ڪندڙ مھاڳ لکڻ جي صلاح ڏني ۽ چيو تہ هو پنھنجي ڪتاب جو مھاڳ پاڻ لکي ۽ مرتبو پائي، پر خبر ناهي زورآور زوار هر دفعي منھنجي انھيءَ سريلي صلاح کي ٺڪرائي ڇڏيو ۽ ضد ڪيائين تہ مان ئي کيس مھاڳ لکي ڏيان! مون کي سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ زوار کي انھيءَ پھرئين يعني پراڻي خارج ٿيل قسم جي مھاڳ لکرائڻ مان ڪھڙو فائدو پھچندو، سو بہ مان جھڙي اڻ ڄاڻ ماڻھوءَ کان! ڇوتہ مان جي مھاڳ لکڻ سان نہ تہ زوار جي شخصيت ۽ فن ايڏو بلند ٿي ويندا جو ماڻھو سندس ڪتاب کي اسٽالن تان قطارون ٻڌي خريد ڪندا ۽ نہ ئي وري مان سندس فن ۽ شخصيت جي اهڙي ڇنڊڇاڻ ڪندس جو هو ان کي مشعل بنائي، ان جي روشنيءَ ۾ پنھنجي لکڻين ۽ شخصيت کي اڳتي وڌائيندو ۽ سنواريندو. پر پوءِ بہ خبر ناهي زوار هرون ڀرون منھنجي ڪڍ ڇو آهي تہ صرف مان ئي سندس ڪتاب تي مھاڳ لکان!!
مان کيس اهو بہ چيو تہ زوار تنھنجو سيلف انٽرويو ئي تنھنجو ڪتاب جو سٺو مھاڳ ٿي سگهي ٿو، پر زوار اها ڳالھہ بہ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي، نتيجي ۾ سندس ڪتاب منھنجي مھاڳ نہ ملڻ جي صورت ۾ هڪ مھينو وڌيڪ ليٽ ٿي ويو ۽ ماڻھن جي تجسس ۾ انھيءَ هڪ مھيني جو وڌيڪ اضافو ٿي ويو، جيڪي کانئس ڪتاب جي اچڻ جو پڇي پڇي ٿڪجي پيا آهن ۽ هي پڻ بيزار ٿي پيو آهي، مان وري بہ آخري هڪ دفعو زوار کي گذارش ڪئي تہ هو پنھنجي ڪتاب جو مھاڳ پاڻ لکي ڇوتہ ائين ڪرڻ سان هو وڌيڪ فائدي ۾ ويندو، هڪ تہ اهڙي قسم جي مھاڳ جو رواج نئون آهي ۽ ڏينھون ڏينھن مقبول ٿي رهيو آهي. ٻيو تہ ائين ڪرڻ سان کيس ٻيا بہ ڪيترائي فائدا ملي ويندا. جھڙوڪ زوار پنھنجي ڇاتيءَ تي هٿ رکي وڏي واڪي پنھنجين لکڻين جي سلسلي ۾ چئي سگهندو تہ “ٻڌو اي لوڪو! اوهان لاءِ ئي مان پنھنجو ڪنڌ ڪپي ساڄي هٿ جي تريءَ تي سجائي رکيو آهي، سوني روپي سج سمان“....... ۽ هو اهو بہ چئي سگهي ٿو تہ “ لوڪو منھنجون هي لکڻيون......... انقلاب جو پھريون پل آهن ۽ اهي مون سچ سان لانئون لھي منصور جو محبوب بنجي اوهان لاءِ آنديون آهن“
...... پر زوار ۾ شايد اها جرئت نہ آهي جو هو اناالحق جي نعري هڻڻ کان ڪيٻائي ٿو، هو سج کي کاري جي هيٺان لڪائڻ کان گهٻرائي ٿو،...... ۽ انھيءَ ڪري هو باربار چئي رهيو آهي تہ مان ئي سندس مھاڳ لکان.
....... تہ لوڪو مان زوار جي انھيءَ ڪتاب جو مھاڳ لکان پيو: “....... تہ مان دعويٰ سان چوان ٿو تہ زوار هن ڪتاب ۾ ڪابہ ٻٽاڪ نہ هنئي آهي........ تہ زوار جون هن ڪتاب ۾ آيل سڀئي لکڻيون سندس پنھنجون آهن، ان ڪابہ چوري ڪانہ ڪئي آهي...... تہ زوار فيشن طور ڪونہ لکيو آهي، جنھن جو اڄڪلھہ چرچو عام آهي، جي ائين ڪري ها تہ سندس لکڻيون بہ فيشن ايبل هجن ها. زوار جو ڪجهہ لکيو آهي، اهو ڪچو ڦڪو ئي سھي ان ۾ ڏات ۽ ڏانءُ جي ڪمي ئي سھي پر هن پاڻ لکيو آهي ۽ هن پنھنجي ضرورت سمجهي لکيو آهي، جيڪا ضرورت سندس هر ڪھاڻي ۽ سيلف انٽرويو ۾ پڌري آهي ۽ اها ضرورت هر نئين ٽھيءَ جي ماڻھوءَ جي آهي ۽ زوار جي اها ضرورت “هوءَ” آهي، جيڪا سندس آئيڊيل آهي، آدرش آهي، زندگي آهي، جنھن جي لاءِ هو پنھنجو پاڻ کي ڪڏهن ماري ٿو، ڪڏهن جياري ٿو، سپنن ئي سپنن ۾،.......! پر “هوءَ “ آهي جيڪا زوار کان دور بہ ٿيندي وڃي پر زوار کيس زندگي او زندگي سڏيندو، کيس ماڻڻ جا جتن ڪندو اڳتي وڌي رهيو آهي...... ۽ اڳتي وڌيندو رهندو، جيسيتائين کيس ماڻي مھانتا نٿو ماڻي تيسيتائين ”
(1987ع ۾ شايع ٿيل سيد زوار نقوي جي ڪھاڻين جي ڪتاب “زندگي اور زندگي” تي لکيل مھاڳ)