درد جي هڪ ڪھاڻي (شيخ اياز)
شڪارپور جي ان شيخ شھرت جون اُهي سڀئي منزلون ماڻيون، جن جون ريکائون ٻالجتيءَ ۾ هن جي هٿ ترين تي ليئاڪا پائينديون رهنديون هيون. هن پنھنجي ٻالڪپڻي ۾ لکي در جي ان جوتشي جون اهي سڀئي ڳالھيون سچ ڪري ڏيکاريون، جن تي ڪڏهن ڪير اعتبار بہ نہ ڪندو هيو. ٻارهن ورهين جي عمر ۾ جڏهن ٻار اسڪول وڃڻ کان نٽائيندا آهن ۽ بلور، لغڙ، ونجهہ وٽي ۽ ڏائي کيڏڻ هنن جون پسنديده رانديون هونديون آهن، تڏهن ڪاليداس کان متاثر هي شاعر شڪارپور جي شاهي باغ ۾ ڪتاب پڙهندو ۽ شاعري ڪندو هيو ۽ انھيءَ سمي ڪنھن ٿي چيو تہ مبارڪ علي دور حاضر جو وڏي ۾ وڏو شاعر ٿيندو.
شڪارپور جي سڙڪن تي پنھنجي يادگيرين جا ياقوت ڇڏي پڙهڻ لاءِ غوراب جھڙي شھر ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيندڙ ايم اين راءِ جي ريڊيڪل ڊيموڪريٽڪ پارٽي کان متاثر حشو ڪيولراڻي جي ان دوست جي انھن ڏينھن واري اردو شاعري جڏهن سندس همعصرن جي ڪنن تي پئي تہ هن سميت سڀ ان ڳالھہ تي متفق ٿيا تہ شاعر پنھنجي فن کي منطقي نتيجي تي رڳو پنھنجي مادري زبان ۾ ئي پھچائي سگهندو آهي ۽ هو پنھنجي احساسن ۽ جذبن جو اظھار پنھنجي ئي ٻولي ۾ ڪري سگهي ٿو ۽ پوءِ ڪاڪاهو کان ڪاماهو تائين ادب جي افق تي هن جي شاعري جي انڊلٺ اڀري آئي. شاعري سان عشق ڪندڙ خوش ٿيا. ساڻس جک کائيندڙ ڪاوڙيا ۽ ٻيا عجب ۾ پئجي ويا، باقي سڄي سنڌ جهومي رهي هُئي. ڄڻ سرءُ جي موسم ۾ سرهين.
ڪراچي کان پوءِ سکر جي ڪوئينس روڊ، لب مھراڻ ۽ المنظر تي گذاريل وقت هن جي شاعري لاءِ بھار جي مند جھڙو ثابت ٿيو، جنھن ۾ هن جي خوابن جي جل پري هن جي شاعري مان جهاتيون پائڻ لڳي، “وڄون وسڻ آيون” کان وٺي “ڪلھي پاتم ڪينرو” تائين ان ٽھيءَ کي بر زبان ياد هوندو هيو ۽ رڌم تي جڏهن سندس شاعري آلاپجندي هُئي تہ “ڪامريڊن” کان وٺي “پيارن” تائين سڀني جي بت جا وار ڪانڊارجي ويندا هُئا ۽ هو ستارن سان جڳمڳائيندڙ رات جو قسم کڻي پنھنجي آدرشن سان پريم نڀائڻ جو وچن ڪندا هيا ۽ انھن ئي ڏينھن ۾ مائرن پنھنجي ٻارن جا نالا هن جي ناءُ پويان رکڻ شروع ڪيا هُئا. سچ بہ تہ هو هڪ اهڙو ديو مالائي ڪردار بڻجي ويو هيو. جيڪو فقط لوڪ ڪھاڻين ۾ نظر ايندو آهي ۽ پوءِ “سنڌ جو آواز، شيخ اياز، شيخ اياز” جا نعرا هڻندڙ نوجوان کيس ٽول پلازه کان مادر علمي جي تخلص سان اڃان مشھور نہ ٿيندڙ سنڌ يونيورسٽي ۾ وٺي آيا هيا ۽ پوءِ ڪنھن خراب خواب جيان اهو سمورو وقت هن کي راس نہ آيو. توڻي جو هو ان دوران “لڙيو سج لڪن ۾” لکي چڪو هيو، بقول ماهتاب محبوب جي، “ڪنھن قيمتي هيري يا پٿر جي ڀانءِ نہ پوڻ جيان وائيس چانسلري اياز کي کڻي راس نہ آئي پر گهٽ ۾ گهٽ ساڌن سان سنمک تہ پئنچن سان بہ پورا جھڙن دوست نما دشمنن جي ڄاڻ تہ کيس ڏيئي وئي، جيڪي پاڻ تہ سرخرو ٿي وڃي چوڏول چڙهيا، پر هن لاءِ ڄڻ ڏکن جو ڏيج ڇڏي ويا.”
سون جي تعداد ۾ پنھنجي پويان روئندڙ شاهڪار شعر ڇڏي ويندڙ ان شاعر کي اهو سرڪاري عھدو کڻي راس نہ آيو پر هن جو پنھنجي سنگ تان ويساھہ کڄي ويو، تڏهن تہ تازو فضلي سنز پاران سندس شاعري جي اردو ۾ ترجمو ڪري ڇپايل ڪتاب جي مهڙ ۾ سندس هي سٽون ڏنيون ويون آهن، جيڪي هن جي دل جي ڪيفيت جي ترجماني ڪن ٿيون:
“اگر ڪوئي مجهہ سي ڪھي ڪي،
ڊڪشنري سي تم ڪوئي لفظ نڪال دو،
تو مين دوستي لفظ نڪال دون.”
لڳ ڀڳ مني صدي کي پنھنجي اکين سان ڏسندڙ گيتا راج جي ان دوست جو من وان گاگ وانگر ديوانو ۽ ماياڪو وسڪيءَ وانگر بيوس هوندو هيو، تڏهن اعتبار جي صليب تي لفظن جا زخم کائيندي نظمن جا ڳوڙها ڳاڙيندو هيو. ڪير مڃي يا نہ مڃي پر اها حقيقت آهي تہ ساڌن هن جي روپوشي وارن ڏکين ڏينھن ۾ اهو چئي هن لاءِ پنھنجي گهر جا در بند ڪري ڇڏيا هيا تہ “اوهان ڏاڍا وڏا ماڻھو آهيو ۽ منھنجو گهر ڏاڍو ننڍڙو آهي.” سندس درد جي اها ڪھاڻي رڳو اتي اچي ڪونہ ٿي فل اسٽاپ ٿئي پر “ڀڄ ڀٽائي گهوٽ، ثاني آيا سنڌ ۾” جھڙا طنزيہ شعر بہ هن جي لاءِ سرجيا ويا، جن سان هن شاعر جو من گهايل ٿي پيو ۽ ڪڏهن پنھنجن جيڏن سان ٻٽا ٻٽا ٽھڪ ڏيندڙ ائين خاموش ٿي ويو، ڄڻ ڪارونجهر!
هن جي زخمن تي وقت پنھنجا پھا رکندو رهيو ۽ بظاهر هو ڏسڻ ۾ ٺيڪ ايندو هيو پر اصل ۾ هن جو اندر کاڄندو ۽ کامندو ويو. ڪالھہ جن هن کي ڏسي ريڊ اينڊوائيٽ ڇڪڻ شروع ڪيو هيو. جيئن هو فقط محسوس ڪري سگهي تہ هن جي ۽ هنن جي پسند هڪ جھڙي آهي، بدلجندڙ وقت سان گڏ هو هڪ هڪ ٿي هن کان الڳ ٿيندا ويا ۽ پوءِ هن سگريٽن کي ڇڏي ڏنو هيو ۽ دوستن هن کي!
“يہ فتنہ آدمي ڪي خانہ ويراني ڪو ڪم ڪيا هي،
هوئي تم دوست جس ڪي، دشمن اس ڪا آسمان ڪيون هو،”
(غالب)
جيڪڏهن هن سان ايترو پيار سندس حياتي ۾ ئي ڪيو وڃي ها، جيترو سندس مرڻ کان پوءِ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي، تہ شايد هو من جي شانتيءَ جي ڪري ڪُجهہ وقت ٻيو بہ جي سگهي ها ۽ هو سنڌي شاعريءَ کي اڃان بہ وڌيڪ شھپارا ڏئي سگهي ها پر هن تہ پاڻ ئي چيو هيو:
“آئون اڪيلو سامھون سٿ،
خنجر خنجر ڪيئي هٿ.”
اڄ بہ هن جي مرتئي کان پوءِ هن جي قبر اڏائڻ سان گڏ هن جي ڇپيل شاعري، ڇپائي ڇا ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟ ڇا سندس شاعري کي دنيا جي ٻين سڌريل ۽ شاهوڪار ٻولين ۾ ترجمو ڪري سڄي دنيا کي اهو نٿو ٻُڌائي سگهجي تہ ايڪويھين صدي ۾ داخل ٿيندڙ سنڌ وٽ هيڏو وڏو شاعر موجود هيو؟ پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ اهو سڀ ڪجهہ ڪري تہ ڪير ڪري؟ هتي فقط ٻئي جي نالي جي پويان پنھنجو نالو چنبڙائي پنھنجو قد ڪاٺ وڌائڻ جو رواج پئجي ويو آهي. ان لاءِ جيستائين اهي نفسياتي مسئلا حل نٿا ٿين. تيستائين ڪا توقع رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي پر پوءِ بہ اهڙين حالتن ۾ اسان پنھنجي ان محبوب شاعر کي پنھنجي دل جي ستور سان بي انتھا پيار ڪيون ٿا ۽ شايد اسان لاءِ اهو ئي ڪافي آهي تہ اسان ساڻس عشق ڪندڙ آهيون.
“بادلون ڪي ڇائون ۾ ڪيا بات ٿي،
ياد جانان بار بار آني لگي.”
(مير عبدالحسين سانگي)
(28 ڊسمبر 1998ع روزاني ڪاوش حيدرآباد)