ستار سروهي (ستارن جي پلئہ ۾ پلجندڙ شاعري)
هائيڪو جاپاني شاعري جي خوبصورت صنف آهي.جيڪا سنڌي ۾ سڀ کان پھرين تہ نارائڻ شيام متعارف ڪرائي پر پوءِ ان تي شيخ اياز، شمشيرالحيدري ، امداد حسيني، طارق عالم، مولابخش چانڊيو، جاويد سوز هالائي ۽ وسيم سومرو تائين جي جديد شاعرن خوبصورت هائيڪا تخليق ڪيا آهن.
زير نظر ڪتاب “سمنڊ، آئون ، سپون” اسان جي نوجوان دوست ۽ سنڌي ٻولي جي نھايت ئي خوبصورت شاعر ستار سروهي جي هائيڪن تي مشتمل آهي.هو جيڪو پنھنجي اندر ۾ هڪ فقير منش شخصيت جو مالڪ آهي.جنھن جي فڪري اوسر سندس والد بزرگوار ۽ منھنجي عزيز شخصيت صوفي فقير عبدالحق سروهي جي هٿن ۾ ٿي. جنھن جي سٻاجهڙي شخصيت جو اثر هن جي لائق پٽن ۽ پوٽن تي بہ چٽو نظر اچي ٿو. صوفي فقير عبدالحق شاھہ عبداللطيف ڀٽائي کان ويندي چيزل سائين تائين جي سمورن بزرگن جي شاعري جو سچو عاشق ۽ تصوف جو پرچارڪ هو.فقير عبدالحق صوفي فقير جي تصوير جو حقيقي عڪس ۽ اولڙو هيو ۽ سندس من “هو چونئي تون مَ چئو، واتان ورائي” جي مصداق هر وقت پيو پنھنجي رب سائين جي تنوار تنواريندو هو. سندس من پنھنجي نفي ۽ مقصد جي حصول جا خواب اُڻندو رهندو هو. اها سندن ئي پرورش هئي جو سندن خانوادي جا سڀئي دوست پنھنجو مٽ پاڻ آهن. هي دوست وڏ ماڻهپائپ، غرور ۽ تڪبر جهڙين بيمارين کان ڪوهين ميل ڏور “ سڀ جو ڀلو، سڀ جو خير” آهن. جيڪڏهن مونکي ڪير چوي تہ شرافت جي تصوير ٺاهي ڏيکار تہ مان صوفي فقير عبدالحق جي خانوادي جي ڪنھن بہ فرد کي وٺي اچي سندس آڏو بيھاريان. سچ تہ فقير عبدالحق جي وڏي فرزند ۽ ستار جي وڏي ڀاءُ عبدالرزاق سروهي سان جڏهن محبت جو رشتو جڙيو هو تہ ان مان بہ اها ئي سُٻنڌ آئي هئي. رزاق سروهي جو شمار سنڌ جي انھن چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن صحافين ۾ ٿئي ٿو، جن جو مان قابليت، ايمانداري ۽ سھڻي سڀاءَ جي ڪري دل جي ستور سان احترام ڪندو آهيان.
ستار سروهي جي ڪتاب ۾ شامل هي هائيڪا سندس چھري جيان معصوم ۽ هن جي دل جيان نھايت حسين آهن.هي، جيڪو اکين، هٿن ۽ دل جو صاف سٿرو شخص آهي، اهو ئي عڪس سندس هنن هائيڪن ۾ ڏسي سگهجي ٿو.هن جا هي هائيڪا ٻوٽيل اکين ۾ جاڳندڙ خوابن جيان آهن. جيڪي حسين بہ آهن تہ خوبصورت به! جيڪي ڪيفيتن کي تبديل ڪرڻ جو هُنر بہ رکن ٿا تہ سگهہ به! ۽ سچ تہ جنھن شاعريءَ ۾ ڪيفيتن کي تبديل ڪرڻ جو هُنر ۽ سگهہ ناهي تہ اها ٻيو تہ سڀ ڪجهہ ٿي سگهي ٿي پر شاعري نہ!.
سمور جھڙي سُپرين جي دل ۾ لھي ويندڙ نگاهن جھڙا ستار سروهي جا تخليق ڪيل هائيڪا سنڌ جي سينڌ تي طلوع ٿيندڙ سج جي پھرين ڪرڻي جي مانند آهن.جيڪي جديد سنڌي شاعري جي هائيڪن واري تاريخ ۾ منفرد ۽ مٿانھون مقام ماڻيندا. جنھن کي سنڌ سالن تائين ڪنھن خوبصورت خوشبوءِ جيان ياد رکندي. جيئن هي هائيڪا آهن:
“سمنڊ، آئون، سپون
ڪير نہ سمجهي ٿو سگهي
پيار ۽ پروليون”
ستار سروهي جا هائيڪا هڪ ئي وقت مختلف ڪيفيتن جو مظھر آهن.
“اکڙين مان سپنو
اڏري ويو ٽاريءَ تان
ڄڻ ڪو پکيئڙو.”
ڪنھن مھل وري هن جي اندر ۾ ويٺل پورهيتن سان پيار ڪندڙ انسان دوست شاعر چوي ٿو تہ:
“پورهيت ننڍڙو ٻار
هٿ ۾ مانيءَ جو گِرنھن
اک ۾ لڙڪن لارَ!”
ستار سروهي وٽ مشاهدي جي ڪمال واري اک آهي. پنھنجي اندر جي تڙپ کي ڪيئن خوبصورت نموني چٽي ماڻھن تائين پھچائجي، اهو هنر ستار سروهي خوب ڄاڻي ٿو. هي هائيڪا پنھنجي اندر ۾ ڪيتري گونا گونيت رکن ٿا. ڪيترو اسرار رکن ٿا، ڪيترو حسن رکن ٿا؟ اهو هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ئي ڪير محسوس ڪري سگهندو، ڇو تہ هنن هائيڪن ۾ ستار پنھنجي اک سان بيشمار منظر چٽي انھن کي لفظن جو روپ ڏئي اسان آڏو پيش ڪيو آهي.مڪمل احساسن ۽ جذبن سان ڀريل هنن هائيڪن ۾ تجنيس حرفي بہ نظر اچي ٿي تہ تشبيھون بہ.جيڪي شعر جي حسن کي نہ رڳو اڃا بہ وڌيڪ خوبصورت بڻائين ٿيون پر انھن ۾ رڌم ۽ موسيقيت بہ پيدا ڪن ٿيون.
“مُکَ تي موهيئڙا
سکي ڄڻ سمونڊ تي
ويٺا پکيئڙا.”
*
“ٽھڪن جو ٽولو،
يونيءَ جي ڇوڪرين کي
ڀئو نہ ڪي ڀولو.”
*
“هيءُ ڪھڙو پيغام؟
ناهي منھنجي ديس ۾
پکيئڙن لئہ لامَ.”
*
“ٻالڪ اڌ ننگو،
هٿ ۾ لغڙ ڏور ۽
پويان پيءُ جڏو.”
*
“پوائنٽ ۾ بيھڻ،
الا! وسري ئي نہ ٿو
تنھنجو ڳالھائڻ.”
*
ستار سروهي جا هي هائيڪا سندس وسيع مشاهدي ۽ وسيع مطالعي جو نچوڙ آهن.جيڪي پنھنجي پوريءَ سگهہ سان بھار جي رُت جيان پڙهندڙ جي دلين کي ڇھن ٿا. هائيڪن ۾ جتي هن پنھنجي دل جي داخلي ڪيفيتن جو اظھار ڪيو آهي اتي هن خارجي ڪيفيتن، سماجي اٿل پٿل، ناانصافين، انياءَ ۽ عوامي مسئلن تي بہ زبردست نموني سان اظھاريو آهي.نہ رڳو ايترو پر هن ميرا ڪوئي ديس نھين، ميرا ديس جهان” جيان هن دنيا جي دُکن، سورن، دردن ۽ پيڙائن کي پنھنجا درد محسوس ڪندي بين الاقوامي مسئلن کي بہ پنھنجي درد جي احساسن جي ڳنڍ ڏئي ڇڏي آهي. جنھن جو اظھار سندس ڪيترن ئي هائيڪن م ملي ٿو.
“شامي ٻالڪڙا
بارودن جي ڍير تي
ڄڻ ڪي ڪاغذڙا.”
*
“بم جا ڌماڪا،
اڏريا ڪک پن جيئن
ماڻھن جا لاشا.”
ستار جا هائيڪا پڙهڻ کانپوءِ ائين لڳي ٿو تہ هي حسن جو شاعر آهي. هي درد جو شاعر آهي. هي اوجاڳن ۽ خوابن جو شاعر آهي. هيءُ پٿريلن رستن جو مسافر آهي. اهي يونيءَ جا پٿريلا رستا هجن يا وري زندگي جو سفر.....هي الهڙ جوانين جا درد بہ لکڻ ڄاڻي ٿو تہ پوپٽن ۽ ڀنڀورين جي رنگن جھڙا هائيڪا بہ سندس سڃاڻپ بڻجي وڃن ٿا. هن جي هائيڪن ۾ تصوف جو رنگ بہ آهي تہ مزاحمت جو عڪس بہ. هن پنھنجي قلم سان سماج جي انھن اوڻاين ۽ اڪيلاين جو بہ اظھار ڪيو آهي، جنھن جو اظھار عام طور تي هائيڪي جھڙي صنف ۾ ڪرڻ عام شاعر لاءِ مشڪل بڻجي ويندو آهي پر ستار وٽ ٿورن لفظن ۾ گهڻي ۽ وڏي ڳالھہ ڪرڻ جو بہ ڪمال فن آهي. جنھن جو منظر سندس هيٺيان هائيڪا ڀرپور نموني پيش ڪن ٿا.
“پوکي ٽھڪ الا!
لڻندا ئي ويا سي،
ڳوڙها ئي ڳوڙها!”
*
“ڳوڙهن جون ڳالھيون،
هيڏي ساري گهر ۾
پوڙهن جون ڳالھيون.”
*
“چانڊوڪيءَ چولي،
ڪيڏي سھڻي ٿي لڳي
تارن جي ٽولي.”
*
“رقص سنبارا جو،
منھنجي من ۾ آهي ڄڻ
عڪس سنبارا جو.”
*
“سمبارا سڏڪي،
منھنجون نانءُ پڪاريو
آئي جو هڏڪي.”
*
“ڪنگ پريسٽ ۽ مان،
اوچو ڳاٽ عالم ۾
موهن دڙي تان..”
*
“پٿريلو رستو،
وڻ نہ ڪائي ڇانو آ
ڪونھي ڪو پنھنجو.”
*
“ڳالھايون ڪنھن سان،
ماڻھو ماڻھوءَ کان خفا
ملون ٿا جنھن سان. ”
سچ تہ ستار سروهي جا هائيڪا پڙهڻ کانپوءِ ان ڳالھہ جو شدت سان احساس ٿئي ٿو تہ هن وٽ پيار جو احساس زندگيءَ جي خوبصورت خواب جيان آهي. جنھن ۾ خوشيون بہ آهن تہ خلش به! ۽ ٻيو احساس اهو ٿئي ٿو تہ هائيڪي جو جيڪڏهن حق ادا ڪجي تہ بلڪل ائين ئي لکجي جيئن ستار سروهي هائيڪا لکيا آهن، نہ تہ لکجن ئي نہ!!
(ستار سروهي جي هائيڪن جي مجموعي “سمنڊ، آئون، سپيون” لاءِ لکيل مھاڳ)