هَل مِن ناصِر يَنصُرنا (آهي ڪو منھنجي مدد ڪري!)
“ڪربلا جي پڙ ۾ خيما کوڙيائون،
جهيڙو يزيد سين جنبي جوٽيائون،
منھن نہ موڙيائون پسي تاءُ ترار جو.”
اڃان جڏهن جنگ شروع نہ ٿي هئي تہ نہ معلوم حضرت امام حسين عليہ السلام کي ڪھڙو خيال آيو جو پاڻ پنھنجي گهوڙي کي اڙي هڻي، لشڪر يزيد آڏو آيا، شايد تاج امامت پنھنجي حجت پوري ڪرڻ ٿي چاهي ۽ پوءِ پاڻ بلند آواز ۾ مخاطب ٿيندي چيائون، “اي لوڪو! منھنجي ڳالھہ ٻڌو ۽ منھنجي قتل ۾ جلدي نہ ڪيو، جيئن آءٌ پاڻ تي واجب حق نصيحت ادا ڪري وٺان ۽ هتي اچڻ جا سبب اوهان جي سامھون بيان ڪري سگهان ۽ جيڪڏهن اوهان منھنجا جواب قبول ڪيا۽ منھنجي قول جي تصديق ڪئي ۽ منھنجي معاملي ۾ دادِ انصاف ڏنو، تہ ان جي ڪري اوهان نيڪ ٿي ويندو ۽ مون تي ظلم ڪرڻ جو رستو نہ ملندو ۽ جيڪڏهن اوهان منھنجن جوابن کي قبول نہ ڪيو ۽ انصاف جي طريقي کي اختيار نہ ڪيو تہ اوهان پنھنجي ڪم کي درست ۽ پاڻ سان گڏ شامل ٻين شخصن کي گڏ ڪيو، جيئن اوهان تي اهو ڪم ۽ ان جي حقيقت لڪل نہ رهي ۽ پوءِ اوهان کي جيڪي مون سان ڪرڻو هجي، اهو ڪيو ۽ مونکي مھلت نہ ڏيو. منھنجو ولي اهو خدا آهي جنھن قرآن نازل ڪيو ۽ صالحين کي دوست رکي ٿو.
تاريخ لکي ٿي تہ فصيح ۽ بليغ ابنِ علي ابنِ ابي طالب جا اهي خطبا جاري هيا ۽ هنن جا ڪنڌ شرم ۾ جهڪي ويا هئا، هنن تي سڪتو طاري ٿي چڪو هيو تہ عمر سعد پنھنجي لشڪر وارن کي زور زور سان پڪاري چوڻ لڳو تہ، “هاڻي دير نہ ڪريو ۽ حسين عہ ۽ اصحاب حسين عہ تي حملو ڪيو.” ۽ پوءِ ڪربلا جي ميدان ۾ جنگ شروع ٿي وئي ۽ حضرت امام حسين عليہ السلام جا جانثار شھيد ٿيندا ويا ۽ حضرت امام حسين عليہ السلام مقتل گاھہ مان لاش کڻندا خيمن ۾ رکندا ٿي ويا تہ اوچتو اهڙو لمحو آيو جو سيرت ۽ صورت ۾ رسالت ماب صہ سان سڀني کان وڌيڪ مشابھت رکندڙ ارڙنھن ورهين جو جوان حضرت علي اڪبر ابنِ حسين عہ خيمن مان رخصت ٿيڻ لاءِ اجازت وٺڻ اچن ٿا تہ حرم سرا ۾ڪھرام برپا ٿي وڃي ٿو ۽ مظلوم امام غمگينيءَ سان پنھنجي هٿن سان کين سينگارين ٿا، کين حضرت علي عہ جي تلوار ڏين ٿا ۽ رسول پاڪ صہ جي زرھہ ۽ عمامو پارائي آلين اکين سان جڏهن عقاب نالي گهوڙي تي سوار ڪري الوداع ڪيو ٿو وڃي ۽ جڏهن پاڻ ميدانِ جنگ ۾ پھچي رجز پڙهن ٿا ۽ جنگ شروع ٿئي ٿي تہ وقت جو مورخ لکي ٿو تہ جنھن وقت هن شھزادي طارق بن شيش، عمر طارق، طلحہ بن طارق، مصرع بن غالب جھڙن بھادرن کي موت جي منھن ۾ اڇلائي ڇڏيو پر پياس جي شدت کين ميدانِ جنگ کان خيمن ڏي وٺي وئي ۽ پاڻ نھايت ئي عاجزي ۽ نماڻائيءَ مان حق جي امام عہ کي چيائون، “بابا جان اُڃ ڏاڍي تڪليف ٿي ڏي”، تاريخ لکي ٿي تہ اڃان پاڻ جملو پورو ڪيو هيائون تہ سالارِ قافلي ورندي ڏني هئي تہ “پٽ! صبر ڪر!! ٿوري دير ۾ توکي تنھنجو نانا پاڻي پياريندو،” اهو جواب ٻڌڻ هيو تہ حضرت علي اڪبر هڪ ڀيرو ٻيھر ميدان ۾ اچن ٿا ۽ هڪ ٻئي پويان ٻہ سئو چار ڪوفين کي جھنم حوالي ڪن ٿا تہ منقذ بن مرہ عبديءَ جو نيزو سندن معصوم سيني ۾ پيوست ٿي وڃي ٿو ۽ سندس زبان مبارڪ مان بي ساختہ طور “يا ابتاہ ادرڪني، يا ابتاہ ادرڪني” جون صدائون بلند ٿين ٿيون. خيمن ۾ ننڍڙن ننڍڙن ٻارن کي ٽن ڏينھن جي اڃ بيتاب ڪري رهي هئي ۽ چئني پاسن کان “العطش، العطش” جون صدائون اچي رهيون هيون، اڃايل ٻارڙن جي انھن آوازن حسيني لشڪر جي علمبردار کي بي چين ڪري ڇڏيو ۽ تاريخ لکي ٿي تہ جڏهن پاڻ دشمن جي فوج جي ڪٽڪن سان مقابلا ڪندا فرات نديءَ تائين پھتا ۽ ٽن ڏينھن جي اڃ جي شدت ڪري پنھنجي هٿن جي ٻڪن ۾ پاڻي ڀريائون تہ کين پنھنجي آقا حسين عہ ابنِ علي عہ جي سيني تي سمھڻ واري معصوم نياڻي بي بي سڪينہ جي اُڃ ۽ بني هاشم گهراڻي جي خيمن جي درن تي پاڻيءَ لاءِ ٿانو کڻي بيٺل ٻارن جا مرجهايل چھرا، خشڪ چپ ۽ وکريل ۽ اڻڀا وار، خاڪ سان ڀريل ڪپڙا ۽ اکين ۾ آس جون ٻرندڙ ڏياٽيون ياد اچي وڃن ٿيون ۽ پاڻ پنھنجي هٿن جي ٻڪن کي کولي ٿا ڇڏين ۽ پاڻي هڪ ئي پل ۾ فرات نديءَ ۾ ڪِري ٿو پوي ۽ پاڻ خيمن ۾ پاڻي پھچائڻ کان پھريان جامِ شھادت نوش ٿا فرمائين.
سج آسمان جي اولھہ طرف وڌڻ شروع ڪيوآهي، ڪربلا جي ريت تپي ٽامو ٿي چڪي آهي، حضرت حسين عہ جا سڀئي اصحاب ۽ احباب هڪ هڪ ٿيندا شھيد ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي مردن مان فقط حضرت علي زين العابدين عہ بيماريءَ جي بستري تي نيم بيھوشيءَ جي حالت ۾ سمھيل آهن ۽ سندن سيرانديءَ کان سندن معصوم پٽ حضرت محمد باقر عہ ويٺل آهن. سيدن جي خيمن مان هڪ خيمي ۾ ڇھن مھينن جو صغير ٻار اڃ ۽ بک جي ڪري تڙپي رهيو آهي ۽ هاڻي فقط حضرت امام حسين عليہ السلام ئي وڃي بچيا هئا، جن کي دين جي بقا لاءِ پنھنجي خون جو نظرانو پيش ڪرڻو هيو.
تاريخ لکي ٿي تہ جڏهن حضرت امام حسين عليہ السلام خيمي کان ميدانِ جنگ ۾ آيا آهن ۽ هڪ لمحي لاءِ چئني طرفن کان دشمن جي بيٺل لشڪر جي ڪٽڪن تي نظر وڌي اٿن ۽ پوءِ سڀن سان مخاطب ٿي کين هدايت ۽ نصيحت لاءِ خطبا چيا اٿن، پاڻ خطبا چئي چند لمحن لاءِ خاموش ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ حجت تمام ڪرڻ لاءِ، “هل من ناصر ينصرنا، هل من ناصر ينصرنا” “آهي ڪو جو منھنجي مدد ڪري، آهي ڪو جو منھنجي مدد ڪري” جون صدائون بلند ڪن ٿا تہ تاريخ جي ڪتابن ۾ لکيل آهي، زعفر جن پنھنجي ساٿين سميت سندن مدد لاءِ پھچي وڃي ٿو، مگر پاڻ کيس دعائون ڏئي واپس ڪندي چون ٿا تہ، “اي زعفر! مون کي شھادت جي سعادت حاصل ڪرڻي آهي پر فقط حجت پوري ڪرڻ لاءِ اها صدا بلند ڪئي اٿم جيئن هنن وٽ منھنجي مدد نہ ڪرڻ جو ڪو بھانو نہ رهي” ۽ پوءِ پاڻ خيمن ڏي نگاھہ ڪئي اٿئون تہ سيدزادين جي آھہ و زاريءَ جا آواز سندن ڪنن سان ٽڪرايا آهن، جيڪي صدا تي روئي رهيون هيون، پاڻ اها صورتحال ڏسي مستورات کي آٿت ڏيڻ لاءِ پنھنجي گهوڙي کي خيمن ڏي موڙي ٿا ڇڏين ۽ پوءِ خيمن ۾ سڀن کي نصيحتون ۽ هدايتون ڪرڻ لڳن ٿا ۽ ائين ئي آٿتون ڏيندا، جڏهن هڪ خيمي ۾ پھچن ٿا تہ ڇھن مھينن جي معصوم حضرت علي اصغر جي اڃ جي شدت جي ڪري بي حالي ڪنھن کان ڏٺي نٿي ٿي، هو اڃ ۽ بک جي شدت جي ڪري تڙپي رهيو هو پر سندس والدہ ماجدہ کيس کير پيارڻ کان لاچار آهي، ڇاڪاڻ جو معصوم جو والد بزرگوار کيس پاڻي پيارڻ کان مجبور هيا.
هڪڙي لمحي لاءِ خبر ناهي تہ ڪھڙو خيال ايندي ئي حضرت امام حسين عليہ السلام اُمہ المصائب حضرت بي بي زينب سلام ﷲ عليہا کي چيو تہ “ڀيڻ اصغر مون کي کڻي ڏيو! آئون هنن تي آخري حجت پوري ڪرڻ ٿو چاهيان” ۽ پوءِ معصوم علي اصغر کي سندن آغوش ۾ ڏنو وڃي ٿو ۽ نہ معلوم ڇو اهو ننڍڙو معصوم ٻارڙو پنھنجي پدر بزرگوار جي هنج ۾ ايندي ئي خاموش ٿي وڃي ٿو، ڄڻ هن ابدي سڪون پنھنجي اکين سان ڏسي ۽ دل سان قبول ڪري ورتو هو ۽ پوءِ تاريخ لکيو تہ حضرت امام حسين عليہ السلام هڪ نظر معصوم ٻارڙي تي وڌي ۽ ٻي نظر مقتل گاھہ تي!! ۽ پوءِ پاڻ آهستي آهستي مقتل گاھہ ۾ آيا ۽ هڪ دڙي تي چڙهي بيٺا ۽ لشڪرِ يزيد سان مخاطب ٿيندي چيائون، “ڏسو! آءٌ پنھنجي ڇھن مھينن جي معصوم پٽ کي پاڻي پيارڻ لاءِ اوهان وٽ کڻي آيو آهيان، خيمن ۾ پاڻيءَ جي نہ هئڻ جي ڪري هن جي والدہ جي ٿڃ خشڪ ٿي چڪي آهي ۽ هن جي زبان سڪي وئي آهي، خدارا هن کي پاڻي پياري هن جي زندگيءَ کي بچائي وٺو. ۽ ٻڌو! اوهان جي ناقص عقل ۾ جيڪڏهن آئون اوهان جو خطادار ٿي سگهان ٿو ليڪن هي تہ معصوم آهي، هي تہ بي خطا آهي،” اڃان پاڻ ايترو مس چيو هيائون تہ لشڪرِ يزيد ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي، شقي القلب لشڪرين روئي ڏنو، جڏهن ابنِ سعد پنھنجي لشڪر جي اها حالت ڏٺي تہ هن فوري طور تي حرملا ابنِ ڪاهل کي حڪم ڏنو “اقطع ڪلام الحسين عہ” يعني حسين عہ جي ڪلام کي تير جي نوڪ سان خاموش ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ هن تير ڪمان ۾ وڌو ۽ معصوم حضرت علي اصغر جي گلي جو نشان ورتائين ۽ هڪ لمحي کان پوءِ تير حضرت علي اصغر جي گلي مان ٿيندو حضرت امام حسين عليہ السلام جي ٻانھن ۾ وڃي لڳو، معصوم هڪ هڏڪي ڏني، هن جون اکيون ٻوٽجي ويون ۽ هن جي زبان دهن ۾ خاموش ٿي وئي ۽ سندس گلي مان وهندڙ خون سان امام پاڪ عہ جا هٿ ڀرجي ويا ۽ پوءِ پاڻ اهو خون پنھنجي چھري مبارڪ تي هڻي ڇڏيائون ۽ پنھنجو چھرو مبارڪ آسمان ڏي کڻي چيائون، “آئون ان طرح پنھنجي جد نامدار حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وآلہ و صلعم جن جي خدمت ۾ ويندس” ۽ پوءِ پاڻ مقتل کان ٿورو پرڀرو تلوار سان هڪ ننڍڙي قبر کوٽي ان ۾ حضرت علي اصغر کي دفن ڪري ڇڏيائون، ڪربلا جي تاريخ لکي ٿي تہ ڪربلا جو پھريون شھيد هيو، جنھن جي لاش خيمن جي طرف نہ آندي وئي، ها! شايد سيد زادين ۾ ان لاش ڏسڻ جي سگهہ نہ هئي، ها! شايد سندن اکيون هن درد کي ڏسي نٿي سگهيون.
حضرت امام حسين عليہ السلام مقتل گاھہ کان خيمن جي طرف اچن ٿا ۽ پوءِ پاڻ اسم اعظم ۽ ٻين انبيا جي تاريخي ورثي واريون شيون بيمارِ ڪربلا امام زين العابدين عہ جي سپرد ڪن ٿا ۽ پوءِ خيمن ۾ جيڪي بہ مستورات ۽ يتيم ٻار موجود هئا، انھن سڀني کي گهرائي بلند آواز ۾ چون ٿا، “منھنجو فرزند علي زين العابدين اوهان تي منھنجو خليفو آهي ۽ هو مونکان پوءِ وقت جو امام آهي، جنھن جي اطاعت اوهان تي فرض ۽ لازم آهي.” پوءِ پاڻ پراڻو لباس پائي، ان جي مٿان رسولِ خدا صہ جي چادر پائن ٿا، ڪاراڻ مائل رنگ واري قيمتي ڪپڙي جو جبو مبارڪ اوڍين ٿا ۽ عمامو سرِ اقدس تي رکن ٿا، رسول پاڪ جي زرھہ بدن تي سينگارين ٿا ۽ هٿ ۾ حمائل ۽ تلوار کڻن ٿا ۽ آخري ڀيرو حسرت ڀرين نگاهن سان خيمي ۾ موجود اهلِ خانہ کي ڏسن ٿا ۽ پوءِ بلند آواز سان چون ٿا، “يا زينب! يا امِ ڪلثوم، يا فاطمہ يا رباب يا سڪينہ عليڪن مني سلام، سلام اي بيبيو! الوداع، اي! ڀينرو، ڌيئرو، بيبيو الوداع الوداع. هي منھنجي آخري ملاقات آهي، خدا تعاليٰ اوهان جو حامي ۽ مددگار آهي، ڀيڻ زينب! هر مصبت ۽ تڪليف جي گهڙيءَ ۾ خدا تعاليٰ کي ياد رکجانءِ. پنھنجي رحيم ۽ ڪريم خالق کي نہ وسارجان ءِ. اي ڀيڻ زينب! هي يتيم ٻار ۽ اسير اهلبيتن جو قافلو توسان گڏ آهي.”
۽ پوءِ پاڻ ميدانِ جنگ ۾ اچن ٿا ۽ لشڪرِ يزيد مان هڪ هڪ ٿيندو سندن مدِمقابل اچي ٿو ۽ فناءَ جھنم ٿئي ٿو، اها حالت ڏسي، ابنِ سعد مٿن حملي ڪرڻ جو حڪم صادر ڪري ٿو، پاڻ مٿائن ٿيندڙ حملي جو مقابلو ڪندي جوابي حملو ڪن ٿا. پھريون، ٻيو ۽ ٽيون حملو، تاريخ لکي ٿي تہ حسين ابنِ علي عہ جي ٽئين حملي کان پوءِ لشڪرِ يزيد کي ڪوفي جي بازار ۾ ڀڄندي ڏٺو ويو ۽ پوءِ ڪوفين ۽ شامين ڪنن ۾ سرٻاٽيون ڪندي چيو: بس! هاڻي حضرت شھيد ٿيڻو آهي، ڇاڪاڻ تہ رسولِ خدا صہ چيو هو تہ حسين ٽي حملا ڪندو ۽ اهو ٽيون حملو هو ۽ پوءِ حضرت امام حسين عليہ السلام کي بارگاھہ الاهي مان غيبي الھام ٿيو تہ هاڻي وعدي وفائيءَ جو وقت اچي ويو آهي ۽ پوءِ پاڻ تلوار مياڻ ۾ رکي ڇڏيائون ۽ هر طرف کان مٿن تيرن، نيزن ۽ بڙڇين سان حملا ٿيڻ شروع ٿي ويا ۽ ٿوري دير ۾ پاڻ زين کان زمين تي آيا ۽ شمر کين شھيد ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو تہ پاڻ ساڻس مخاطب ٿيندي چيائون تہ، “اي! شمر نماز جو وقت ٿي ويو آهي، مون کي نماز پڙهڻ ڏي” پاڻ اڃان پھرين سجدي ۾ ويا هئا تہ شمر کين شھيد ڪري ڇڏيو. تاريخ لکي ٿي تہ ان وقت اوندھہ انڌوڪار ٿي وئي، سج کي گرهڻ لڳي ويو جو ڏينھن جو تارا نظر اچڻ لڳا، فرات نديءَ جو پاڻي اڇلجڻ لڳو، راوي روايت ڪري ٿو تہ، “مون حسين عليہ السلام جي لاش مبارڪ کي شھادت کان پوءِ ڏٺو، سڄو جسم رت ۾ غلطان هو، ٻيو ڪوبہ شھيد اهڙو رت ۾ غلطان نہ هو، جھڙا پاڻ هئا ۽ سندن جسد اطھرجو نور مبارڪ آسمان تائين روشن هو: نمازِ عشق ہوتی ہے، ادا محرابِ خنجر میں.
سج اولھہ ڏي پنھنجو پاسو ڦيري ٿو، نينوا جي تتل زمين ٿڌي ٿيڻ شروع ٿئي ٿي، حق ۽ باطل جي وچ ۾ شروع ٿيل جنگ پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھچي ٿي. تڏهن تہ انصاف جي تاريخ اڄ بہ چوي ٿي تہ ازل کان ابد تائين حق ۽ باطل جي وچ ۾ شروع ٿيل جنگ جي انتھا يومِ عاشور تي ڪربلا ۾ ٿي. جتي حضرت حسين ابنِ علي ٽن ڏينھن جي اڃ ۽ بک تي پنھنجن احبابن ۽ اصحابن جي جان جو نذرانو ڏئي، ان کي فتح جي چائنٺ تي اچي بيھاريو. ڪنج بھاري ايڊوڪيٽ لکي ٿو تہ، “اي ڪربلا جي جاءِ توتي خدا جون هزارين رحمتون هجن جو تنھنجي سيني ۾ خدا جي مقدس امانت دفن ٿيل آهي، تنھنجي ذرڙن تي معصوم خون جا ڦوهارا آهن!”
“حسن عہ مير حسين کي رنو ٽن ٽولن،
گهر ماڻهئين، جهنگ مروئين، اڀ ۾ ملڪن،
پکين پاڻ پڇايو، لڏيو هوت وڃن،
ﷲ شھزادن سوڀون ڏئين سچا ڌڻي.”
(18 مئي 1997ع روزاني ڪاوش، حيدرآباد)