شخصيتون ۽ خاڪا

سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

ڪتاب  ۾ سائين زوار نقويءَ جي شخصي، ادبي، علمي، صحافتي ۽ سماجي پھلوئن جو مڪمل نچوڙ شامل آھي.ڪتاب ۾ سيد زوار نقوي جي فن ۽ شخصيت بابت مختلف اديبن ۽ شعوروندن جون لکڻيون، سيد زوار نقوي جا لکيل ڪجهه مضمو، بيان ۽ ڪالم، خاڪا، تاثر، تعزيت ناما. انٽرويوز، روح ڪھاڻي، شاعري، جيون خاڪو، سيلف انٽرويو ۽ سيد زوار نقويءَ باب لکيل ڪجهہ ايڊيٽوريل شامل آھن.

Title Cover of book سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

علي بابا عالمي امن جو ليکڪ

جڏهن سج نيزي پاند اچي بيھندو آهي ۽ ڌرتي، ڌرتيءَ واسين لاءِ ٽامو بڻجي پوندي آهي، انسان جا پير پچڻ شروع ٿيندا آهن، جڏهن ڪائنات تي اونداهيءَ جو راڪاس پنھنجي پوري طاقت، قوت ۽ سگهہ سان اونداهيءَ جا پر پکيڙي ڇڏيندو آهي ۽ جڏهن ان اونداهيءَ ۾ ٻليءَ جا تارا ٻرڻ لڳندا آهن، ليسوڙي تي ويٺل چٻري جون چيھاٽيون خوفناڪ آوازن سان ڪنن ۾ چڀڻ لڳنديون آهن، تڏهن تاريخ، وقت جا مکيه، اهم ۽ وڏا فيصلا ڪندي آهي ۽ اهي فيصلا سچ جي ان پسمنظر ۾ ٿيندا آهن، جتي ۽ جڏهن سماج جي حيوانيت پڻي ۾ مسيح کي ٽياس تي ٽنگيو ويندو آهي ۽ سقراط کي زهر جو پيالو پياريو ويندو آهي ۽ پوءِ هر دور جي ڏاهي، داناءَ ۽ اڪابر ليکڪ جا سچ لکڻ جي پاداش ۾ سرِبازار هٿ ڪپيا ويندا آهن، وڍيل آنڱرين مان وهندڙ رت ڦڙن سان جنم وٺندڙ تاريخ سچ جا قدم بڻجي، نسل درنسل تاريخ جي ڪتابن جي ورقن جيان ڪائنات جي انسانن جي دلين ۾ بہ هر دور لاءِ محفوظ ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ ڪائنات جي هر دور جي ڏاهي، داناءَ ۽ اڪابر ليکڪ جي ڏنل قرباني مان جنم ورتل لافاني تخليقون، هن ڪائنات جي چئن ارب انسانن جي اڪثريت جي دکن، دردن ۽ پيڙائن ڀريل زندگيءَ کي سڦلتا بنائڻ جو سبب بڻبيون آهن ۽ پوءِ ڌرتيءَ تي رابيل جا گل ٽڙي پوندا آهن، ڌرتي ڪينجهر هندورو بڻجي پوندي آهي. ارفيوس جو اوسيئڙو، صدين جو سفر پلن ۾ پورو ڪري وجهندو آهي. جمنا ڪپر تي ويٺل سيتا وستيءَ جو هٿ ڀرشو جي چپن جي چائنٺ اورانگهي وجهندو آهي ۽ وقت جو تماچي تڙ ڌڻي نجهري نماڻي نوريءَ جي پيرن جي پڻي ٿي پوندو آهي ۽ پوءِ تاريخ پنھنجي پيٽ مان ڌرتي ڌڪاڻا جي خالق کي علي بابا جي نانءُ سان جنم ڏيندي آهي.
محترم ساٿيو !
مان ادب جي ادنيٰ طالب علم جي حيثيت سان جڏهن هن ڪائنات جي ازل کان جنم ورتل سچ جي تاريخ جي ڪتابن کي پڙهان ٿو تہ مون کي معلوم ٿئي ٿو تہ جڏهن اوڻويھين صديءَ ۾ هن ڪائنات کي ڏاهپ ۽ دانائيءَ جي ضرورت پوي ٿي تہ جرمن جي گلين ۽ گهٽين مان ڪارل مارڪس جنم وٺي ٿو، مظلوم، محڪوم ۽ مجبور فلسطينين جي ڌرتي جڏهن سندن پيرن هيٺان کسڪڻ شروع ٿئي ٿي تہ فلسطينين جي گلين ۽ گهٽين کان وٺي جهنگلن ۽ پھاڙن تائين سميع القاسم جي لافاني گيتن جي گونج جنم وٺي ٿي، جڏهن آفريڪا جي انسانن جي وات مان گرھہ کسي، سندن پيٽ تي نسل پرستيءَ جي لت هنئي وڃي ٿي تہ بينجمين مولائيز جنم وٺي ٿو، جڏهن چِليءَ جي گهٽين مان پنوشيءَ جي پيرن جي کڙڪي جي ڪري جمھوريت جا ڳيرا ٽاھہ کائي اڏامن ٿا تہ پيبلو نرودا جا شعر وڏڦڙا ٿي وسن ٿا. سنڌ ۾ جڏهن پنج هزار ساله تاريخي ورثو سم ۽ ڪلر جي لپيٽ ۾ اچي ڀرڻ ۽ ڀڄڻ لڳي ٿو تہ ڪوٽڙيءَ جي تنگ گلين جي ڇيڙي ۾ هڪ جاءِ اندر لالٽين جي ڏيئي جي روشنيءَ ۾ عالمي امن جو ليکڪ علي بابا جنم وٺي ٿو.
محترم ساٿيو!
منھنجو اڀياس ٻڌائي ٿو تہ تاريخ جي ڊگهي سفر ۾ ھميشہ وقت جي داناءَ ۽ ڏاهي ليکڪ مرڪندڙ چھري سان وقت جي ٽياس تي چڙهڻ وقت پنھنجي سچ لکڻ جي پاداش ۾ ڪپيل آنڱرين مان وهندڙ رت سان سچ جي تاريخ کي لکيو آهي. جيڪا تاريخ ڪتابن جيان نسل درنسل اسان جي دلين ۾ محفوظ آهي. جنھن کي ڪوبہ چور چورائي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ جو وقت جا چاليھہ چور تاريخ جي عدالت ۾ مجرمن واري ڪٽهڙي ۾ بيٺل آهن ۽ علي بابا اسان سان گڏ آهي.
محترم ساٿيو !
مان انتھائي ذميواري ۽ دعويٰ سان چوان ٿو تہ دنيا جا اهي ليکڪ جن هن ڪائنات جي چئن ارب انسانن جي دکن، دردن پيڙائن ڀري زندگين کي سڦلتا بڻائڻ جا سپنا ڏٺا ۽ اعليٰ آدرش جي حاصلات لاءِ ڪم چي ها عمر قيد جي سزا ڀوڳي، لورڪا قتل ڪيو ويو، عشقي جا چپ سبيا ويا، فيوچڪ کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو، فردوسيءَ جو شاهنامو جلائي رک ڪيو ويو پر پوءِ بہ هو عالمي سامراج لاءِ پنھنجي بي انتھا نفرتن جو اظھار پنھنجي لافاني تحريرن ۾ ڪندا رهيا ۽ تاريخ جي انھيءَ ڊگهي تسلسل ۾ منصور جيان شبليءَ هٿان گل جو کاڌل گهاءُ سھي علي بابا بہ مرڪي، ملي ۽ لکي رهيو آهي. بقول منظور سولنگيءَ جي علي بابا پنھنجي لافاني تخليقن ذريعي سنڌ سميت ڌرتيءَ جي هن گولي تان دهشت جي ديو جو پاڇو هٽڻ تائين وقت جي ابليس کي لفظن جا پٿر هڻندو رهندو ۽ پنھنجي رت مان ٻوڙيل قلم سان تاريخ جي سندر خوابن جو تصور ڪندو رهندو ۽ يقيناً فتح گلاب جي گلن سان سندس آجيان ڪندي، ڇاڪاڻ جو اياز چيو آهي تہ :
“جڏهن آسمان ۾ پکي ۽
ڌرتيءَ تي شاعر نہ هوندا،
تڏهن قيامت ايندي.”
نوٽ: هي مقالو سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙيءَ پاران سنڌي ٻوليءَ جي ارڏي ڪھاڻيڪار علي بابا سان رچايل شام واري موقعي تي پڙهيو ويو.

(30 نومبر 1991ع روزاني سرواڻ حيدرآباد)