منھنجو سائين، پروفيسر سيد زوار نقوي (مُڪيش بارٿاڻي)
ياد پيو اچي تہ هڪ ڀيري سائين پنھنجي ليڪچر ۾ تُلسي داس جي شاعري جو هڪ ڇند ٻُڌايو هو. اهو ڇند ڄڻ تہ منھنجي ذهن تي يادگيري جا نقش ڇڏي ويو. ڪجهہ سالن تائين ڇند جي پھرين سٽ تہ ياد هُئي، پر ٻي سٽ ذهن تان وسري وئي. وقت جو چرخو تيزي سان هلندو آهي. آئون سنڌ يونيورسٽي ۾ اڳتي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيس. تنھن کان پوءِ پرائيويٽ اسڪولن ۾ نوڪري ڪندي ، ٽِيوشن سينٽرز تان چڪر ڪاٽيندي، بس رڳو پيٽ گذر لاءِ ڊوڙون ڊُڪون ڪندي اک ڇنڀ ۾ وقت جي گهڙيال جو ڪانٽو ساڳئي رفتار سان هلندو ويو. 16 سالن کان پوءِ هڪ ڏينھن پنھنجي دوست ساجد سنڌي وٽ سمبارا پبليڪيشن جي آفيس ۾ ملڻ ويس، اُتي سائين زوار نقوي صاحب سان ملاقات ٿي پئي. پروفيسرسيد زوار نقوي سنڌ جي عظيم شخصيت آهي. پاڻ استاد، اديب ۽ شاعر آهن. خير جيئن ئي سمبارا پبليڪيشن جي آفيس ۾ داخل ٿيس، ڏسان تہ ساجد سنڌي جي آفيس ۾ سائين پروفيسر زوار نقوي صاحب ويٺا هجن، هنن جون پاڻ ۾ ڳالھيون هلنديون رهيون. آئون ساجد سنڌي سان هاءِ هيلو ڪري، سائين سيد زوار نقوي صاحب سان مخاطب ٿيس. ڪچھري ۾ تمام سُٺا حال احوال ڪياسين.ڪاليج جي وقت کي خوب ياد ڪيوسين.
جڏهن سائين کان ادبي حوالي سان ڪچھري ٿي، تڏهن مون سائين کي چيو تہ پيارا سائين! تُلسي داس جي شاعري جو اُهو ڇند جيڪو توهان هڪ ڀيرو مسلم ڪاليج جي ڪلاس ۾ پڙهائيندي، هڪ ليڪچر دوران ٻُڌايو هو. تنھن تي سائين زوار نقوي صاحب چيو تہ “ٻڌايو مُڪيش ڪھڙو؟ “تڏهن مون چيو تہ سائين اها تلسي داس جي شاعري آهي. جنھن جي پھرين سٽ تہ منھنجي ذهن ۾ آهي، باقي ڇند توهان پورو ڪري ڏيو. بھرحال! مون سائين کي پھرين سٽ ٻُڌائي تہ “چندن بيچارا ڪيا ڪري” ڪجهہ انھيءَ طرح سان شاعري هُئي. پر مون کي اهو ياد آهي تہ شاعري تُلسي داس جي آهي. تڏهن سائين زوار نقوي صاحب پنھنجي من موهيندڙ انداز ۾ پوري شاعري ٻُڌائي. جيڪا هن ريت آهي تہ،
“چَمار ڪي گهر چندن گيا، نِت نِت ٽانگي چام
چندن بيچارا ڪيا ڪري، پَڙا جو نِيچ سي ڪام”
(تُلسي داس)
مون انھيءَ وقت ئي قلم ۽ ڪاغذ کڻي سائين زوار نقوي کان شاعري لکائي ڪاغذ کي پنھنجي کيسي ۾ رکي ڇڏيو. شام جو گهر اچي شاعري کي پنھنجي ڊائري ۾ نوٽ پڻ ڪئي. انھيءَ وقت ڪچھري دوران سمبارا جي آفيس ۾ سائين سان گڏ مون ۽ فيصل ميمڻ چانھہ پڻ پيتي هُئي. موڪلائيندي وقت سائين زوار نقوي کي سوکڙي طور مون پنھنجو ڪتاب “سُوريه اَست، نيپال مَست” (سفرنامو) پڻ ڏنو. پروفيسر سيد زوار نقوي، هڪ ناميارو اديب، شاعر، ڪالم نگار آهي. جنھن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن. تنھن کان سواءِ سنڌ جي مختلف اخبارن، رسالن ۽ مئگزينن ۾ خوب لکندا رهيا آهن. ويجهڙائي ۾ منھنجي نظر ۾ سائين جو تازو ڇپجي آيل ڪتاب “ڳالھہ هڪ دؤر جي” مطالعي هيٺ رهيو آهي. انھيءَ ڪتاب کي مون بخار واري حالت ۾ بستري تي پڙهيو. جڏهن آئون چار ڏينھن بخار ۾ کٽ تي پيو هئس. سچ پڇو، جيئن ئي مضمون پڙهيا تہ اِنھن مضمونن منھنجي دماغ جا تاڪ کولي ڇڏيا. منھنجي وجود کي لوڏي ڇڏيو. ڪنھن اُردو ٻوليءَ جي شاعر چيو آهي تہ،
“هر ايڪ لفظ مين چنگاري نِڪلتي هي
قليجه چاهي خط کو پڙهني مين”
سائين جو هِي ڪتاب مختلف سنڌي ڪالمن تي مشتمل آهي. تمام بھترين ڪتاب جيڪو هڪ ئي وقت توهان کي ماضي، حال ۽ مستقبل جا پار پتا ڏيندي ماضي سان ملائي ڇڏيندو آهي. ڪتاب ۾ لفظن جي چُونڊ ۽ اندازِ بيان اهڙو آهي جو نرم دل انسان جي رُوح کي ولوڙي ڇڏي. سائين جو ڪتاب “ڳالھہ هڪ دؤر جي” سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ڪيو ويو آهي. ڪتاب تي سنڌ جي عظيم شخصيتن جا رايا لکيل آهن. جنھن ۾ نور الھديٰ شاھہ، تاجل بيوس، سائين تاج جويو، اياز لطيف پليجو صاحب، نصير ميمڻ، منظور سولنگي، ۽ جاويد سوز هالائي جا شخصيت تي لکيل ويچار پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. هن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سائين مدد علي سنڌي لکيو آهي. سائين جي ڪتابن ۽ قلم سان دوستي تمام پراڻي آهي. هن وقت سائين پروفيسر سيد زواري نقوي صاحب پرائيويٽ اسڪولز حيدرآباد ۾ 20 گريڊ تي ڊائريڪٽر جي عھدي تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. سندس شاگردن جو وڏو تعداد ڏيھہ توڙي پرڏيھي ملڪن ۾مختلف شعبن ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.