شخصيتون ۽ خاڪا

سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

ڪتاب  ۾ سائين زوار نقويءَ جي شخصي، ادبي، علمي، صحافتي ۽ سماجي پھلوئن جو مڪمل نچوڙ شامل آھي.ڪتاب ۾ سيد زوار نقوي جي فن ۽ شخصيت بابت مختلف اديبن ۽ شعوروندن جون لکڻيون، سيد زوار نقوي جا لکيل ڪجهه مضمو، بيان ۽ ڪالم، خاڪا، تاثر، تعزيت ناما. انٽرويوز، روح ڪھاڻي، شاعري، جيون خاڪو، سيلف انٽرويو ۽ سيد زوار نقويءَ باب لکيل ڪجهہ ايڊيٽوريل شامل آھن.

Title Cover of book سيد زوار نقوي (فن ۽ شخصيت)

وقت خواب وانگر آ (شيخ اياز)

سچ بہ تہ مون کي خبر ناهي تہ جنھن وقت هن،
“جهومندڙ هوائن ۾،
رات ڄام شوري جي،
ڪنھن رباب وانگر آ،
عمر ائين اڏامي ٿي،
ڄڻ پکي پرن تي آ،
وقت خواب وانگر آ.”

ڇھہ سٽو لکيو هو، ان وقت هن جي من ۾ ڇا هيو؟ پر سٽن مان لڳي ٿو تہ ڄامشوري جي ان خوبصورت رات جو بہ هن کي وهي ائين وهندي نظر آئي هُئي، جيئن املتاس لاءِ خزان جا پھريان پھر هوندا آهن!
شڪارپور کان شروع ٿي ڪراچي جي ساحل تي ختم ٿيندڙ هن جي زندگي جي هڙ ۾ ايترين محبتن جون ڳنڍيون ڏنل هيون، جيتريون هن صديءَ جي ڪنھن بہ شاعر جي ڀاڱي ۾ نہ آيون هونديون. حقيقت اها آهي تہ شڪارپور جي شاهي باغ ۾ ڪنول جا گل ڇندي انھن گلن کي ڪنھن جي چوٽي ۾ هڻي ڇڏڻ جي خواهش ڪندي پنھنجن جيڏن سان رنگبرنگي پوپٽن پويان ڊڪندي ڊوڙندي پنھنجو ٻالڪپڻو گذاريندڙ سمنڊ جيڏي ان شاعر جي ڀاڱي ۾ جيڪي محبتون آيون، انھن جي فقط خواهش ۾ ڪيئي شاعر پنھنجون زندگيون تئي تي تپندي گذاري ويا. پر اهو بہ سچ آهي تہ جيترا لفظن جا زخم هن کي ڏنا ويا، اوترا زخم شايد ڪنھن ٻئي شاعر کي نہ ڏنا ويا هجن، پر پوءِ بہ:
“ساري شھر وسايا پٿر، جن سان چڪناچور هيو،
پوءِ بہ هن ٿي نعرا ماريا، مڙس تہ ڪو منصور هيو.”

جھڙيون سٽون لکي خاموش ٿي ويندڙ، ڪنھن دور ۾ ايم اين راءِ کان متاثر حشو جو هي شاعر دوست، اڄ ھميشہ ھميشہ لاءِ خاموش ٿي ويو آهي. بسنت رت ۾ هاٿي در وٽان گذرندي پنھنجي سمور جھڙن سپرين کي ياد ڪري ڪئين شعر چوندڙ هن شاعر محبتن نفرتن جي لفظن جي پلصراط تي لڳ ڀڳ مني صدي تائين سفر ڪري اڄ سڀني مسرتن ۽ مھڻن کي پنھنجي سار ۾ سانڍي، ساهيوال جيل جون صعوبتون سھندڙ سنڌ کي سواليہ نگاهن سان ڏسندو هليو ويو ۽ اڄ هن جي وڃڻ تي (حالانڪہ هو ڪافي وقت کان الوداعي گيت لکي چُڪو هو) تن جي اکين جا تنرا بہ پاڻي سان ڀرجي آيا آهن، جن جي ڏنل ڏکن کي ياد ڪندي چيو هيو:
“آئون اڪيلو سامھون سٿ،
خنجر خنجر ڪيئي هٿ،”
حيدرآباد جي سنڌ عجائب گهر جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران منعقد ڪيل گولڊن جوبلي پروگرام جيڪو بعد ۾ تعزيتي اجلاس ۾ تبديل ڪيو ويو هو، جي هڪ ڪنڊ ۾ بيٺل هڪ ليکڪ چوي ٿو، “ڪاش! سندس حياتي ۾ اهي لڙڪ کيس محبتن جا گل آڇين ها تہ هوند کيس پنھنجي بيوفائي جي درد جا گهاءُ زخمي ڪري نہ وجهن ها!” هو جيڪو گهڻ پڙهيو شاعر هيو ۽ ڪائنات جي هر شيءِ کي شاعر جي اک سان ڏسندو هو، خوبصورت دنيا جي رعنائين ۾ پاڻ وڃائي موٽ ۾ لفظن جا ياقوت کڻي ايندو هو. ان جي سيني اندر هڪ معصوم ۽ پيار ڪندڙ دل جاڳندي هُئي. جيڪا فقط رسڻ، پرچڻ ۽ پيار ڪرڻ ڄاڻندي هُئي، جنھن کي منافقت ۽ مڪر ڪرڻ نہ ايندو هو. اها پنھنجي ڌڙڪن ۾ جيڪي ڪُجهہ محسوس ڪندي هُئي، اهو وڏي واڪ چئي ڏيندي هُئي ۽ هن کي اها پرواھہ نہ هوندي هُئي تہ ان جي موٽ ۾ هن کي گل آڇيا وڃن ٿا يا پٿر؟ ۽ ڇا ڪڏهن چوڏهين جي رات، آسمان ۾ چمڪندڙ چنڊ اهو سوچيو آهي تہ هن جي روشني، محبوبا جي چوٽين ۾ سجندڙ گلن ۽ هٿن ۾ پوندڙ گجرن تي پئجي رهي آهي. يا حيدرآباد جي وچ مان وهندڙ ڊومڻ واھہ تي پئجي رهي آهي! چنڊ جو ڪم آهي پيار ڪرڻ جھڙي روشني ڏيڻ ۽ شاعر جو ڪم آهي پنھنجي سيني اندر موجود احساسن ۽ جذبن جي خوشبوءِ کي پنھنجي پوري سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ماڻھن ڏي آڇڻ ۽ هن پنھنجي جهول ۾ پيل شاعري جا گل آڇيا ۽ ڀاڳن وارن اهي کڻي ورتا.
اڄ جڏهن سياري جي برسات کانپوءِ اروڙ تي مدن مست اڀري آيا هوندا، تڏهن سندس مرتئي تي سوچيندي مون کي اها ڳالھہ سمجهہ ۾ نٿي اچي تہ هن کي پرھہ جو وقت ۽ پاڻي ڇو پسند هوندا هُئا؟ هن جو پرھہ ۽ پاڻي سان ڪھڙو رشتو هوندو هو، جيڪو هن جي ساري حياتي ۾ اڻ ٽُٽ رهيو. جنھن جي ڪري هن جي پيشاني ۾ پرھہ ۽ اکين ۾ پاڻي نظر ايندو هو ۽ هن جي شاعري ۾ انھن جو عڪس ۽ اولڙو ليئاڪا پائيندي محسوس ٿئي ٿو.
“مٺي تي جيئن باک ڦٽي ٿي.
ڀٽ ڀٽ آ ڳاڙهي گل گلاب جيان،
هن ڌرتي جي خواب جيان،
پاڻي کي ڇلڪائي ٿي،
مور ٽلن ٿا،
پاڻياري جي ٽور ٽلن ٿا.”

ڀنڀرڪي جو اٿي پراڻي سکر لڳ جهلي بند تي گهمندڙ هن شاعر جو روح قفس عنصري مان 27 ڊسمبر جي پرھہ ڦٽي ويل پرڙو سوئي ويو ۽ مڊ ايسٽ اسپتال جي سڏ پنڌ تي ڪراچي جي سمنڊ جون خاموش ۽ پراسرار لھرون هيون، جن ۾ انداهين راتين جي ڪري نہ شور هيو ۽ نہ ئي وري ڪا اڻ تڻ هُئي مگر پوءِ بہ انھن ۾ ڪنھن طوفان جو انديشو محسوس ٿي ٿيو:
“کنڀي کڻ!
سمنڊ منھوڙي تان مون کي تون، کنڀي کڻ!
دور دور ساحل تي هڻ!
جيئن ڇوهي ۾ جهوني وڻ جا،
ڇڻ ڇڻ پتا،
مون کي ائين اڏاري هل،
مون کان منھنجي سار کسي وٺ،
پيار کسي وٺ!”

هن کي سنڌو ۽ سمنڊ سان ايتري محبت ڇو هوندي هُئي؟ هو چوندو هيو تہ: “جي مان مري وڃان تہ مون کي ڪلفٽن جي پھاڙ تي پوريو وڃي، سمنڊ جي سامھون، جو منھنجو آهي.” ۽ پوءِ سندس زندگي ڪراڙ جي ڀرسان شروع ٿئي ٿي. ڪراڙ. جنھن جي ڀرسان ويھي اڄ کان ٽي سئو سال اڳ تمر جي مرشد ڀٽائي پنھنجا بي بھا بيت چيا هُيا، جيڪي مائي نعمت جي دل جي دفتر تي حفظ ٿي ويا هُئا ۽ لڳ ڀڳ پنجويھہ ورهيہ اڳ هن بہ چيو هو:
“ٿئي سٺا ڀلي جو ڀلوڙي،
وري ڀٽ پاسي هلو ڙي هلو.”

هو جيڪو هڪ دور جي تاريخ هيو ۽ پنھنجي سيني ۾ علم جو سمنڊ کڻي هن ڪوڙي دنيا کان هڪ سچي دنيا جي طرف هليو ويو آهي ۽ هاڻي جڏهن هن کي تعريفن ۽ تنقيدن جي ڪا بہ ضرورت نہ رهي آهي پر پوءِ بہ وقت جو مورخ اهو ثابت ڪري چڪي آهي تہ هو شاعريءَ جي ڪائنات جو اهو سج هيو، جنھن جي ڪرڻن جي روشني شاعري جي تاريخ تائين زندہ ۽ سلامت رهندي. ان لمحي، مان جيڪو فقط سندس هڪ پاٺڪ آهيان، اهو سندس لحد ۾ لھڻ وقت فقط اها ڳالھہ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان تہ هن کي پرھہ ۽ پاڻي ڇو پسند هوندا هُئا؟ ڇا ڪٿي ائين تہ ناهي تہ پرھہ نئين ڏينھن جي شروعات هوندي آهي ۽ نئون ڏينھن آسن، اميدن ۽ ڪلپائن جي ڪئنواس تي اڀرندو آيو آهي ۽ هن ان پرھہ کي اکين سان ڏسي لفظن جي برش سان شاعري ۾ چٽي ڇڏيو هيو! ۽ شايد اهو ئي سٻنڌ هيو، سمنڊ، پرھہ ۽ هن جي وچ ۾! مان سوچيان ٿو.

(18 فيبروري 1998ع روزاني عبرت حيدرآباد)