ليڊي ڊيانا (عشق جي راهن مٿي ڪاوا اڀا)
ليڊي ڊيانا 1996ع کان پندرهن سال اڳ، جڏهن لڳ ڀڳ سڄي دنيا جا تخت فقط تختا ٿي رهيا هُيا، تڏهن برطانيہ جي تخت نشين جي شيرين اکين واري شھزادي جي وني ٿي هُئي، ان تخت برصغير جي هڪ حصي (سنڌ) کي ڏاڍا ڏک ڏنا هيا. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ ان ئي تخت ڪُجهہ هتان جي پسنديدہ شھزادن کي سر ۽ خانبھادر جا بہ خطاب ڏنا هُئا پر چون ٿا تہ مجموعي طور تي ڏکن جو پلڙو ڀاري هيو ۽ انھن ئي ڏينھن ۾ سنڌ جي هڪ شھزادي نہ سر جو لقب ورتو ۽ نہ ئي وري ڪو خانبھادر جو لقب قبوليو هي پنھنجي سر سان ڪفن ٻڌي ڦاهي جي ڦندي تائين تخت نشين سان جنگ جوٽي اهو ڪو ٻيو نہ پر پير صبغت ﷲ شاھہ راشدي هيو. شايد اهو سيد جي فطرت ۾ شامل هو تہ هو نہ ڪنھن تي ظلم ڪندو ۽ نہ ئي وري ڪنھن تي ظلم ٿيندي سھندو هو.
ڊيانا جنھن جي تخت ڌڻين سان اڄ بہ حيدرآباد جي اولھہ وٽان وهندڙ سنڌو درياھہ جي ڀڪ ۾ ويٺل ميرن جي وڏڙن دٻي ۽ مياڻي جي ميدانن تي جنگيون جوٽيون ۽ پوءِ جڏهن سج جي آخري ڪرڻن ڌرتي کي چمي ڏني هُئي. ان وقت انھن گورن جي لشڪر فتح جا طبل وڄايا هيا ۽ پوءِ ميرن جي درٻار جي فيصلن بجاءِ سر چارلس نيپيئر گورنر کان وٺي جيمس ڪمشنر تائين جا فرمان جاري ٿيڻ لڳا. ايسٽ انڊيا ڪمپني کان وٺي 1947ع تائين جو وقت اک ڇنڀ جيان گذري ويو ۽ انگريز بھادر جي گهوڙي جي سنب مان نڪتل نال جيان برصغير جي پرڳڻي تان هنن جي صاحبيءَ جو ڏونڪو لھي ويو.
اڄ کان ٺيڪ پندرهن ورهيہ اڳ جڏهن مون کي اڃان شھپرن جي مس ساوڪ اڀري آئي هُئي ۽ مون پنھنجي گهر جي آڳنڌ ۾ پنھنجي ارڙهين سالگرھہ جو ڪيڪ ڪپيو هيو. تڏهن ڊيانا پنھنجي اکين ۾ مستقبل جا انيڪ سپنا سمائي چارلس جي وني ٿي ۽ هو شاهي محل جي چانئٺ اورانگهي شھزادي بڻجي وئي هُئي. شھزادي جنھن جي خواب ۾ بہ اڀاڳ لکيل نہ هوندو آهي ان جي وهانءَ جا ساٺ ۽ سنوڻ ڪافور ٿي پيا ۽ هن جو هٿ چارلس جي هٿ کان ڇڄي ويو. لڳ ڀڳ ٽن کان چئن سالن تائين جون راتيون هنن رسڻ کان پوءِ پرچڻ جا خواب ڏسندي ڪٽي ڇڏيون پر خواب تہ خواب ٿيندا آهن ۽ ڇا ڪڏهن خواب بہ ساڀيان ٿيا آهن؟ نہ امر جليل جي ناٽڪ “مٽيءَ جا ماڻھو” جي شھزادي، شھزادي ٿي سگهي ۽ نہ شھزادي ڊيانا ملڪا ٿي سگهي.
ڊيانا جنھن جي سونھن ۽ سندرتا لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي سر موڙ شاعر شمشير الحيدري جو هي نظم لکي سگهجي ٿو تہ:
“چوي ڪير ٿو،
تہ تون ڪُجهہ نہ ڪر؟
ڀلا ڪير ٿو توکي روڪي،
تہ تون پنھنجي حسن دوروزہ تي نازان نہ ٿي.
جواني جي دولت تي شادان نہ ٿي.
چوي ڪير ٿو؟
تہ تون پنھنجي جوڀن جياريل بھارن جي بخشيل.
سريلي ۽ شفاف نرمل ۽ نازڪ گلابي بدن تي،
سدا صاف، ريشم ۽ ڪمخواب وبخمل جي زرتار پوشاڪ
پھرڻ ڇڏي ڏي.
نہ ڪر سينڌ سرمون،
۽ پنھنجي خيالن کي دل جي ئي ويران خانن ۾ جڪڙي،
تبسم جي چپڙن تي شوخي جي سرخي لڳائي ڇڏي ڏي!”
اڄ جڏهن بھار جي رت شروع ٿي چڪي آهي، جنھن ۾ گلن جيان ماڻھن جا من بہ ٽڙي پيا آهن ۽ پنجاب جي گادي واري هنڌ لاهور ۾ بسنت جو ميلو پنھنجي سڀني جوڀن ڀريل رنگن ۽ رعنائين سان شروع ٿي چڪو آهي، ٻارن ۽ ٻڍڙن جي هٿن ۾ ڳاڙها، ڪارا ۽ سادا مانجها ۽ چرخيون آهن ۽ آسمان جي ڇٽ تي رات جي چمڪندڙ رنگبرنگي ستارن جيان اڏامندڙ لغڙ آهن ۽ انھي بسنت رت ۾ ان تخت ڌڻي جي وني ست سمنڊ پار ڪري پنجاب جي گادي واري هنڌ پھتي ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر عمران خان پاران ملڪ ۾ ڪيل وڏي ڀلائي جي ڪم ڪينسر اسپتال ۾ زندگي ۽ موت سان اکيون اکين ۾ ملائي جيئندڙن ۾ ميوو ۽ مٺايون ورهايون (پاڻ هن سڄي مضمون ۾ ڊاڪٽر حسنات جو ڪو بہ ذڪر نٿا ڪيون ۽ ان جي نالي آڏو فقط سوال جي نشاني ۽ عجب جي نشاني ڏئي ٿا ڇڏيون.)
نفسيات سان دلچسپي رکندڙن جو خيال آهي تہ سياري کانپوءِ شروع ٿيندڙ بھار جي موسم ۾ ماڻھو جو مک مکڙي مان ٽڙي گلاب ٿي پوندو آهي. موسمون ماڻھو جي من تي پنھنجا اثر ڀرپور نموني سان ڇڏينديون آهن. آرهڙ وارن مھينن جي جون جولاءِ وارن ڏينھن ۾ جڏهن سنڌي چوڻي مطابق ڪانوَ جي اک پئي نڪرندي آهي تڏهن ٻيو تہ ٺھيو پر پنھنجي پاڻ کان بہ وڌيڪ پياري محبوبا بہ نہ وڻندي آهي ۽ خزان جي رت ۾ جڏهن پن ڇڻ شروع ٿيندي آهي ۽ وڻن مان پيلا پن ڇڻڻ لڳندا آهن تڏهن ماڻھو جو من بہ ڏاڍو اداس ٿي ويندو آهي ۽ وري سياري جي سيزن ۾ ماڻھو پاڻ کي ٺاهيو پيو ٺاهيندو آهي ۽ بھار جي رت ۾ تہ ماڻھو پنھنجي پاڻ کي بہ پيو وڻندو آهي. ڪائنات جي هر شيءَ ايئن کلي، چٽي ۽ ٽڙي بيھندي آهي، جيئن برسات کان پوءِ دامن ڪوھہ جا درخت!
اڄ جڏهن سڄي دنيا جون اخبارون ان شاهي خاندان جي شھزادي ڊيانا ۽ کانئس ٽي ورهيہ اڳ عليحدگي اختيار ڪندڙ نيرين اکين واري شھزادي چارلس جي هڪٻئي تي غير ماڻھن سان جنسي تعلقاتن جون خبرون وڏي شد ۽ مد سان شايع ڪري رهيون آهن. تڏهن منھنجي آڏو ڪاوش اخبار پيل آهي جنھن پنھنجي عيوضيءَ جي حوالي سان خبر شايع ڪئي آهي تہ سنڌياڻي تحريڪ پاران ڪاروڪاري واري رسم ڪانفرنس ۾ انگن اکرن سان ٻُڌايو ويو آهي. تہ سنڌ ۾ کوڙ ساريون عورتون ڪارو ڪاري واري الزام تحت قتل ڪيون وينديون آهن. ان وقت مان سوچيان ٿو تہ جيڪڏهن شاهي خاندان جي اها گلن ۾ تُرندڙ ڇوڪري منھنجي ديس جي ڪنھن ڳوٺ ۾ جنم وٺي ها ۽ جيئن هو اڄ ڪنھن غير مرد سان جنسي تعلقاتن جو اعتراف ڪري رهي آهي ۽ ايئن اعتراف ڪري ها ۽ اهو بہ وري ڇپجي ها تہ ڇا سندس سسي سلامت رهي سگهي ها؟ پر مسئلو اهو آهي تہ هو سنڌ جي ٻهراڙي جي ڪنھن اهڙي ڳوٺ جي ڇوڪري نہ آهي جنھن لاءِ ڀرت سان ڀريل رومال، مساڳ ۽ سوپاريون ڪل ڪائنات هونديون آهن پر ان تخت نشين جي وني آهي، جنھن جي فقط هڪ نگاھہ کڻڻ سان ٻيون نگاهون جهڪي پونديون آهن ۽ سڀاڻي جڏهن سڄي دنيا 8 مارچ جو ڏينھن عورتن جو عالمي ڏينھن ڪري ملھائيندي، تڏهن ان ڏينھن تي منھنجي ديس جي آبادي جو پنجونجاھہ سيڪڙو معذور عورتون ڊيانا ٿيڻ جو خواب تہ نہ ڏسنديون پر ڇا هو کانئن سندس فقط هڪ مرڪ جي خواب ڏسڻ جي خواهش ڪري سگهن ٿيون؟ مرڪ جنھن سان ڪائنات جون خوشيون سلھاڙيل هونديون آهن. ڇا اسان ۽ ٻيا سڀ هنن کي هڪ مرڪ جو فقط هڪ خواب ڏئي سگهون ٿا؟
(7 مارچ 1997ع روزاني ڪاوش حيدرآباد)