سيد زوار نقوي ۽ ڪتاب پَل اَپل (شفيع چانڊيو)
پتنگ چائين پاڻ کي، تہ مچ ڏسي نہ موٽ،
اڃان تون اروٽ، خبرون کامڻ جون ڪرين.
(شاھہ)
حقيقت ۾ منھنجي مرضي هئي تہ سندس ڪتاب تي ڪا ٽوڪ ٽڙي، ڪا ٽيڪاٽپڻي ۽ ڪا نوڪ جهوڪ کڻي ڪريان پر نہ سائين! بقول سندس تہ ڪتاب تي ٻيا کوڙ سارا اديب دوست ڳالھائيندا، آءٌ صرف سندس شخصيت تي ڳالھايان، ڇاڪاڻ تہ هو منھنجو ذاتي دوست بہ آهي. گڏ ننڍو ٿي وڏو ٿيو آهي، تنھن ڪري مون جيئن کيس ڏٺو تيئن ٿو پڌرو ڪريانس تہ مزو اچي ويندو، باقي سندس شاعري تي ڪِن ڳالھايو آهي تہ ڪي دوست اڃان ڳالھائيندا.
زوار نقوي جماليات جو جليل ٻوٽو آهي، ائين آهي جو بس: “جتي منھنجا مارو اتي.....!”
زوار سائينءَ جو تڪيو موٽر سائيڪل هجيس تہ بہ هڪ ٻہ يار ساڻ، جي ڪار ۾ آهي تہ بہ ٻہ چار يار گڏجي حيدر چوڪ واري پرشن هوٽل جي ڪنڊ واري ميز تي ويٺو آهي تہ بہ ٽھڪڙو، جي عبرت پريس واري الم وٽ بيٺل آهي تہ بہ ساڳيو حال، اهڙي طرح گل سينٽر واري ٽي ٽي ڪول ڪارنر ۽ گاڏي کاتي واري نظام لاج هاسٽل سڀ سندس تڪيه ۽ ڀاڻ آهن.
زوار نقوي اٿندي ئي ننڍي ٽھيءَ جي ادبي اشتياق کي اڀارڻ ۾ جنبجي ويو ۽ سوڀون حاصل ڪندو اڳتي وڌندو آيو آهي، آءٌ کيس سندس انھيءَ اڻٿڪ محنت تي جس ۽ مبارڪون ٿو ڏيانس، ڇاڪاڻ تہ ھہڙو چنچل ۽ حرڪتي ٻار ڳالھہ ڳالھہ ۾ يڪي ساهي ڳالھائڻ ۽ وري مٿان شاهد سو پل اپل ۾ الائي ڪھڙن اندر جي اڌمن کي ڪڍي وڃي مٿي چڙهندو آهي، تڏهن چيم تہ آءٌ کيس پل اپل ۾ ڳوليان پيو پر سچ پچ مون کي ان ۾ لڀي نہ ٿو.
ڳالھہ ۾ ڪجهہ هجي نہ هجي پر جڏهن بہ مون تي نظر پئيس تہ يڪدم هڪل ڪندو، جي ڪار ۾ ڪنھن يارن جي ميڙاڪي سان پيو ويندو ۽ مون کي ڏٺائين تہ ڪار جي بريڪ ڏئي، ڦڙتيءَ سان ڪار جو در کولي ٻاهر نڪري ايندو، پوءِ بس ڪا ڳالھہ دل ۾ هوندس تہ يڪدم ڪڍي ٻاهر ڪندو، آءٌ وري کيس وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ شرارتي نظرن سان رڳو پيو منھن ۾ نھاريندوسانس ۽ معمول مطابق پيو مرڪندس تہ پاڻ سمجهندو تہ شايد هن (شفيع) کي وسوسو آهي،...... پڇ قمرالدين ترڪ کان يا مقبول ميمڻ کان پڇي ڏس، اجهو هي ويٺو اٿئي علي بخش مئو، انھيءَ کان پڇ، اڙي مڃ نہ يار، اوهو! هيڏانھن وري يارن ڏي کڻي نھار تہ مجال جو چون تہ نه، چوندا ها ادا، زوار سائين بلڪل صحيح پيو چئي. اها ئي ڳالھہ آهي، اها ئي حقيقت آهي، جيڪا زوار سائين توهان سان ڪري پيو...... پوءِ بحث هلندي هلندي ٽھڪڙن ۽ تاڙين تي وڃي پورو ٿيندو. دوستن کي جو ڪنھن ڳالھہ جي ڪا ڪل ئي ڪانہ هوندي تہ بہ بنا هٻڪ يڪدم چوندا هائو ادا... اها ئي ڳالھہ آهي، ايڏا سياڻا! ايڏا ڏاها، جو بس ڇا چئجي، پوءِ بحث اتي ڇٽو...... فيصلو ڪو ڪونه....... هرڪو پنھنجي هٿ تي هليو ويندو. منھن کنيو نہ اٿس تہ پڪ سمجهي ويندو آهيان تہ هاڻ مڃائڻ کانسواءِ نہ ڇڏيندو.
خانداني لحاظ کان زوار نقوي حسبي، نسبي اديب، شاعر هئڻ سان گڏ باذوق نوجوان آهي، منجهس بي پناھہ صلاحيتون آهن، جن جي کيس اڳيان هلي سڌ پوندي، جڏهن تہ هن وقت بہ هڪ جيڏن ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو ۽ باشعور آهي ۽ سندس ئي خاندان ۾ چوٽيءَ جا شاعر، اديب، دانشور ٿي گذريا آهن ۽ اڄ بہ موجود آهن، جيڪي، سنڌ ۽ هند جا وڏا مڃيل شاعر ۽ اديب ٿي گذريا آهن ۽ هن وقت بہ آهن.
زوار نقوي جو ڏاڏو سائين سيد دادن شاھہ جھانيان سنڌ جو مشھور، معروف عالم ۽ فاضل ٿي گذريو آهي، پاڻ ڪاني ڪرامت جو بہ صاحب هو، مولا جا حبدار، پنجتن جا پوئلڳ آهن، دادن شاھہ ڪربلا، دادن شاھہ جو پاڙو ۽ ٽنڊو جھانيان سڀ سندن ڏي اشارا آهن.
زوار نقوي جو والد سائين سيد ويڌل شاھہ جھانيان بہ پنھنجو مٽ پاڻ آهي، جڏهن تہ انھن ڳري ڳالھہ ڇيڙي آهي، معياري شاعريءَ ۾ محو رهيا آهن پر زوار نقوي پنھنجي منزل جو رخ ڦيرايو آهي. وقت جي هلندڙ انقلابي دور کان متاثر ٿيو آهي ۽ پنھنجي نفيس ۽ لطيف احساس جو کلي اظھار اجهو هينئن ڪيو اٿس :
“ننڍڙي نياڻي ابھم پٽڙو، جون مھينو، تتل ڪاڙهو،
ليڙون ليڙون ڦاٽل ڪپڙا، پيٽ پٺا مٿو اگهاڙو،
آهي حوا ۽ آدم جو اولاد، ويچارو سورن ۾،
مانيءَ لاءِ پنن پيا ٻئي، شھر سڄي جو اوڙو پاڙو.”
سندس احساسن جي عڪاسي ڪن ٿا، وري مٿان:
“مٺا تات تنھنجي اٿم تن تپايو،
ڪري قيد قابو تو قيدي بنايو.”
سندس فطرت پرستي ۽ سونھن جي ديويءَ اڳيان پاڻ کي صفا ماٺو محسوس ڪرڻ، اهي سڀ سندس لھرون ۽ موجون آهن، جيڪي زوار نقويءَ کي ڪڏهن آڻيو ڪنڌيءَ لائين تہ ڪڏهن تار وچ سِير ۾ وڃيو ڇڏين.
آخر ۾ آئون کيس مبارڪ ٿو ڏيان انھيءَ تي جو پل اپل ڪتاب نہ صرف لکي پنھنجي واقفيت پاڻ ڪرائي اٿس ۽ اميد آهي تہ اڃا هي گل ٽڙندو، ٻهڪندو، چمڪندو ۽ چھڪندو، لڏندو لمندو ۽ ديس کي پنھنجي هٻڪار جو واس وٺائيندو رهندو.
(2019ع ۾ شايع ٿيل شفيع چانڊيو جي ڪتاب “سڄڻ ساھہ پساھہ ۾”)