هڪ کل مک چھرو مولا بخش کٽياڻ
مولا بخش ماڻھو جھڙو مور هجي هتي وڏن شھرن ۾ جتي ڏسڻا وائسڻا ماڻھو بہ منھن مٽي ويندا آهن. جتي رشتن ۽ ناتن جو ملھہ چانھہ جي ڪوپ کان وڌيڪ نہ هوندو آهي، جتي لڳ لاڳاپا جر تي ڦوٽي جيئن هوندا آهن، جتي ماڻھو کي مٿي کنھڻ جي بہ واندڪائي نہ هوندي آهي، جتي سندن هر وک رشتن کي اورانگهي پنھنجي مفادن ڏي وڌندي رهندي آهي ۽ سندن آڏو “مان” کان مٿي ڪجهہ بہ نہ هوندو آهي، ڪجهہ بہ نہ هوندي سڀ ڪجهہ هئڻ جي هام هڻندا آهن. اصل ۾ انھن جو شعوري طور ميڪاولي سان روح جو رشتو ڳنڍيل هوندو آهي. اهڙي ماحول ۾ مولا بخش کٽياڻ جو دردوندن لاءِ کليل ٻانھون،، ڏکن ۽ دردن ونڊڻ لاءِ سندس دل ۽ لڙڪن کي اگهڻ لاءِ هٿ، گلي لڳائڻ لاءِ کليل سينو هوندو آهي، هو ڪو آسمان جيڏو آفيسر نہ پر صوفي وحدت الوجود جي انسان دوستي واري نظرئي جو قائل، انتھائي حساس دل ۽ ڏاهو علم ۽ ادب دوست آهي، جو تاريخ جي ڪتابن ۾ راجا بڻجي جمنا ڪپر تي پنھنجي پريمڪا جو اوسيئڙو ڪندو رهيو هجي ۽ هاڻ هو پريمين جي ڏکن ۽ دردن ونڊڻ لاءِ هن جڳ ۾ هن ڌرتي تي موٽي آيو هجي.
آدرش جي حاصلات جي جستجو ۾ سرگردان هن ڪلاڪار سان جڏهن آئون پھريون ڀيرو مليو هيس، تڏهن آسمان تي ڀورا ناسي بادل وسڻ جا ويس ڪري رهيا هئا. اتر جي ٿڌي هير وڇڙي ويل محبوبا جي ياد ڏياري رهي هُئي ۽ مان ڪوھہ مري مان گهمي دنيا جي تمام تر خوبصورتي پنھنجي اکين ۾ اوتي موٽيو هُئس تہ نواب مھدي منھنجو ساڻس تعارف ڪرايو هو. مون پنھنجو هٿ هن سان ملائڻ لاءِ اڳتي وڌايو تہ هن منھنجي هٿ ۾ پنھنجو هٿ ڏيندي هٿ کي ٿورڙو زور ڏنو تہ منھنجون اکيون هن جي اکين سان مليون ۽ مون کي سندس اکين جي ڪارين ماڻڪين ۾ اداسي جو پاڇو نظر آيو، ڄڻ تہ پنھنجي يورڊس جي حاصلات جي جستجو ۾ شام جي لھندڙ پاڇن جيان ٿڪي ٽُٽي موٽيو هجي. ان ويل هو مون کي ڪنھن ديو مالائي ڪتاب جو ڪو ڪردار لڳو هو ۽ الاءِ ڪٿان ۽ الاءِ ڪيئن ان ويل منھنجي اکين آڏو آغا سليم جي ناول “اونداهي ڌرتي روشن هٿ” وارو سارنگ، سراج جي ناول “پڙاڏو سوئي سڏ” وارو سانوڻ، امر جليل جي ڪھاڻي “سنڌي گدڙ ان اسلام آباد” وارو گولي کاڌل سنڌي نظر آيو، جو ازل جو ابد سان تسلسل ڳنڍي رهيو هو ۽ پوءِ جڏهن هو سگريٽ جو آخري سوٽو هڻي سگريٽ جي ٽوٽي کي ايشٽري ۾ اجهائي ڪرسي تي رهي پيو تہ صدين جي ٿڪ هئڻ جي باوجود مُرڪ ڪنھن وڇڙيل محبوبا جيان سندس چھري تي وکري وئي ۽ هو يڪ ٽڪ ڇت کي تڪيندو رهيو، شايد هن جون نظرون ڇت کي ڇھندي نيري آسمان کي تڪڻ لڳيون هيون “جڏهن آسمان تي پکي ۽ ڌرتي تي شاعر نہ هوندا، تڏهن قيامت ايندي.”
(1988ع روزاني عبرت حيدرآباد)