سنڌي ادبي پڌرنامو
هاڻوڪي صدي جيڪا دنيا ۾ نت نئين تبديلين، ايجادن، کوجنائن، تنظيمن، انقلابن ۽ اڪيچار تبديلين جي صدي هئي. انھيءَ جي پڄاڻي ۾ فقط يارنھن سال وڃي بچيا آهن ۽ اسان جو هي سنڌي سماج فقط گذريل يارهن سالن واري اونداهي دور ۾ اڌ صدي کان بہ وڌيڪ عرصي ڏانھن ڌڪيو ۽ موٽايو ويو آهي. پٺتي نھارڻ سان اسين ڏسون ٿا تہ اسان جي سنڌ، هاڻوڪي صدي جي هنن پڇاڙڪن ڏهاڪن ۾ اڄوڪي دنيا ۾ ڄڻ تہ هڪ اڪيلي ۽ اونداهي ٻيٽ مثل آهي ۽ اسين سنڌي ماڻھو دنيا جي لاوارث ۽ مظلوم ترين مخلوق آهيون. ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳي ٿو تہ ايندڙ صديءَ ۾ پنھنجي اچڻ وارن نسلن لاءِ ڇڏي وڃڻ لاءِ اسان وٽ ڪو بہ تاريخي ۽ تخليقي ورثو ڪونھي. بس! رڳو جاگيرداڻو سماج آهي. ادبي غربت آهي، زندگي جي هر شعبي ۾ قبائلي طرز جون رقابتون آهن، اخباري بيان آهن، ٿڙندڙ، ٿاٻڙجندڙ، ٿڪ ۽ مار کاڌل قافلا آهن، ڊنل، هيسيل، ڪاوڙيل ۽ دکي نسل آهن. (تاريخ لکي يا نہ لکي تہ ڪو هنن وٽ موهن جو دڙو ۽ ڀٽائي بہ هوندا هئا) پر ڇا اسان سنڌي ادب پاٺڪ جي حيثيت سان سنڌ جي مٽيءَ جو سوڳنڌ کڻي ٻڌائي سگهون ٿا تہ هن صدي جي حوالي کانسواءِ ۽ ڪجهہ نالن جي باقي اسان وٽ ڪو ايڏو وڏو شعر، ڊرامو، ڪھاڻي، چتر، ڪتاب ۽ ناول آهي، جنھن کي کڻي اسين پئبلو نرودا، لورڪا، ناظم حڪمت، محمود درويش، شولو خوف، دوستو وسڪي، ڪاميو، ڪانڊيرا، پڪاسو، ڊالي جي تخليقن سان ڀيٽي سگهون؟ ائين هرگز ڪونھي تہ ڪو اسان جي سنڌ ۾ ارتقا ۽ تاريخ جو سفر رڪجي ويو آهي پراسان جي ڌرتي اڄ بہ پنھنجي ڦيرن گهيرن مان زندگي ۽ ڪائنات جي دستور پٽاندڙ گذري رهي آهي ۽ ان تي ڪجهہ لکجي بہ رهيو آهي، پر ڇا اهو سڀ ڪجهہ اوتروئي شدت ۽ گهرائي سان قلمبند ٿي رهيو آهي، جيڪو اڳتي هلي قومن جي شاندار ۽ مانائتي تاريخ جي شاهدي ڏيندو آهي؟ ڇا اسان جا ايندڙ نسل بہ اهڙي طرح اسانجي دور جي تخليقن تي ڳاٽ اچو ڪري سگهندا، جيئن اسان ڀٽائي، سچل، سامي، بيدل ۽ بيڪس تي ڪيون ٿا؟ ڇا اسان سنڌي اديب پنھنجي ۽ پنھنجي قوم جي عملي ۽ تخليقي تربيت ڪري سگهيا آهون، جنھن جي آڌار تي اسين هڪ جھڙو تاريخي مقدر رکندڙ همعصر قومن ۽ ٻولين جي ترقي پسند ۽ اعليٰ ترين تخليقي ۽ تنقيدي ادب جي قطار ۾ اڄوڪي سنڌي ادب ۽ فن کي صحيح معنيٰ ۾ آڻي ۽ بيھاري مدلل بحث ۽ مباحثي سان موجود هونداسين ۽ اسين پنھنجو پاڻ ۾ ٿورڙي ضد ۽ مباحثي کان پوءِ متفق بہ ٿي وينداسين پر سنڌي ادب ۽ فن جي هاڻوڪي صورتحال ايڏي اطمينان جوڳي ڪونھي، جيتري اسين سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا، ڇا اسان سنڌي اديب ۽ پاٺڪ هڪ ٻئي کان پڇي سگهون ٿا تہ اسان وٽ ڪھڙا شاعر ڪيترا طويل نظم لکن ٿا؟ اسان وٽ ڪيترا سنڌي اديب فڪشن ۽ ڊراما لکن پيا؟ اسان وٽ تنقيدي ادب جا ڪيترا واليومز موجود آهن؟ اسان جي ادب جا ڪھڙا ڪھڙا شاهڪار ڪھڙين ڪھڙين ٻولين ۾ ترجمو ٿيا آهن؟ اسان حفيظ شيخ، غلام محمد گرامي، حيدر بخش جتوئي، عالماڻي، ثميره زرين، محمد عثمان ڏيپلائي، الطاف عباسي، رشيد ڀٽي، مولائي شيدائي، گدائي، پير علي محمد شاھہ راشدي، پير حسام الدين راشدي، ماڻڪ، اياز ۽ ٻين جي رچنائن جا گهڻا ايڊيشن باقاعدہ ڇپرايا آهن؟ اسان وٽ تخليقي ادب تي ڪيترو تحقيقي ڪم ٿيو آهي؟ ڇا اسين ڀٽائيءَ جي سموري ڪلام جي ڪائنات کي عمر خيام جي رباعين وانگر باقاعدہ مصور ڪري سگهيا آهيون؟ اسان سنڌي اديبن ۽ پاٺڪن جي همعصر ادب جي پڙهڻ جي رفتار ڪيتري آهي؟ ڇا اسان اڄ تائين سموري ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعري ۽ ادب تي جديد علمن جي اصولن تي ڪو باقاعدہ تحقيقي ڪم ڪري رهيا آهيون؟ سنڌي نثر ۽ نظم اڄ ڪھڙين فڪري ڌارائن مان لنگهي رهيا آهن؟ ون يونٽ ٽُٽڻ کان پوءِ سواءِ چند نالن جي باقي اسين سنڌي نثر ۽ نظم ۾ ڪھڙا وڏا نانءُ پيدا ڪري سگهيا آهيون؟ سنڌ جي سموري ترقي پسند اديبن پاٺڪن ۽ ادبي تحريڪن کي سندن ڪردار ۽ دائره عمل موجب مڃتا ڏيندي اسان سڀ سنڌي ليکڪ ۽ اڄوڪي دنيا جي ادب جا پڙهندڙ ۽ سنڌي ادب ۽ آرٽ جا گهڻگهرا، سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي قوم، سنڌي ادب ۽ آرٽ جي اڄوڪي دنيا جي تقاضائن پٽاندڙ ادب جي واڌ ويجهہ ۽ بقا جي واسطي سنڌ جي جديد ۽ وسيع پسمنظر ۾ ادب ۽ آرٽ جي صحتمند ۽ ترقي پسند عالمي معيارن ۽ ضرورتن موجب پنھنجي وت ۽ وس آهر مٿين سوالن جي حل لاءِ گڏيل ڪوشش ڪرڻ، هڪٻئي جي ويجهو ويھي ڪُجهہ ويچارڻ تي زور ڀريون ٿا تہ جيئن اسان سنڌي اديب ۽ پاٺڪ گڏ ويھي سنڌي علم، ادب، آرٽ کي اڃان بہ وڌيڪ سگهارو بڻائي عالمي ادب ۽ آرٽ جي مدمقابل آڻي بيھاري سگهون. جيئن اسان سنڌي اديب ۽ پڙهندڙ هڪ روشن خيال، ترقي پسند، جمھوريت پسند ماحول ۾ پنھنجو تخليقي ۽ تنقيدي عمل ۽ ڪردار قائم رکي ۽ ڀرپور نموني ادا ڪري سگهون.
(12 نومبر 1989ع روزاني عبرت حيدرآباد)