ٻه اکر
مون شيمَس هيني Seamus Heaney کي لنڊن جي ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ ڏٺو، ان سان ٻه چار ڳالهيون به ڪيون، پر اوچتين گڏجاڻين ۾ ٿيندڙ ٻه چار ڳالهيون به ڪڏهن ڪڏهن پکين جي پَرَن جي ڦڙڦڙ جا پڙلاءَ ٿي پونديون آهن، ڪڏهن جهيڻيون ته ڪڏهن ٻل واريون! اهي پڙلاءَ دماغ جي تندن ۾ ڪنهن مڌر سُر جيان گونجندا رهندا آهن. هائو، گونج اُٿي ٿي؛ اڄ به اُٿي ٿي. شيمَس هيني سان اها ته اتفاقي ملاقات هئي، پر هاڻوڪي دور جي انگريزي جي هن وڏي شاعر سان ٻي ملاقات منهنجي ڪتاب Silence of the Piano Sings تي ٿيڻي هئي. هن کي ٻه اکر لکڻا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ٻه اکر لکجڻ به اوکو ڪم ٿي پوندو آهي. هي عظيم ماڻهو سيموئيل ڪالرج جي ايلبٽراس Albatross وانگي هوائن جي اڏامن ۾ ئي رهيو؛ هو اڏامن ۾ ئي هئو ۽ آءٌ سَري يونيورسٽي مان ايم ايس سي مينيجمنٽ ڪري چڪو هوس؛ هو اڏامن ۾ ئي هئو ته آءٌ پورو هڪ سال گذاري انگلينڊ کان واپس پاڪستان به اچي پهتو هوس. هو اڏامن ۾ ئي هئو ته منهنجو ڪتاب آمريڪا جو پبلشر سندن انگلينڊ جي آفيس مان ڇپرائي پڌرو ڪري چڪو هئو. نيٺ هن پنهنجين اڏامن ۾ ڪالرج جي ايلبٽراس مان مٽجي فارسيءَ جي عنقا جي شڪل اختيار ڪئي. اهو سال هئو 2013، جڏهن هيءَ خبر ميڊيا تي باهه جيان پکڙجي وئي ته 1995 ۾ ادب جو نوبل انعام ماڻيندڙ آئرلينڊ جو انگريزيءَ جو شاعر شيمَس هيني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه خبرون من کي وڪوڙي ويهنديون آهن؛ پوءِ خيال ايئن اچي گهيرو ڪندا آهن، جو اندر جي انسان جي حالت، منهنجي پياري دوست شاعر آغا سجاد زائر جي هڪ سِٽ “ٻالِڪ جيئن بارات ۾ گُم” وانگي ٿي پوندي آهي! پوءِ انهن جي وزن کي هلڪو ڪرڻ لئه ارسطوءَ وارو نه ته ڪو به ڪيٿارسز Catharsis ضروري ٿي پوندو آهي. مون کي محسوس ٿيو ته شايد ٻه اکر شيمَس هيني کي مون تي نه، بلڪه مون کي هن تي لکڻا هئا. ان ڏينهن مون پنهنجي ويبسائٽ www.msyre.com تي شيمَس هيني تي ٻه اکر لکيا هئا. شايد شيمَس هيني منهنجا لکيل ٻه اکر ٻيءَ دنيا ۾ پڙهيا هجن ۽ غالب جي مصرع “میری آہِ آتشیں سے بالِ عنقا جل گيا” حقيقت اختيار ڪئي هجي! ان ساڳئي ليک ۾ مون اينا مينڊلزن Anna Mendelssohn تي به ڪجهه لکيو هئو. اينا مينڊلزن انگلينڊ جي هڪ Political Activist، ليکڪ ۽ ترقي پسند شاعره هئي، جيڪا Grace Lake جي نالي سان لکندي هئي. Left Wing سياسي نقطئه نظر رکڻ ڪري ۽ ڪجهه خاص سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ سبب کيس جيل به ڪاٽڻي پئي. جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ هُنَ Mendelssohn جي نالي سان شاعري ڇپرائي. هوءَ به هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪي آهي؛ پر سندس لاڏاڻي کان تقريبن ڏيڍ ٻه سال پهرين منهنجي ساڻس ملاقات ٿي هئي ڪيمبرج يونيورسٽي جي پارڪ ۾، جتي مون هن کي پنهنجي ڪتاب Silence of the Piano Sings جو مينيو اسڪرپٽ ڏنو هئو؛ هن مون کي ٻه اکر لکي ڏنا هئا، جيڪي اُن ڪتاب جي بئڪ ڪَوَر تي ڇپيل آهن.
وقت وڏو کيڏاري آهي. کنَ جي به خبر نه ٿو ڏئي. اها به پروڙ نه ٿو ڏئي ته جَيوَن جي هن منڊليءَ ۾ ڪهڙا ڪردار اوهان کان وڇڙي ٿا وڃن ۽ ڪهڙن ڪردارن جو قرب نصيب ٿي ٿو سگهي. شيمس هيني ۽ اينا مينڊلزن کي ته وقت پنهنجي واءَ سان گڏ کڻي ويو پر قرب ڏئي ويو هڪ خوبصورت انسان جو، جنهن کي هندوستان وارا ارجن حاسد جي نالي سان سڃاڻين ٿا. ارجن حاسد هڪ بهترين شاعر آهي. هُن هن ڪتاب تي مون کي ٻه اکر لکي ڏنا آهن. ان لئه آءٌ هن جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان. ان ڏِسَ ۾ پياري دوست ناز سهتو جو سهڪار شامل هئو، جنهن جي ذريعي منهنجو رابطو ارجن حاسد سان ٿيو. هڪ سينيئر شاعر جي حيثيت سان حاسد صاحب ٻن اکرن جي صورت ۾ بهترين رهنمائي به ڪئي، شاعريءَ جي رمز کي پروڙڻ جو ٻاڻيون به ڪيون، جن لئه هن پاڻ ئي چيو آهي ته “ڪا ڳالهه ڪَنَ ۾ چوڻي هئي”؛ ۽ ان ڪَنَ ۾ چوڻ واري ڳالهه کان علاوه اها رهاڻ به ڪئي جيڪا هن ڪتاب ۾ شامل آهي.
انهن ٻن اکرن لکڻ جي حوالي سان سنڌ ڄائي، خوبصورت لفظن جي ڌڻي سائين امداد حسيني جو ذڪر نه ڪريان ته بيان پورو نه ٿنيدو. آئون نهايت ئي ٿورائتو آهيان ته سائينءَ دل سان هن ڪتاب جو ڪافي مواد پڙهيو ۽ ان تي لکيو. ان دوران اسان جون ڪافي ڪچهريون ٿيون، شاعري ۽ ادب تي کوڙ ساريون ڳالهيون ٿيون. سندن تازي ڇپيل ڪتاب “تنهنجي ساگر نيڻن ۾” تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، جيڪو امداد صاحب جو فيض احمد فيض جي شاعريءَ جو ڪيل سنڌي ترجمو آهي. امداد صاحب جي شخصيت ۾ مون کي شاعر کان علاوه هڪ ڪهاڻيڪار به نظر آيو، جنهن جي سندس اندر پساهه کڻندڙ شاعر کي شايد پروڙ هجي. مثال طور آءٌ جڏهن هن ڪتاب تي سندن لکيل رايو وٺڻ ويس ته منهنجي هڪ نظم “جَيوَن هڪڙو فلرٽ آهي” جي پاسي تي سندن مارڪنگ ٿيل هئي، اها ڪجهه هن ريت هئي: “هيءَ ڪَوِتا پڙهندي آءٌ وِساميل سگريٽ ٻيهر دُکايان ٿو”. منهنجي نظر ۾ هيءَ سِٽَ هڪ شاعر ۽ نقاد جي بيخودي ۽ هڪ ڪهاڻيڪار جو رنگ ٿي ڏيکاري. امداد صاحب جون هن انداز جون ڪيتريون ئي ٻاڻيون ڪيل آهن. ننڍڙي زندگي، ننڍڙيون ڪچهريون، ڊگهيون ڪهاڻيون! امداد حسيني صاحب سان رهاڻين دوران مون کي گهڻو ڪجهه نئون، ساءُ ماڻڻ وارو مليو آهي.
ڪيترائي اهڙا دوست آهن، جن هن ڪتاب ۾ شامل شاعري ٻُڌي به ۽ ان تي تنقيدي نظر به رکي آهي. ڪن صرف ٻُڌو ، ڪن ٻُڌي پنهنجي خيالن جو اظهار به ڪيو آهي؛ ڪن گهٽ ته ڪن وڌيڪ! انهن ۾ گهڻو ڪري منهنجا ويجها دوست آهن، جيئن زاهد علي جتوئي، عبدالغفار لاکير، آغا سميع الله، غلام نبي شيخ، سراج پنهور ۽ رشيد ڪلوڙ! سراج لکندو ته ناهي پر پڙهندو گهڻو آهي؛ لطيف ۽ سنڌ سان نينهن لڳل اٿس؛ ڪتابن بابت سندس نرالو نقطئه نظر آهي؛ وٽس تنقيد جو هڪ ڏانءُ آهي، جنهن ۾ ڪات ڪهاڙن جو جوڳو استعمال آهي. جيڪڏهن هو بنيادي طرح هڪ ادبي نقاد هجي ها، شاعر شاعريءَ تان ۽ اديب ادب تان هٿ کڻي وڃن ها؛ ۽ شايد ان ڪري ئي هن ادبي نقاد هجڻ جي قرباني ڏني آهي! رشيد ڪلوڙ به بنيادي طرح ڪو شاعر ڪونهي پر ويٺي ويٺي ڪي شعر چئي وٺندو آهي، جن ۾ تخيل ڀريو پيو هوندو آهي؛ ڪجهه ڏينهن اڳي هن اردوءَ جون ٻه سٽون ٻُڌايون هيون:
ہے آفریں صنم برق و جوہر کے دم،
خلوت میں بھی تیری محفل رہی جواں۔
ٻيا دوست اهي آهن جن ۾ ڪجهه پاڻ به شاعر آهن ۽ ڪجهه جو نثر طرف لاڙو آهي: انهن مان هڪ آهي ساحل فراز (وحيد ڪرن شورو)، جنهن جي هڪ نثري نظمن جي “وکريل سوچون” ڪتاب جو آءٌ اڄ کان پندرهن سال پهرين Scattered Thoughts جي نالي سان انگريزي ترجمو ڪري چڪو آهيان ۽ منتظر آهيان ته اهو ڪتاب پهرين سنڌيءَ ۾ ڇپجي پڌرو ٿئي ته جيئن منهنجي ڪيل ترجمي جي واري اچي؛ ساحل هڪ بهترين شاعر آهي؛ هت سندس هڪ شعر ڏيان ٿو جيڪو تقريبن پندرهن سورهن سال پهرين جو لکيل اٿس “وري ڪي گهڙيون آ گذاري هليو وڃ، وري منهنجي دنيا اُجاڙي هليو وڃ!” انهي غزل جو هڪ ٻيو شعر به ڏيندو هلان: “وري ٿي ڪو موسيٰ، وري ٿي ڪو درشن، وري طور سينا کي ساڙي هليو وڃ!” آغا سجاد زائر، جنهن جو تازو شعري مجموعو “خوابن جو پڙاڏو” خيرپور مان شايع ٿيو آهي؛ سندس هڪ شعر هميشه منهنجي ذهن جي تندن ۾ ڦرندو رهيو آهي جيڪو هن اڄ کان گهٽ ۾ گهٽ پندرهن سال پهرين ٻُڌايو هئو “اسان جون تياريون ارادن جي ويجهو، زمانو پُڄي ويو ستارن جي ويجهو!” سردار شاهه، جيڪو پاڻ به هڪ بهترين شاعر آهي؛ هن مون کي مارچ 2014 ۾ سندس نثر تي لکيل ڪتاب “مِي رقصم” جي ڪاپي ڏني هئي، جيڪو سندس ڪالمن ۽ ٻين مختلف لکڻين تي ٻَڌل آهي؛ پنهنجي نوعيت جو نهايت ئي سٺو ڪتاب آهي؛ ايوب خاصخيلي، جنهن يورپ جو سفرنامو “موناليزا جي مُرڪ” (1998) ۽ ٻيو نائن اليون واري واقعي تي آمريڪا جو سفرنامو “هڪ واقعو جنهن دنيا کي جهنجهوڙي ڇڏيو” (2006) لکيو آهي؛ ايوب مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڪيترائي ڪالم لکيا آهن؛ کيس اردوءَ کان ويندي سنڌي شاعريءَ جا هزارن نه ته سون جي تعداد ۾ شعر ياد آهن، جن سان هو اسان کي محظوظ ڪندو رهندو آهي؛ آغا سليم صاحب، جنهن سان چند يادگار رهاڻيون ٿيون، لطيف جي شاعريءَ کان ويندي ٽي ايس ايليٽ جي Objective Corelative تائين ڪيئي تنقيدي بحث ٿيا ۽ گڏوگڏ مون پنهنجا ڪجهه غزل ۽ گيت سائين سان جهونگارن ذريعي ونڊيا؛ مشتاق راڄپر، اسان جو “مُشِي” جنهن جي ادبي ۽ تنقيدي ڪامينٽس سان فيس بُڪ ۽ ٽوئيٽر ڀريو پيو هوندو آهي؛ مشتاق ڪيترين ئي اخبارن ۾ سماجي ۽ سياسي موضوعن تي ڪالم به لکندو رهيو آهي؛ زاهد علي جتوئي، سنڌيءَ ۾ گهٽ، انگريزيءَ ۾ وڌيڪ لکندو آهي، خاص ڪري ڪهاڻيون، تنقيدي ۽ تحقيقي مضمون؛ منهنجي انگريزي شعري مجموعي Silence of the Piano Sings جي ڇپجڻ کان پهرين زاهد ۽ مون وچ ۾ ڪيئن تنقيدي بحث ٿيا، گهڻيون رهاڻيون ٿيون، جنهن جو ذڪر مون ان ڪتاب ۾ به ڪيو آهي؛ عامر لطيف صديقي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن گيت يا غزل سان ڇرڪائي ڇڏيندو آهي؛ ويجهڙائيءَ ۾ مون سندس هڪ غزل جي ڌُن به ٺاهي آهي، ان غزل جو پهريون شعر هت ڏيان ٿو “ميندِي هٿن کي لائي هر هر ڏسين تون ڇو ٿي، ايندا ڪڏهن نه موٽي، راهون تڪين تون ڇو ٿي!” اڃا هڪ ٻيو ڇرڪائيندڙ نالو آهي پيارو دوست، قادر بخش قادر شر. قادر جي شاعريءَ ۾ مزاح جو رنگ هوندو آهي، عام واهپي واري ٻوليءَ ۾ به قافيا ڀريا پيا هوندا اٿس. اڄ هن هڪ شعر ٻُڌايو “مشورن ئي قوم کي قادر ڪيو برباد آ، جو به ڄاڻي ڪجهه نه ٿو، سو ئي وڏو نقاد آ.” آءٌ انهن مڙني دوستن ۽ احبابن جو ٿورائتو آهيان!
اٺين ڪلاس ۾ مون زندگيءَ جو پهريون شعر لکيو هئو. باقي ته وسري ٿو وڃي پر ان جي پهرين سِٽَ ياد آهي: “سنڌو درياههَ مٿان پوڙهو چَنڊُ”! تنقيد جو سلسلو به ان سِٽَ سان ئي شروع ٿي ويو. چيو ويو ته چنڊ ته سونهن، جوت، سوڀيا، عشق ۽ مجاز جي علامت رهيو آهي، ان کي پوڙهو ڪرڻ دنيا جي سمورن شاعرن جي تخيل جي کنڀڙاٽين کي چهڪ رسائڻ برابر آهي. منهنجي ذهن ۾ شايد هن خيال ٿي ڦيريون کاڌيون ته اهو چنڊ تڏهن کان موجود آهي جڏهن کان هيءَ ڪائنات، هي پورو نظام موجود آهي! اٺين ڪلاس ۾ مون کي چنڊ پوڙهو ئي نظر آيو هئو ۽ سندس پِيرِي سنڌوءَ سان جُڙيل ٿي لڳي؛ زمان ۽ مڪان اندر وقت جي انسان ۽ حيوان کان وڌيڪ ٻل رکڻ جي نشاني هئي؛ ڪيئي سهڻيون گذري چڪيون هيون، ڪيئي ميهار مري چڪا هئا پر سنڌوءَ مٿان چنڊ جو ڦرڻ ائين ئي هئو جيئين هزارين لکين سال اڳي هئو؛ سو اٺين ڪلاس جي ٻار لئه چنڊ پوڙهو به ٿي سگهيو ٿي. تنقيد جو سلسلو جيڪو منهنجي شاعريءَ جي ان پهرين سِٽَ سان شروع ٿيو، اڄ تائين جاري آهي ۽ ان جي ابتدا منهنجي پنهنجي گهر مان ئي ٿي. منهنجو والد، جيڪو والد هجڻ سان گڏوگڏ منهنجو دوست به آهي، عبدالحفيظ هاليپوٽو، جيئن ته پاڻ به هڪ شاعر آهي، سندس ڪتاب “من اندر جا لوچ” پڻ ڇپيل آهي، مون کي شروع کان ئي شاعريءَ جي اصولن بابت سمجهايو، مرزا قليچ بيگ جا شاعريءَ تي لکيل ڪتاب ڏنا، علم عروض جي گهاڻيٽن بابت ٻُڌايو ۽ لفظن اندر منعائون ڳولڻ ۽ احساسن کي پوئڻ سيکاريو! “سنڌو درياههَ مٿان پوڙهو چنڊ” کان ويندي هن ڪتاب “کٿوريءَ کيپَ کيتَر ۾” تائين بابا سائين هميشه تنقيدي نگاهه سان منهنجي شاعري کي پرکيو آهي ۽ مون کي اتساهه ڏنو آهي. اِن ڏِس ۾، آءٌ فقط اهو چوندس ته “ڪوبه نه راڻي روءِ ٿيو، ڪريان ڪيئن ورونهه”!
مزمل سائر
ڪراچي، سنڌ، 2 نومبر، 2014
http://www.msyre.com