موهن جي مٽيءَ تي ڇم ڇم ڇيرن کي ڇمڪائڻ واري
هيل به ڇيرون پاءِ، الا، تون هيل به ڇيرون پاءِ
اَيّامن جي پيشانيءَ پنهنجا پيرا چنبڙائڻ واري
هيل به ڇيرون پاءِ، الا، تون هيل به ڇيرون پاءِ
موهن جون ميرانجهيون ماڙيون، سَرلي سَرلي دهڪن واريون
ڇيرن تي هي ٻَهڪڻ واريون، ڇن ڇن ڇن تي ٻَرڪڻ واريون
اڄِ به ته آسائيون آسائيون؛ ڄڻ ڪو تن ۾ ڪيئي وائيون
آتيون ڀَنَ جي جوڳياڻيءَ لئه، سنڌوءَ جي تنهن آرياڻيءَ لئه
جنهن جا گل گل ڪورا ڪورا، پل پل جن تي ڀُوڻن ڀونرا
جنهن جي نَچَ تي واءُ گهلي پئي، موجن ۾ مهراڻ ڇُلي پئي
سازيندڙ جو ساز ٻُري پئي، سج جي آڪڙ، ٽاڻِ ڀُري پئي
سَنکن ۾ سنگيت جُڙي پئي، ڪڻ ڪڻ سان ملهار ڇُڙي پئي
صدين جو پڙلاءُ وري پئي، وقت وسايل ديپ ٻري پئي
اَيّامن ڦيرائڻ واري، تالُ، تانَ وَرنائڻ واري
هيل به ڇيرون پاءِ، الا، تون هيل به ڇيرون پاءِ
اڄِ موهن جي ٿَرڙَ مٿي اچ، سمبارا، تون چِينههَ جيان نچ
دنيا گاجُن وانگ گجي اڄ، وِڄ وِڄ جي ڪڙڪاٽ جيان وڄ
کِوَڻين ۾ چمڪاٽ بڻي پئو، ساگر ليٽن وانگ لَڙي پئو
ڌونڌاڙي ڇڏ اولهه، اوڀر، ايّامن جا کيت، کنڊر، گهر
پير ائين ڌر اڄ، سمبارا، گونجن جڳ جا ڪُنّ، ڪنارا
مستيءَ وارين تندن تاڻي، ڇيرن ڇاتيءَ آڳ لڳائي
تالُ مِلا انءَ، ڌرتي ڌڙڪي، ڌُن جهونگاري، مُرڪي، مَرڪي
آڏو تنهنجي سنڌو ڀڙڪي، تنهنجي تالن ڪنڌين ڪڙڪي
موهن جي درٻار سجائي، لمحن جي جهڻڪار بڻائي
ڌرتيءَ ڌڪ ڌڪ لائڻ واري، جيوَن کي ٻَهڪائڻ واري
هيل به ڇيرون پاءِ، الا، تون هيل به ڇيرون پاءِ
موهن جي مٽيءَ تي ڇم ڇم ڇيرن کي ڇمڪائڻ واري
هيل به ڇيرون پاءِ، الا، تون هيل به ڇيرون پاءِ
ايّامن جي پيشانيءَ پنهنجا پيرا چنبڙائڻ واري
هيل به ڇيرون پاءِ، الا، تون هيل به ڇيرون پاءِ