ٻيڙيون، ٻيڙا ڪيٽِي بندر نارُن مان ائن ٿا اُهرن،
ڄڻ ته سڙهن پهريون ڀيرو ايڏو واءُ، ايڏو جَرُ ڏٺو هجي!
اي ٻيڙي وارا! لڳي ٿو ته تون نه، ٻيڙو پيو توکي هلائي!
ڏِس ته ٻيڙي توکي ڪئن آجو ڪيو آهي
سڙهه اُتِڻِيءَ ۾ ڪرڻ کان!
تنهنجي ٻيڙي جو کوهو، ان جي سڙهه جون سِڪيون ،
اولن جون اَڻيون ، لاڄوبَندَ ، پِنجَر ، سُکاڻ ، ڌَڄائون،
سڀ تُنهنجي وس کان نڪتل ٿا لڳن!
اُجرو اُجرو سمنڊ، لهريون، ليٽ، نارون، ٻيٽ،
ننڍيون، وڏيون مڇيون، ڏور تُڙڳندڙ ٻالڪ،
وائن تي بانئٽين جا وڙڪا،
ڏورانهن ٻيٽن جا لُڙاٽيل نشان،
اوڏڙن ٻيٽن تي اُجرا هنج، ڪونجون، ٻَگها؛
جهونگارون، چانگهارون، ٻوليون، ڀُڻ ڀُڻ؛
مٿان وري ڪيٽي بندر جي ملاح جي مٺڙي آواز ۾
منهنجو گيت: “ڏُور لُڙهي ويو ونجهه، او مانجهي!
سِيرن اُهري ناوَ، کنيا ٿي هانوَ، الا، ڇو ڀاوَ!؟
هليو هل لهرين سين!”
زندگي سونهن جو اڻڇهيل اهڃاڻ ٿي سُجهي؛
مرڪن ۾ مهراڻ ٿي سُجهي؛
سنڌ جي ڳِيچن جو مانڊاڻ ٿي سُجهي!
اي ٻيڙي وارا! ڏِس!
ڏينهن جي ڏياٽيءَ کي اجهائيندي اجهائيندي،
سج جي ڪَنِي به سمنڊ جي ڪک ۾ گهڙندي ٿي وڃي؛
هوري هوري انڌيري جي ڦوڪڻي ۾ هوا ڀرجندي ٿي وڃي ٻي پرهه ڦٽيءَ سج جي ڪرڻن جي سُئڙين سان ڦاٽڻ لئه!
هي ننڍڙا ننڍڙا ٻيٽ، پوري ڀاڪر ۾ ڀرجڻ کان پهرين،
ڪوهيڙي جي آڱرين ۾ ڀربا ٿا وڃن!
انهن ٻيٽن تي وِيرُن ڪري
پاڻي ڪجهه ويرم بيهي، ور لهيو وڃي؛
اهي ننڍڙا ننڍڙا ٻيٽ ليٽن کان لنوائين ٿا،
ائين اهي آڪاس جي ڏيئڙن وانگي ٿا لڳن،
جيڪي پنهنجي وجود جو احساس ڏيارڻ لئه
ڪڪريءَ ڪڪريءَ کي جهِڻڪن ٿا!
نه ئي اهي تارڙا ڪڪريءَ ڪڪريءَ کان آجا آهن،
نه ئي هي ٻيٽ سمنڊ جي وِير وِير کان!
هُو جو لُڙ ۾، پرئين ٻيٽ تي هڪ سَگُ باهوڙون پيوڪري،
باهي باهي ماندو ٿي پيو آهي؛
آواز ائن پيو نڪريس،
جيئن ٻيڙي جي سُکاڻ کي موڙڻ تي چيڪاٽ نڪريو وايومنڊل ۾ اَلُوپ ٿيو وڃي!
ڇا چيئي، ٻيڙي وارا؟ “اهو مارِي سَگُ آهي؟”
پر مون کي ته اهو ٻيٽ مارِي ٿو لڳي!
هي ٻُلهڻيون پاڻ سان گڏ تُڙڳنديون، ٽٻيون هڻنديون وتن،
ڪيڏيون نه اُڃاريون ٿيون لڳن،
ٺيڪ تنهنجي ٻيڙي وانگي!
اڳتي اٿاهه سمونڊ آهي، اٿاهه جيوت لئه،
هنن اُڃايل ٻُلهڻين لئه،
تُنهنجي ٻيڙي جي اُساٽَ لئه،
اسان مسافرن جي اُجهاڳَ لئه،
۽ پوئتان ڪيٽيءَ بندر جي سانجهيءَ جي ونگ ۾،
پتڪڙيون زندگيون
سمهن به پيون، جاڳن به پيون!