ڪوٽ ۾ تاريخ جي ڏنجهن ڏريل، او مارئي
ڇو اداسي جيءَ چُهٽيل آهه تنهنجي، سنڌڙي
سچ، ته مٺڙي، ڏينهن ڀِرندو، رات پوءِ ويندي لَڙي
سِجّ آزاديءَ جو لَمڪو ڏئي ڀُڻندو جڏهن
وقت جو ڀڙڀانگ جهرڻن سان ڀَري ويندو تڏهن
چنگ جان ان ٻاٽ جي ماٺار ۾ ڪرڻا ڇَٽي
سانت جي انڪار جو آواز ٿي ويندو تڏهن!
ڪوٽ ۾ تاريخ جي ڏنجهن ڏريل، او مارئي
تو نه ڪي ماڻا ڪيا، ڪاڍا، نه ڇانگارا ڪيا
تو نه مومل وانگيان ڪي ڪاڪ جا جلوا ڏٺا
تو نه ڪي موتي ڇُهيا، مڻڪا مڻيا، زيور ڀَريا
تو ته جِيوَن ٻارِ ۾ تنها، ٽُٽل ٻيڙيءَ جِيان
ڌنڌ، ڪوهيڙا ڏٺا، خوفائتيون لهريون ڏٺيون
ڪُنّ ڏاريندا ڏٺا ۽ لُڙ مٿي کِوڻيون ڏٺيون
تو ته بيوس روح وانگي جسم ٿي ڳوليو سدا
جسم جنهن ۾ زندگيءَ جو ٻجّ تون پوکي سگهين
جسم جنهن مان زندگيءَ جا گُلّ تون چونڊي سگهين
تو ته من جي مُرڪ جون سهڻيون اکيون ٻوريءَ وجهي
رُڃّ جي اوڙاهه ۾، اي سنڌڙي، اوتي ڇڏيون
تو ته سڏڪن کي به ٺانٺي ٿانوَ جئن ڀوري ڇڏيو
تو ڇَڙي ڇُڙمل، اڪيلي سِر اٻاجهي ڪوٽ ۾
عِشقَ جا سپنا اُڻيا ٿي، سونهن جا چهرا گهڙيا
تو ڄڻيا ڪردار ڪيڏا، تو گهڻا هيرا جَڙيا
پر الا، ڪجهه کي ڇڏي ٻيا سڀ ڀُري ويا، سنڌڙي
تو نه پاتا پَٽَ پَٽِيهَرَ، ٻانڌِڻا، پَٽچير، ڙِي
تو ته پنهنجو تن، الا، هر پل ڍڪيو لوئي کڻي
پر، الا، لوئيءَ اٿي چَتِّيون لڳل، ڌاڳا ٽُٽل
هاءِ، جوڀن انتظاريءَ ۾ سَريئي، پر غم نه ڪر
سِجّ آزاديءَ جو لَمڪو ڏئي ڀُڻندو جڏهن
وقت جو ڀڙڀانگ جهرڻن سان ڀَري ويندو تڏهن
چنگ جان ان ٻاٽ جي ماٺار ۾ ڪرڻا ڇٽي
سانت جي انڪار جو آواز ٿي ويندو تڏهن!
سنڌ، تنهنجي سينڌ ۾ سندور مُرڪن جو ڀَري
وقت تنهنجو، صرف تنهنجو گهوٽ ٿي ايندو ڪڏهن
اوڀر ۽ اولهه نه ڄاڃي ٿِينِ، ڪهڙي ڳالهه آ
هر جڳهه، هر پيچري تي موتيا، هوندا ڪنول
سِجّ هوندو هر تِريءَ تي، چنڊ هر هڪ هنجهه ۾
سيج هوندي تارڙن جي، رنگ هوندا ڀونءِ جا
راتِڙيون تنهنجين اکين وجهنديون ڪجل، منهنجي مٺي
گل گلابي ڪونپلن جا ويس هوندءِ، مارئي
مرڪ چپڙن، رنگ هٿڙن، مهڪ هوندءِ چِينجهِڙي
زندگيءَ جو ناچ هوندو، مان نه هوندس، سنڌڙي
پر جڏهن هيءَ ڀونءِ پوري ماڪ بڻجي مُرڪندي
مان تڏهن ان ماڪ جي هر هڪ ڦڙي ۾ مُرڪندس
جيئن ڳاڙها گُلّ کيتر ۾ سڳنڌون ٻُرڪندا
تيئن مان پڻ ڀونءِ مان ڪنهن گُلّ جان ئي ٻَهڪندس
جيئن اوڀر سِجّ جا ڪرڻا ڇٽيندو کيت ۾
تيئن مان پڻ کيت ۾ ڪرڻي جِيان ئي سرڪندس
چنڊ جئن ڪنهن نياڻ ۾ کيچل ڪندو ڪنهن ٻار جان
مان به لهرن منجهه، مٺڙي، ٻار ٿي پيو کيڏندس
مان به توسان ئي ته هوندس، سنڌڙي، جنءَ آهِيان
تو سوا مان ڇاهِيان، چئو تو سوا مان ڇاهِيان