شانت مان سُرڪَ
هيءُ شاعر دوست مزمل سائر هڪ بيوروڪريٽ آهي، مان کيس سڃاڻان به ڪو نه، سندس نالو به ڪونه ٻُڌو اٿم، نه پڙهيو اٿم. هيءُ دستخط مون وٽ پهتو آهي، پڙهان ويٺو. عجب ٿو لڳي سنڌ ۾ اهڙا بيت، ان شاهه سائينءَ واري ويس وڳي ۾، اڄ به لکيا ٿا وڃن، اُهائي نياز نوڙت واري ٻولي، اُهو ئي لهجو! هونئن سنڌ ۾، سنڌي ٻوليءَ جو مهانڊو ته اڄ ڪلهه اردوءَ وارو ٿيندو ويو آهي. بيت ڏسو:
تو بن، راڻا، ڪئن ڪري، مومل ڇانگارا
هوءَ ڄڻ رڻ جي راڄ ۾، ڪا وڇڙيل ڌارا
ڪونهي تنهنجو ڪو پتو، پوءِ پڻ آسارا
ڪاڪ محل وارا، تو لئه تڙپن؛ آءُ، ڙي
مون کي ته چُپُ لڳي ويئي آهي، “پوءِ پڻ آسارا” ۾ ڪيڏي تانگهه آهي. پوئين پد ۾ پويان لفظ، “آءُ ڙي!” ڪيڏيءَ محبت وارو ڏوراپو آهي. ڇا اهڙي ٻولي سنڌ ۾ اڄ به پسند ڪئي ٿي وڃي، پڙهندڙ پڙهن ٿا، پوءِ ته سنڌ سڀاڳي آهي، سندس ٻچڙا اڄ به سندس پوتيءَ ۾ پلجن ٿا.
آءُ به، ڍاٽِي، ڪاڪ ڏي، وٽيان وِرهه وِرُونههَ
تو بن ڪهڙي سُونههَ، تو بن ڪهڙي جندڙي
ــــ
آءٌ اُڪنڊي، مينڌرا، اچ، مون کي ڳَر لاءِ
راڻا، منهنجا پريتڻا، هئه، ٻانهون ڦَهلاءِ
اهڙو ڀاڪر پاءِ، وڇڙي وڇڙون ڪينڪي
شاعري سمجهائڻ لاءِ ڪا نه هوندي آهي، جيڪو پڙهي سو پاڻ کي ڳولهي، جنهن کي اهڙي لوري لڳي هجي. ‘پريتڻا’ اکر کي ڪيڏي چڀ چڀ آهي، ڪهڙي هرکر ۽ ڀڻ ڀڻ آهي، ڪيئن ڪيئن ساهه ۾ سس پس سس پس ٿي ٿئي. هر ڪنهنجو مزاج پنهنجو، شعور پنهنجو. ذهن ۾ معنائون به ڪيتريون ڪيتريون اڀرن. اڪيلائپ کي ماڻڻ لاءِ ڪا کنَ، ڪا گهڙي، سامهون اچي ويهي رهندي آهي، پوءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذريو وڃن. سڀ بيت “سر مومل” جي ڇانو هيٺان لکيل آهن. مجموعي ۾ ڪجهه غزل به آهن. غزل جا هي ٻه شعر ڏسون:
پورنماسيءَ ۾ ڪارونجهر چوٽيءَ ليٽي، ‘سائر’
سنڌ اَنگيءَ تي مان تارن کان ڀرت ڀرايان ويٺو
ــــ
جِيوَن سترنگ اجرڪ منهنجو، مون آ توکي آڇيو
هرڪو چاهي پائڻ، وو، وو، پاڻ لنوايان ويٺو
ٻه چتر آهن. ڪيترا رنگ آهن، آڇڻ جي آرزو پڻ، لنوائڻ وارو ناز به. ماترڪ ڇند تي غزل آهي. گيت وانگر لذيذ چشڪي وارو. سنڌ جو اڪثر هرڪو شاعر اهو ڏيک به ڏيڻ چاهيندو آهي ته مون وٽ سنڌ جي ساڃاهه واري اُڻ تُڻ به آهي، اجرڪ به آهي، اها کسڪ، اهو ڊيڄو به، ان سان گڏ اهو ٻَلُ به ته مان پنهنجي وراثت پاڻ وٽ سوگهي رکندس، ڪنهن کي ڦري وڃڻ نه ڏيندس. ڦرمار وارو زمانو ويو، ته به پنهنجي ننڊاکڙي معاشري کي آگاهه ڪندو رهندو آهي ته سجاڳ رهجو، متان ڪو پنهنجو ئي، اهو ڪارنامو ڪري نه وجهي. پنهنجا، ڪڏهن ڪڏهن پڳ ٻڌڻ جي آسرن تي، ڪمزور بڻجي پوندا آهن. اسانجو هتي حال نه پڇو، ڍَوَن تي آهيون، منهن تي مکڻ به مکي هلندا آهيون.
هيءُ غزل به ڏسندا هلون:
ائن واءَ وڙهي ويا، ساٿيئڙا
ڪئين گُلّ ڇڻي ويا، ساٿيئڙا
ـــ
اڌ رات جهُڳيءَ جي سپني ۾
ڪي محل ڀري ويا، ساٿيئڙا
ڏاڍو چڀندڙ ڇهاءُ آهي، ڪيترو نه سنهڙو، جهيڻو “ائن واءَ وڙهي ويا، گُلّ ڇڻي ويا” جنهن وٽ اهڙو ماحول، سواءُ ماڻڻ واري سوچ هجي. پويون شعر اڌ رات وارو ولولو آهي، سپنو آهي، محل کي ڀوري ٿو وجهي: شاعر ته وڄندڙ ساز آهي؛ پرلاءُ پري پري تائين؛ سُر انيڪ؛ آلاپ سوين.
هيٺيان غزل جا شعر ڏسون، جيڪي من کي چهنڊڙي پائن ٿا:
ڇا ته جهونگار آ سُريلي، ڙي
ڪونج ڪائي هتي به لهڻي آ
ـــ
رنگ بدران چُهي وئي دلڙي
هيءَ تصوير ڇو ته مرڻي آ
ـــ
ڇانگ هرڻي جيان هڻي ويٺي
ڏات جهرڻي جيان به وهڻي آ
هن دستخط سان گڏ مزمل سائر جو انگريزي ڪويتائن جو مجموعو Silence of the Piano Sings به پهتل آهي. ڪويتائون به پڙهندس. پيانو اميرن جي گهرن جي سونهن ليکي ويندي آهي، ڦل ــ سوٽ پائي، جوان، نٽکٽ ٻار پيانو سان هٿ چراند ڪري پنهنجي اڪيلاين سان ڇيڙ ڇاڙ کي برداشت ڪرڻ سکي وٺندا آهن. پيانو جا سُر ان ۾ پيهي ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڏکندڙ من وارا حياتيءَ جي پوئين پهر ۾ ريشمي گائون پائي، هن ساز سان حياتيءَ جا ڏک اوريندا رهندا آهن. هيءُ شاعر چوي ٿو ته پيانو جي ماٺ ڳائيندي آهي. جڏهن هو گهر ۾ اڪيلو هوندو آهي، ماٺ جا سوکيم ڇهاوَ پير پير کڻي، سندس ڪلهي تي هٿ رکي اکين سان ڳائيندا رهندا آهن، ائين جئن اڌ رات جو هوا جي لهرن تي بانسريءَ جي مڌر، ٻاجهاري پيڙا دور دور ڦهلجي ويندي آهي، ڪيڏو سک ڏيندو آهي. انڀَوَ جون ننڊاکڙيون اکيون، ڪائنات کي چميون ڏيئي، الوليون ڪنديون رهنديون آهن.
وقت ڪيترا نه بدلاءَ کڻي آيو آهي. شاعر پنهنجي وقت جو شاهد آهي، سندس مشاهدا، اولڙا، اکر اکر، سٽ سٽ مان به لياڪا ٿا پائن. پنڌ هر ڪنهن کي پاڻ ڪرڻو آهي. انڌڪار ۾ پيچرا سَڏَ ڪندا آهن، هٿ کان وٺي ٻه وِکون گڏ کڻندا به آهن، پوءِ اڪيلو ڇڏي هليا ويندا آهن، ته هاڻي ٽانڊاڻن جي ٽم ٽم ۾ تون پاڻ وڃي پاڻ کي ڳولهه؛ هر ڪنهن اک ۾ انيڪ شرارتون ڏسندين، اهي سڀ تولاءِ آهن، تنهنجي اوسيڙي ۾ آهن.
مجموعي ۾ نظم ڊگها ڊگها آهن، جئن بازار ۾ ماڻهن جي پيهه لڳي پيئي هوندي آهي، ڪير ڪنهن کي سڃاڻندو به ڪونهي. مال ٿورو هجي، سيبائتو هجي، جيئن هيٺيون سٽون آهن:
سيج هوندي تارڙن جي، رنگ هوندا ڀُونءِ جا...
ـــ
پر جڏهن هيءَ ڀونءِ پوري ماڪ بڻجي مُرڪندي...
ـــ
جيئن اوڀر سجّ جا ڪرڻا ڇٽيندو کيت ۾...
ـــ
تو ڄڻيا ڪردار ڪيڏا، تو گهڻا هيرا جڙيا
پر الا، ڪجهه کي ڇڏي ٻيا سڀ ڀُري ويا، سنڌڙي
هيءَ وائي وري ڪنهن ٻئي هنڌ وٺي ٿي وڃي؛ لڳي ته اُها ئي مومل ٿي:
ڪاڪ رُئي ٿي رَتِ
مور مري ويا، مينڌرا
تو بن ولها ديس کي، ڇا ته لڳي آ لَتِ
ڪاڪ رُئي ٿي رَتِ
مور مري ويا، مينڌرا
پرڙا، کنڀڙا ويا ڪٿي، مئلن ڪهڙي مَتِ
ڪاڪ رُئي ٿي رَتِ
مور مري ويا، مينڌرا
هنج لُڊاڻو ويا ڇڏي، کوهي پوريءَ پَتِ
ڪاڪ رُئي ٿي رَتِ
مور مري ويا، مينڌرا
ٻُوسٽ، لَٽَ لَڙي آئي، ڌُوڙ ڪئي آ ڌَتِ
ڪاڪ رُئي ٿي رَتِ
مور مري ويا، مينڌرا
شاعر وٽ اوهان سان اورڻ جهڙو ٻيو به ڪيترو ئي قرب آهي. مون ته هڪڙي لپ ڀري آهي، ها ڪٿي ڪٿي هي اهڃاڻ به ڏنا اٿم، صرف اهو چوڻ لاءِ نه، ائين ئي فن ۽ فنڪار پاڻ سان رهاڻ ڪندا آهن. توهان پڙهندا ته ڪنهن شانت مان سُرڪَ ڀري وٺندا. مون ته ڄڻ هن مجموعي جي اوٽ ۾ پنهنجي جهريل جيءَ کي ويهي وائکو ڪيو آهي. ڪا ڳالهه ڪن ۾ چوڻي هُئي.
ارجن حاسد
نيل ڪنٺ، هندوستان