جو به تنهنجي نهار ۾ آهي، سو سدائين قرار ۾ آهي
جو نه آهي نهار ۾ تنهنجي، سو ته بس انتظار ۾ آهي
جستجو ۾ ڦُٽي پون باکون، آرزوءَ ۾ سدا جهُرن راتيون
تو پُٺيان چنڊ، چنگَ، ميخانا؛ بيقراري بهار ۾ آهي
تو سوا آڳ آهه ميخانو، جامَ، شيشا، شراب اُٻرن ٿا
هڪ نظر ڪر ته زندگي پلٽي، وقت هر پل شرارَ ۾ آهي
بانورو ٿيو، اُهو ته ڪُسجي ويو، جو به اُسريو مقام ڏي تُنهنجي
جنهن ڏٺيون مست تو سنديون اکڙيون، سِيسُ تَنهنجو ڪٽار ۾ آهي
سچ ته پاٻوههَ سان چئي ڏي ڪجهه، پو ته سُر، ساز آ سڄي دنيا
لطف تنهنجي نفيس گفتن جو، سچ، نه ڪنهن ڀي ستار ۾ آهي
زخمَ تنهنجي ڇُهاوَ تي ڀرجن، درد ڪي پيار جا نوان پلجن
ساءُ جو بزم ۾ اوهان جي آ، سو نه ڪنهن ڀي دَيار ۾ آهي
بي خبر، ڪر پري شرابن کي، ڀور گلڙا، ڏِيا اُجهائي ڇڏ
ٽوڙ سُرندو، نِهوڙ چانڊوڪي، سوز ۽ سونهن يار ۾ آهي
تون جُدا ٿي وَئين ته رِڻ ٿي ويو، نيڻ راهون تڪينِ ٿا تو لئه
رات گذريو وڃي ستارن ۾، ڏينهن هر ڪو ميار ۾ آهي
تون نه آهين، نه چنڊ اڀريو آ، دوست، دشمن، نه اجنبي آ ڪو
اڄ نه سُرندو، نه مَي، نه جهونگارون، سُڃّ چوڏس پٿار ۾ آهي
رات ۽ ڏينهن اينءَ گذرن ٿا، ڄڻ ته اُڀ کي کڻي هليو آ ڪو
جنهن ڪيو انتظار آ تنهنجو، سو سدا انتظار ۾ آهي
رنگ ويٺا پِيون نظارن مان، جوت پيا ٿا ڀريون ستارن مان
ڏس ته مُرڪون به پيا، ملهايون پيا، هونءَ جِيوَن ته ڄارَ ۾ آهي
اڄ ته آڪاس ۾ پڙاڏا هن، اڄ ته تَندون ٻَرن پَيون ‘سائر’
اڄ ته ورلاپ آهه دنبورو، اڄ ته راڳي شرارَ ۾ آهي