شاعري

کٿوريءَ کيپَ کيتر ۾

شاعريءَ جو هي ڪتاب ”کٿوريءَ کيپَ کيتر ۾“ خوبصورت شاعر مزمل سائر جي تخليقن جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2014ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 6921
  • 786
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مزمل سائر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book کٿوريءَ کيپَ کيتر ۾

مهاڳ

مهاڳ

اُڃ جنين جي سَيڻ

(1)

ڇا ڪاڪ محل ۽ ڍَٽَ جو سنڌ، اينٿيموئيسا Anthemoessa ۽ ٿريس Thraceجي يونان سان لاڳاپيل آهي؟
جڏهن يوناني ڏند ڪٿا جي کنڀڙاٽين کي ڇهاءُ ڏبو ته کَنڀَ کَنڀَ، پورَ پورَ مان انيڪ ورلاپ اٿندا؛ مٺڙي آلاپَن ۾ من موهيندڙ گيت گونجندا ۽ وايومنڊل ۾ موسيقيءَ جا پڙلاءَ اهڙيءَ ريت پکڙجي ويندا ڄڻ ته ڪائنات ۾ سواءِ سُرَ ۽ سازَ جي ٻيو ڪو وجود جنميو ئي نه هجي. انهيءَ سر سنگيت جي مانڊاڻ ۾ ميُوزِز Muses (ڏات جون ديويون) به نظر اينديون، ته سائرَنز Sirens (سُريلي آواز واريون جَل پريون) به ڏسڻ ۾ اينديون.
زِيوس Zeus (سڀني ديوتائن جو مُک ديوتا؛ آسمانن ۽ برساتن جو ديوتا) ۽ نيموسِينِي Mnemosyne (يادگيريءَ جي ديوي) جون نَوَ ڌيئرون هيون جن کي Muses سڏيو ويندو آهي. اهي پيريا Pieria ۾ پيدا ٿيون هيون. اهي ديويون فن جو اتساهه ڏيڻ لئه هر وقت آتيون آهن. جنهن کي به هي نوازين، اهي امر ٿيو وڃن. لفظ “ميوزِڪ” (موسيقي) به ان ئي لفظ “ميُوز” مان نڪتو آهي، جنهن جو مطلب آهي “ديوين جو فن”. يونان جي اوائلي شاعر هيسوئِڊHesoid پنهنجي ڪتاب ٿيوگنيTheogony ۾ انهن ڏات جي ديوين جو ذڪر ڪيو آهي. هيسوئڊ ئي انهن نون ڀيڻن جا نالا ڏنا آهن، جن کي تاريخ ٻين جي ڀيٽ ۾ مستند سمجهي ٿي. انهن مان هڪ آهي ڪِلاءِ يو Clio جيڪا تاريخ جي ڏات جي ديوي آهي. هوءَ تاريخدانن کي اتساهيندي آهي. ائين ئي ميلپومَنِي Melpomene ٽريجڊيءَ جي ديوي آهي. ساڳيءَ ريت يُوٽَرپِي Euterpe (بانسري وڄائڻ، غنائيه شاعري ۽ موسيقيءَ جي ديوي)، ايرَٽو Erato (رومانوي شاعري، غنائيه شاعري ۽ مذهبي شاعريءَ جي ديوي)، ڪيلي اَپِي Calliope (ايپڪ شاعريءَ جي ديوي)، پولِي همنِيا Polyhymnia (اداڪاري، ناچَ، غنائيه شاعري، مذهبي شاعري، ڊرامي، گيت، موسيقي ۽ فصاحت و بلاغت جي ديوي)، ٽَرپ سِڪَرِي Terpsichore (ناچَ، بانسري وڄائڻ، غنائيه شاعري ۽ گيتن جي ديوي)، ٿيلِيا Thalia (مزاح ۽ فطرت جي شاعريءَ جي ديوي) ۽ يورينِيا Urania (علم نجوميات جي ديوي) به آهن.
Sirens (جَل پريون) جو ذڪر نه ڪجي ته يوناني ڏندڪٿا جو هيءُ ڇيڙيل داستان اڌورو هوندو. هي اُهي وِينگسون هيون جن جي آواز ۾ سُر ۽ مَڌرتا جو راڄُ هو. هُو اُن دور جي يوناني سمنڊ ۾، جيڪو هاڻوڪي دور ۾ ميڊيٽيرينين سمنڊ آهي، هڪ ٻيٽَ اينٿيموئيسا تي رهنديون هيون ۽ پنهنجي جادو ڀريل گيتن سان سندن ٻيٽ ويجهو گذرندڙ مڙني سامونڊي ٻيڙن کي اهڙو مست ڪنديون هيون جو اُهي ڀنڀولجي، رستو ڀُلجي هنن جي ٻيٽ ويجهو لنگرانداز ٿيندا هيا. اُهي جَل پريون پنهنجي آواز سان گڏوگڏ پنهنجي سونهن جي ڪانن سان کين گهائي ويهنديون هيون ۽ اُهي ڀونڀوليا ڀونر انهن جَل پرين جو واسُ وٺندي پنهنجي ٻيڙن کي ڇيهون ڇيهون ڪرائي پنهنجين حياتين کي اَڏين تي رکي ماريئَڙن جي هٿئون اَجل جو جام پيئندا هئا. جيئن يوناني ڏندڪٿائن ۾ سائرَنز جو ذڪر آهي، ايئن ئي “نارس ڏندڪٿائن” ۾، جن کي اسڪينڊينيوِيَن ڏندڪٿائون به چيو ويندو آهي، بنيادي طرح پراڻي جرمن قصن تي ٻڌل آهن، هڪڙي ديوي رَئنRan نالي هئي جيڪا ناکئن کي پاڻ ڏي ساڳيءَ ريت ڇڪيو کين ڄار ۾ ڦاسائي تباهه ڪندي هئي، پر سائرَنز جي ڪٿا ۾ ڪا هڪ ديوي نه هئي؛ هي کوڙ مُنڌون هيون جن جا جسم پکين جهڙا ۽ چهرا خوبصورت عورتن جهڙا هيا؛ بعد وارن قصن ۾ کين مڪمل عورتون ڏيکاريو ويو آهي. ڪجهه جا نالا هن ريت آهن: ايگلوپِي Aglaope (خوبصورت مُنهڙو)، ايگلوفونوس Aglaophonos (من موهيندڙ آواز)، لُوڪوسِيا Leucosia (اَڇيرڙي)، لِگِيا Ligeia (تُندُ آواز جيان)، مولپِي Molpe (موسيقي)، پارٿِينَپِي Parthenope (ڪُنوار جهڙي)، ريڊنِي Raidne (سُڀاءُ)، ٽيلِيز Teles (مڪمل)، ٿيلسِيپِيئا Thelxepeia (من لُڀائيندڙ لفظ) وغيره. هنن مڙني مان ٽي جَل پريون سڀ کان وڌيڪ مشهور هيون: پارٿِينَپِي، لُوڪوسِيا ۽ لِگِيا. ڪيڏي نه مماثلت آهي هنن ٽن جَل پرين جي مشهور هجڻ جي مومل، سومل ۽ ناتر سان، جيڪي ڪاڪ محل ۾ هنن جئن تباهيون ڪنديون هيون! خير، هنن جَل پرين کي پَرَ به هوندا هيا پر ڏات جي ديوين (Muses) سان موسيقيءَ جي مقابلي ۾ هارجي وڃڻ کانپوءِ ديوين سندن پَرَ ساڙي ڇڏيا ۽ تنهن کانپوءِ هو اينٿيموئيسا ٻيٽ تي رهڻ لڳيون جتي هو جهازن کي ڦُري تباهه ڪنديون هيون. هومَر لکي ٿو: هڪ ڀيري اوڊيسِيئَس Odysseus جَل پرين وٽان گذرندي پنهنجي سڀني ساٿين جي ڪنن ۾ ميڻُ وِجهي ڇڏيو ته جيئن اُهي سندن آلاپ نه ٻُڌي سگهن ۽ پنهنجو ٻيڙو سڌو هلائي سندن قهر کان بچي نڪري وڃن ۽ پاڻ کي ٻيڙي سان ٻَڌرائي ڇڏيائين ته جيئن هو جَل پرين جي آواز مان مزو وٺندي گذري سگهي. اوڊيسِيئَس جو اهڙي ريت جَل پرين جي ٻيٽ کان بچي نڪري وڃڻ جَل پرين کي ايترو ته ڏُکيو لڳو جو هنن پاڻ کي سمنڊ جي لهرين ۾ ڇڏي ڏنو ۽ ٻُڏي سمنڊ جا پٿر ٿي ويون.
ٿورو ڌيان ڏجي ته ائن لڳندو ڄڻ اسان يونان جي ڏندڪٿائن واري علائقي نه پر سنڌ ڌرتيءَ جي ميرپورماٿيلي ۾ مومل جي ماڙيءَ جي پَڊَ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، يا وري ٿورو ئي اڳتي، اوڀر واري پاسي، هندوستان جي جيسَلمِيرَ جي حدن ۾ لُڊاڻي يا لَڊُوري جي ڀَنَن جو ذڪر ڪري رهيا آهيون. ائين لڳندو ته اسان ڪاڪ محل جو داستان پڙهي رهيا آهيون، جنهن ۾ ناتر جي اڳواڻيءَ ۾ مومل جون ٻانهيون ايندڙ جوڳين ۽ عاشقن کي لُٽي برباد ڪيو ڇڏين. جَل پرين جا هٿيار سندن سُرَ، مٺڙيون ٻوليون ۽ آلاپَ هئا، پر ڪاڪ محل جي ماريئَڙَن مومل جي مشهور ڪيل سونهن، جادومنترن ۽ ناتر جي ڇَلَن، مَڪرن، دولابن، چالُن تي ٿي ڀاڙيو. سونهن اهو هٿيار آهي جيڪو يونان ۽ سنڌ پنهنجن قصن ۾ ڀريو آهي، جنهن جي لهرين ۽ ليٽُن ۾ ٻئي (يونان جا ناکئا ۽ سنڌ جا جوڳي) تباهين جو منهن چُمن ٿا. جادوءَ جو ورجاءُ ٻنهين ڪٿائن ۾ موجود آهي، فرق صرف اهيو آهي ته يونانين وٽ جَل پريون ان عمل پويان ڪارفرما آهن، سنڌ ۾ اهي عام انسان ئي آهن. لُٽجڻ جو داستان به ٻنهين ڪٿائن ۾ آهي؛ ڪُسجي مري وڃڻ به ٻنهين ۾ ساڳيءَ ريت آهي. لطيف فرمائي ٿو:
گُجَرَ کي گَجويلَ جون تارَنِ ۾ تَبَرُون
هَڻِي حاڪِمَنِ کي زورَ ڀريون زَبَرُون
ڪاڪ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پَسو پَرَڏيهِين جُون.
بلڪل ايئن جيئن اوڊيسيئس جَل پرين کان پاڻ بچائي نڪري ٿو وڃي، ڪجهه جوڳي ڪاڪ جي ماريئَڙَن کان پنهنجي جان بچائي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا. اهڙي هڪ ڪامياب جوڳيءَ لئه لطيف چيو هو:
ڪالههَ گڏيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو بانَ بَرِي
سائِي سالَ ڪُلهَن ۾، سامِيءَ سونَ سَرِي
ڏيهُون خَبَرَ کَرِي، ڪا مومَلَ جي مَجازَ جي.

ڪالههَ گڏيوسوُن ڪاپَڙِي، پَهَرَ ڏِينهان پوءِ
ساميءَ سونُ ڪَنَن ۾، رَتَ وَرَنو روءِ
ڪَرِئو ڳالهيون ڪاڪ جِيون، چِٽيون اُڀو چوءِ
“جو مُنهن مومل پوءِ، تنهن جو موٽَڻُ ئي مَسَ ٿئي.”

بيکاريءَ کي بَرَ ۾ وِئو ڪَيفُ چَڙهِي
ڳالهِيون ڪَندي ڪاڪ جِيون ڳوڙها پِيَس ڳَڙِي
ڪا جا اَنگههَ اَڙِِي، جِئن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙِي پِيا.
هڪ ڀيري آرگوناٽَ Argonaut (آرگو Argo نالي ٻيڙي جا ٻيڙياتا جيڪي گولڊن فليس Golden Fleece “سوني اُنَ” جي تلاش ۾ نڪتا هئا) پنهنجي ٻيڙي کي جيئن ئي جَل پرين واري پاسي کان گذارڻ لڳا، ته هوائن ۾ ڦيريون اچي ويون؛ مَڌرتا، ميٺاڄ، گيتن جا پڙلاءَ سمنڊ جي ڇوليءَ ڇوليءَ کي مست ڪرڻ لڳا ۽ ٿيندي ٿيندي ٻيڙياتا سندن ٻيڙي کي جَل پرين جي ٻيٽَ اينٿيموئيسا ڏي ڇِڪِيندا ويا. هوڏانهن هو جَل پريون انهن ناکئن جي تباهيءَ جون تياريون ڪري رهيون هيون.
پر هن ڀيري جَل پَرين جي وَسُ ڪجهه نه هئو، ڇو ته آرگو ٻيڙي ۾ هن ڀيري آرفِيئَس Orpheus به موجود هئو. آرفيئس هڪ ڏات جي ديوِي، پولي هيمنِيا جو ۽ ڪن روايتن ۾ ڪيلي اَپِي جو پٽ هو. آرفيئس اُهو موسيقار هئو جنهن کي اپولو Appolo (سورج ديوتا) هڪ لائِرُ Lyre (يوناني تاريخ ۾ بانسريءَ کان به بهتر سمجهيو ويندڙ هارپ Harp ساز سان مشابهت رکندڙ تارُن وارو ساز) تحفي ۾ ڏنو هئو ۽ ڏات جي ديوين کيس موسيقي سيکاري هئي. آرفِيئَس اُهو موسيقار هئو، جنهن جون آڱريون جيئن ئي لائِرَ کي ڇُهنديون هيون، فضا ۾ لمحا تانڊَو ناچُ ڪرڻ لڳندا هئا. هُن جي موسيقيءَ ۾ ايترو ته سوز هئو جو سندس ساز جي گونج تي پکي پرند، جانار بلڪه وَڻَ ٽِڻَ ٻوٽا به سرڪي وٽس ويندا هئا. ڏسو ته شيڪسپيئر آرفيئس بابت ڇا ٿو چئي:
Orpheus with his lute made trees,
And the mountain tops that freeze,
Bow themselves when he did sing:
To his music plants and flowers
Ever sprung; as sun and showers
There had made a lasting spring.
Everything that heard him play,
Even the billows of the sea,
Hung their heads, and then lay by.
In sweet music is such art,
Killing care and grief of heart
Fall asleep, or hearing, die.
(King Henry VIII, Act III, Scene I)
هڪ ٻئي ڊرامي، “ٽُو جينٽلمين آو ويرونا” ۾ به شيڪسپيئر آرفيئس تي لکي ٿو:
For Orpheus’ lute was strung with poets’ sinews,
Whose golden touch could soften steel and stones,
Make tigers tame, and huge leviathans
Forsake unsounded deeps to dance on sands.
ڇا ته مماثلت آهي هن ذڪر ۾ آرفِيئَس جِي، ڏياچَ جي ڪنڌ کي ڌَڙَ کان الڳ ڪرائيندڙ ٻِيجل سان! ٻِيجل جي ڪُماچَ جي گونجن تي به ائين ئي پکي پرند ۽ جانار محو ٿِي ٻِيجل جي چوڏس بيهندا هئا ۽ کيس مست ٿي ٻُڌندا هئا. خير، جيئن ئي آرفِيئَس، جَل پَرين جي آلاپن تي رستو مٽيندڙ جهاز “آرگو” کي ڦيرِي کائيندي ڏٺو، هن لائِرَ ۾ هٿ وِجهي ٻُرائڻ شروع ڪيو ۽ اهڙيءَ ريت ٻُرائيندو رهيو جو سندس سُرَ جَل پَرين جي سُرن جي اثر کي ٽوڙي ويٺا. ناکئا جَل پَرين جي گيتن کي ڇڏي آرفِيئَس جي آلاپن ۾ مگن ٿي ويا ۽ واپس پنهنجي مارڳ ڏانهن اُسريا بغير ڪنهن تباهيءَ جي بلڪل ائين جيئن اوڊيسِيئس ۽ ان جا ساٿي. اهڙي موقعي تي لطيف ڪجهه هيئن فرمايو آهي:
ڪاڪ نه جهَلِئا ڪاپَڙِي، موهيا ڪنهن نه مالَ
سوڍيون سِجهائي هَلئا، هَهَڙا جَنِي حالَ
جي ڇورين ڏنا ڇالَ، ته پِه لاهُوتِي لنگهي وئا.

ڪاڪ نه جهَليا ڪاپَڙِي، موهيا نه مَحَلَن
ٻائِن ۽ ٻانهِين جي ٻَنڌَڻ ڪِينَ ٻَجهَن
لَکين لاهوتِين، اِهَڙِيون اوريان ڇَڏيون.


اِهَڙِيون اوريان ئي ڇَڏي وِئا لاهُوتِي لَکَ
پايو پِٽِينِ ويٺِيون ڪاڪ ڌَڃاڻِيون ڪَکَ
پيئِي ايءَ پَرَکَ، ته سوڍيون سِجهائي وِئا.
راڻي مينڌري به آرفِيئَس وانگي ئي ڪاڪ محل جي جَل پَرين کي ٻوڙو ڪيو هئو ۽ انهن جا وِڇايل سمورا ڄارَ ٽوڙيا هئائين. هيءُ هڪڙو ئي اهڙو جُنگ جوان هو جنهن ناتر جي چالُن کي هلڻ نه ڏنو ۽ وڃي هنڌ ڪيائين، جنهن تي مومل ناتر کان ٿي پُڇيو:
ڪهڙو جُنگُ جَوانُ، جَنميو آ هِنَ جُوءِ ۾؟
ڪَنهنجو هُوڙو ڪانُ، گهائي ويٺو ڪاڪ کي؟

ڪهڙي باناڦاڙَ، مارِيئَڙَن ڏي ڪاههَ ڪئي؟
هَهڙِي اَرتِي ڳاڙَ! ڪنهن باناريو ڪاڪ کي؟

ڪيئِي ڪُٺا ڪاڪ ۾، ڪيئِي اَنگهَنِ پيا
پَرَ ههڙا ته نه ٿيا، جن واڍوڙيو ڪاڪ کي!
راڻي کان پهرين ڪاڪ ۾، لطيف چواڻيءَ، جوڳين جون قبرون ئي قبرون هيون. راڻي نه رڳو اوڊيسِيئس وانگي ناتر ۽ سندس سنگتياڻين جي رمز پروڙي، بلڪه آرفِيئَس وانگي سندن زور ڀڃي لاتو. هيءُ ڪو ٿريس جو رهاڪو نه هئو، هي ته ڍاٽِي هئو، جيڪو “بابو بانَ بريءَ” جي داستان ٻُڌي، مومل جي مجاز جا ڪانَ پنهنجي روح ۾ محسوس ڪرڻ کانپوءِ همير سومري، ڏونئري ۽ هڪ ٻئي سنگتيءَ سِينهَڙي ڌماچاڻيءَ سان گڏ ماريئَڙَن جي ڪاڪ ڏانهن روانو ٿيو هئو. هيءُ آرفِيئَس وانگي غلطيءَ سان جَل پَرين ڏانهن نه ويو هئو؛ هي ته پڪي پرياڻ سان ڪاڪ ڏي اُسريو هئو. راڻي سوڀ ماڻِي، مومل کي پنهنجو ڪيو، مجاز جي گلڙن مان واس ورتو، وکرائيءَ جا وارَ سَٺا، ويندي عشق جي داستان جي پڇاڙي ڪندي باهه جي مچ ۾ مومل پويان ٽَپو ڏنو ۽ اَجل کي چُميو.
آرفِيئَس بابت تاريخ ٻه رايا ڏئي ٿي: هڪ ته هو ديوتا هئو ۽ ايئن هو ڏندڪٿا جي ايجاد آهي؛ ٻيو بلڪل ان جي ابتڙ: هو هڪ عام ماڻهو هئو جيڪو نه رڳو هڪ بهترين موسيقار هئو بلڪه هڪ عظيم شاعر هئو. هن جي شاعريءَ جي بنياد تي آرفِڪ مسٽسزم Orphic Mysticism يا آرفِزِم Orphism (آرفيئس جو تصوف) نالي مذهبي فرقو يا گروهه ٺهيل آهي (اهڙا ڳجها مذهبي گروهه اڄڪلهه به موجود آهن، جيئن فِرِي ميسن Free Mason ، جيڪو هندوستان توڙي پاڪستان ۾ به موجود آهي). ان ڳجهي مذهبي گروهه کي اڳتي وڌائڻ ۾ آرفِيئَس جي ثنائن جو وڏو هٿ آهي. اها هڪ ٻي ڳالهه آهي ته اونوميڪرِيٽَس Onomacritus نالي ايٿنز جي هڪ شخص جي باري ۾ اهيو مشهور آهي ته آرفِيئَس جي ڪلام مان ڪيترا ئي نظم هن جا لکيل آهن. اهيو ان ڪري جو اونوميڪريٽس جو دور ڇهين صدي قبل مسيح ڏيکاريل آهي ۽ آرفيئس جو ڪلام به ساڳئي دور ۾ مليل ٻُڌايو وڃي ٿو. آرفيئس جون لکيل ثنائون اڄوڪي وقت تائين ملن ٿيون ۽ پڙهيون وڃن ٿيون. هن جون ثنائون ديوتائن، ديوين وغيره تي لکيل آهن، جن ۾ ميوسيس، هيڪيٽ، پروٿيريا جي ديوي، رات، جنت، ايٿر، پروٽوگونس، تارا، سج، چنڊ، فطرت، هرڪيوليز، سيٽرن (زحل)، رِيئا، جيوپيٽر (مشتري)، جُونو، نيپچون، پلوٽو، بادل، ٽِيٿِيس، نيرِيَس، نيرِيڊز، پروٽِيئس، ڌرتي، خدائن جي ماءُ، بيڪس (ڊايوني سس) وغيره به شامل آهن. مون اهي ۽ ٻيا سمورا نظم پڙهيا آهن. انهن نظمن ۾ ترجمي جي باوجود به هڪ موسيقي آهي، جنهن کي ٻُڌڻ وارو روح نظرانداز نه ٿو ڪري سگهي. مثال خاطر هڪ نظم جيڪو هن ڊائنا ديوي تي لکيو هئو:
Hear me, Jove’s daughter, celebrated queen,
Bacchian and Titan, of a noble mien:
In darts rejoicing, and on all to shine,
Torch-bearing Goddess, Dictynna divine.
O’er births presiding, and thyself a maid,
To labour pangs imparting ready aid:
Dissolver of the zone, and wrinkled care,
Fierce huntress, glorying in the silvan war:
Swift in the course, in dreadful arrows skill’d,
Wand’ring by night, rejoicing in the field:
Of manly form, erect, of bounteous mind,
Illustrious daemon, nurse of humankind:
Immortal, earthly, bane of monsters fell,
‘Tis thine, blest maid, on woody mounts to dwell:
Foe of the stag, whom woods and dogs delight,
In endless youth you flourish fair and bright.
O universal queen, august, divine,
A various form, Cydonian pow’r, is thine.
Dread guardian Goddesss, with benignant mind,
Auspicious come, to mystic rites inclin’d;
Give earth a store of beauteous fruits to bear,
Send gentle Peace, and Health with lovely hair,
And to the mountains drive Disease and Care.
(From “The Mystical Hymns of Orpheus” translated from Greek by Thomas Taylor)
راڻي مينڌري باري ۾ اهڙو ڪو به رايو ناهي ته هو ڪو ديوتا، موسيقار يا شاعر هئو. جيئن آرفيئس جو بهترين هٿيار هئو سندس موسيقي، تيئن راڻي مينڌري وٽ هوشياري ۽ چالاڪي هئي، جنهن کيس ناتر تي سوڀ ڏني. ان کان علاوه اهو رومانوي داستان ۽ ماحول آهي جيڪو راڻي کي اهميت وٺرائي ٿو. راڻو، راڻو ٺهي ٿو مومل جي ڪري، جيئن مومل، مومل ٿي ٺهي راڻي جي ڪري. هتي ڪو به ديوتائي رنگ ناهي. هتي سڀ پُرش ئي پُرش آهي.
آرفيئس جي داستان ۾ ان ڍنگ واري رومانوي شيءَ ناهي. باقي آرفيئَس جي موت جي باري ۾ يوناني ڏندڪٿا ۾ اهيو ٻُڌايو ويو آهي ته هو پنهنجي زال يورِيڊِيسEurydice سان تمام گهڻو پيار ڪندو هئو ۽ جڏهن نانگ کيس ڪکي وڌو ۽ هوءَ مري وئي، ته آرفيئس هيڊِيز Hades (يوناني ڏندڪٿا ۾ “انڊر ورلڊ” يا ٻيءَ دنيا کي چون ٿا جنهن ۾ مُڙدن جي روحن جو آسٿانو به آهي؛ هيڊيز ان انڊر ورلڊ جي ديوتا کي به چيو ويندو آهي) وڃي ٿو ۽ پَرسِيفَنِي Persephone (هيڊِيز جي اڳواڻ) کي مڃرائي پنهنجي زال کي واپس وٺي اچي ٿو. واپسي دوران پرسيفني کيس چوي ٿي ته جيسيتائين هيڊيز کان ٻاهر نه ٿو نڪرين تيسيتائين واپس مڙي نه ڏسندين. آرفيئس کي اها ڳالهه وسري ٿي وڃي ۽ هڪ جڳهه تي تجسس ۾ واپس مُڙي ڏسي ٿو (اووِڊ Ovid پنهنجي شعري مجموعي ميٽامورفَسِز Metamorphosis۾ ٻُڌائي ٿو ته پنهنجي زال جي سڪ ۾ هو کيس مُڙي ڏسي ٿو)، تنهن تي سندس زال هن کان هميشه لئه کسجي وڃي ٿي. ان کانپوءِ آرفيئس ان جي غم ۾ ديوداس ٿي وڃي ٿو. ڪا به چندرمُکي کيس نه ٿي وڻي، جڏهن ته پورو ٿريس، سندس شهر، چندرمُکي لڳو پيو آهي ۽ هر چندرمُکي هن ديوداس کي ماڻڻ چاهي ٿي، مگر ديوداس آهي پارو ۾ مگن. کيس پارو کان علاوه ڪا ڪامڻي موهي ئي نه ٿي. ان تي ٿريس جون عورتون هيلا وسيلا هلائڻ کانپوءِ به ڪجهه نه ورڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي کيس ٽُڪر ٽُڪر ٿيون ڪري ڇڏين. هڪ خيال اهيو آهي ته آرفيئس ڊايوني سس Dionysusجي مقابلي ۾ اپولو (سورج ديوتا) کي وڏو ديوتا مڃيندو هئو ۽ ان ڪري پرهه ڦٽيءَ جو اٿي مائونٽ پينگيئان Pangaion تان سج جو اڀرڻ ڏسندو هئو، جيڪو ڊايوني سس کي بلڪل به نه آئڙندو هئو ۽ ان لئه سندس پوڄارڻين، مينيڊز Maenads، آرفيئس کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو. جنهن به حوالي کان ڏٺو وڃي ته آرفيئس کي هر ڪنهن پاڻ ڏانهن ڇڪيو ٿي ۽ نتيجي ۾ کيس اجل جو جام پيئڻو پئجي ويو. آرفيئس جي ڪَٽيل مُنڍِي هيبرُوس Hebrus نديءَ ۾ ترندي لهرين سان لُڙهندي وڃي ٿي ۽ سندس آواز جا پڙلاءَ سُرَ سُرَ جي ونگن ۾ فضائن ۾ گونجندا رهن ٿا. آخرڪار مُنڍِي ليسبوس Lesbos شهر ۾ پڄي ٿي ۽ اُتي ئي دفن ٿي ٿئي. هي اُهو ئي شهر آهي جنهن ۾ يونان، بلڪه پوريءَ دنيا جي، تاريخي حوالي سان، پهرين شاعره سئفو Sappho پيدا ٿي هئي. آرفيئس جي مُنڍيءَ جو اُتي پورجڻ پونيرن لئه موسيقي ۽ شاعريءَ جو بنياد بڻيو ۽ واقعي به ليسبوس غنائيه شاعريءَ جي آماجگاهه رهيو آهي. آرفيئس جي جسم جا ٻيا حصا ڏات جي ديوين کڻي پيريا ۾ پوريا، جتي، چون ٿا، ته بلبل جنهن سوز ۾ ڳائيندي آهي، ان سوز ۾ بلبل دنيا جي ٻئي ڪنهن به هنڌ نه ڳائيندي آهي. آرفيئس جو ساز “لائر” زيوس کڻي آسمان ۾ ڪانسٽيليشن لائرا Constellation Lyra (نکٽ) جي صورت ۾ چنبڙائي ڇڏيو ۽ هن جي آتما سندس زال يوريڊيس ڏي هلي وئي ۽ اتي ئي آهي.
آرفيئس ۾ ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ ٻئي گڏجي ٿا وڃن. ان کان علاوه راڻو مينڌرو ۽ ديوداس به. پهرين هو صرف راڻو آهي جيڪو جَل پَرين جي سحر کي ٽوڙي ٿو؛ پوءِ هو پنهنجي لاڏيءَ (ونيءَ) جي غم ۾ ديوداسُ ٿي پوي ٿو؛ بعد ۾ ان غم کي وسارڻ لئه ڳائي ٿو ۽ ڳائيندو ٿو وڃي، تان جو کيس ٽُڪر ٽُڪر ڪيو وڃي ٿو؛ پر سندس ڪپيل مُنڍي به ڳائي ٿي جيسيتائين هو پوريو نه ٿو وڃي. هوڏانهن ٻِيجل پنهنجو ڪُماچُ ٻُرائي ڏياچَ جي ڪنڌ کي سِسيءَ کان ڌار ڪرايو هئو؛ هِتي وري آرفِيئَس جو پنهنجو ڪنڌ ڪپجي وڃي ٿو پر سندس ڪپيل مُنڍيءَ جي لبن تي گيتن جي گونج آهي ۽ سُر سُر هيبرُوس نَديءَ ۾ پنهنجو وجود پوکيندو وڃي. سورٺ ڪٿي به ناهي، مومل ڪٿي به ناهي، يا ته راڻو مينڌرو آهي، يا ته ٻِيجل يا وري آرفِيئَس. جيڪو رنگ آرفيئس جو آهي، سو اسان جي قصن ۾ ذرڙي برابر به ناهي. پر سنڌ جو هيءُ اهو رومانُ آهي جيڪو مومل کي مومل ٺاهي ٿو ۽ کيس امر ٿو ڪري ڇڏي. ان ئي مومل جي ڪري راڻو راڻو ٿو بڻجي ۽ ويندي آرفِيئَس سان روح رهاڻيون ڪري ٿو. مومل، اينٿيموئيسا ٻيٽ وانگي ڪاڪ محل جوڙائي ٿي. سومل، ناتر ۽ ٻيون ٻانهيون جَل پَرين وانگي پنهنجا ڄارَ وڇائين ٿيون ۽ جوڳين جي تباهيءَ جا داستان لکن ٿيون. مومل راڻي جي ڪهاڻيءَ جو هيءُ سبب کيس نرالو ٺاهي ٿو ۽ يوناني ڏندڪٿا جي ويجهو آڻي بيهاري ٿو. اتان ئي مماثلت شروع ٿي ٿئي. اتان ئي جادوءَ ۽ سونهن جي ڪٽارُن جا مثال جُڙن ٿا. اتان ئي تباهين جا داستان وکرن ٿا ۽ اتان ئي اوڊيسيئس ۽ آرفيئس گذرن ٿا، راڻا مينڌرا لنگهن ٿا. جيئن اوڊيسيئس جي گذري وڃڻ تي جَل پريون پاڻ کي سمونڊ ۾ اڇلين ٿيون، تيئن راڻي جي وڃڻ تي ڪاڪ آتَڻَ اُجهاڻا ٿي پون ٿا. پر سڀ کان اهميت واري ڳالهه آهي راڻي ۽ مومل جو رومان. اهيو رومان ئي آهي جيڪو ان ڪهاڻيءَ جو روح آهي.
يوناني ڏندڪٿائون يوناني سماج جي سوچ جو وقت جي آرسيءَ تي آندل تصويرن جي ڪولاج جو نانءُ آهي. سو آهي سنڌ جي آکاڻين، ڏندڪٿائن يا حقيقت سان جُڙيل قصن جي پرتوو ۾. انهن ٻنهي تهذيبن جي ڪٿائن اندر هڪجهڙائي انساني سوچ جي هڪجهڙائيءَ جو ورلاپُ آهي. ڪير به ڪنهن کان متاثر ٿي سگهي ٿو ۽ بغير متاثر ٿئي به هڪجهڙائي رکي سگهي ٿو. آرفِيئَس ۽ راڻي مينڌري، تان جو ٻِيجل اندر ملندڙ هڪجهڙايون، منهنجي نظر ۾، انساني سوچ جي هڪجهڙائيءَ جو نتيجو آهن، بلڪل ائين جئن جَل پَرين جو نارس ڏندڪٿا جي ديوي “رَئن” سان، يا يوناني ديوي ايفروڊائٽي Aphrodite جي هندوستان جي سَرَسوَتيءَ سان، جنهن جي “وينا” جي تارن مان به سُرَ ايئن وکرن ٿا، جيئن ايفروڊائٽيءَ جي لِڱ لِڱ مان سونهن بکي ٿي ۽ سُڳنڌ وکري ٿي! اهيو سڀ ڪجهه ان ڪري ائين آهي، ڇو جو اهي انساني آتم کي ڇُهن ٿيون.
جيڪو فنڪار يا ليکڪ آتم کي ڇُهندو، اُهو بنا ڪنهن گمان جي انساني بنياد کي ڇُهي رهيو هوندو. رَهڙَ يا گهاءُ اچڻ تي، ڌَڪُ لڳڻ تي ايزاءُ اچي ٿو؛ پيار تي ساءُ، سُکُ، ڪلياڻ اچي ٿو؛ واکاڻ تي سَرهائي ٿي ٿئي؛ آزادي دولت ٿي ڀانئجي؛ بَندَ، جاڙَ؛ جنسي آڳ، رمز ۽ لطف؛ بُک، گرمي، سيءُ، ٿَڪ، ننڊ، جاڳ، پريتڻو، جُدائي، اڪيلائي، غم، خوشي! اهيو سڀ آتم آهي، انساني جبلت جو پرتوو، فطرت جو آلاپ! ان آتم ٻاهران، ان جبلت جي پرتوو ٻاهران، ان فطرت جي آلاپ ٻاهران هڪ اَکُٽُ سَپاٽُ آهي؛ هڪ مٿاڇرو، مَٿُ آهي، جتي سماج جون ليٽون، لهريون ۽ وِيرون جِيوَن جي مهاساگر جون موجون ماڻين ٿيون. رسمون، رواج، ٻوليون، ويس، پئسو، جڳهيون، وڻج واپار، رهڻي ڪهڻي، شاعري، فن، نظريا، مذهب وغيره سڀ سَپاٽ آهن. اهيو سَپاٽ تهذيب ۽ تمدن تي رنگ وکيري ٿو. انسان ان سَپاٽ ڪري هڪ ٻئي کان الڳ ۽ نيارا آهن. جتي فن ۽ ليک آتم کي ڇُهي ٿو، اُتي هڪجهڙائي فطري آهي ۽ اُتي آفاقيت جي جهنڊي جي ڦڙڪڻ جا امڪان جُڙي پون ٿا؛ جتي جتي سپاٽ کي گاٺَ پوي ٿي، تفاوت فطري آهي ۽ اُهي پوءِ مخصوص سپاٽَ يا مٿاڇري يا مٿ سان مٿو ٽيڪي بيهن ٿا. پر ٻنهي جو ميلاپ هڪ نئون رنگ ٿو پيدا ڪري. ڏانءُ يا سکيا ۽ اندر جي آڳ جيڪا سپاٽن کي ڀوريندي آتم ۾ کُپي سگهي، اوتري ئي ضروري آهي جيتري آتم کي ڇُهڻ جي اِڇا ۽ خواهش. انهي ريت ڏسبو ته يوناني ڏندڪٿائن جو سنڌ جي ڪهاڻين سان هڪجهڙائيءَ وارو رنگ آتم کي ڇُهڻ وارن پهلوئن ڪري محسوس ٿيندو؛ پوءِ اهو جَل پَرين جي هٿئون تباهه ٿيڻ جي صورت ۾ هجي يا ناتر ۽ سومل جي ٻانهين هٿان؛ پوءِ اهو مومل ۽ راڻي جي روماني داستان جي صورت ۾ هجي يا آرفيئس جي يوريڊيس سان عشق جي ڪيفيت وارو داستان؛ ڳالهه مڙيئي ساڳي آهي. اهي هڪجهڙائيون نه رڳو آتم کي ڇهڻ جي ڳالهه کي ورجائين ٿيون، بلڪه آفاقيت جي رمز کي پروڙڻ ۾ به اڳتي آهن ۽ ڏسين ٿيون ته ڪيئن هڪ ٻئي کان زمان و مڪان جي حالتن کان ڌار ٿيندي به ٻنهي جي ڪٿائن ۾ هڪجهڙا رنگ آهن.
“سُر راڻو” لطيف جي رومانوي سُرن مان هڪ آهي. ان ۾ راڻي مينڌري جو ڪردار اُتم ڏيکاريل آهي. راڻو ناتر جا وڇايل ڄارَ ٽوڙي، سڄو طلسمي مَنڊُ ڀڃي مومل جي ماڳ تائين پڄڻ ۾ سوڀ ماڻي ٿو؛ ان ڪري راڻي جو ڪردار مومل کان وزنائتو ٿي ٿو پوي. اهيو ڪردار ويتر وزنائتو ٿي ٿو پوي جڏهن مومل غلطي ڪري سومل کي مرداڻن ڪپڙن ۾ پاڻ سان گڏ ٿي سمهاري. راڻي جي ڪردار ۾ اڃا وزن پيدا ٿئي ٿو جڏهن هو مومل کان رُسي وڃڻ باوجود به مومل جو ٻئي ڪنهن ڪانڌ (سومل) سان سمهڻ وارو راز راز ئي ٿو رکي؛ کيس لڄي نه ٿو ڪري. پوري سُر ۾ وکرائيءَ جي عالم ڪري مومل راڻي مينڌري جون آزيون، منٿون ٿي ڪري ۽ پنهنجي ڪيل غلطيءَ کي ميٽڻ جي ڪوشش ٿي ڪري. ان ڪري راڻي جو ڪردار اُتم ٿي ٿو پوي. سڄي سُر ۾ مومل لِيلائي ٿي، معافيون ٿي گهري؛ انتظاريءَ، اوسيڙن ۽ ڳڻتين ۾ ڏيکاري وئي آهي. مومل کي اهڙي رنگ ۾ جڪڙيو ويو آهي، جو هوءَ راڻي کان پاڻ کي الڳ نه ٿي ڪري سگهي؛ ۽ ڪندي به ڪيئن؟ راڻو ته منزل آهي ۽ منزل ماڻڻ وارا مدام ئي واٽهڙوئن جئن ڏنجهن ۾ رهندا آهن. مومل پيڙائن مان گذري ٿي، پر واقعي، اگر راڻو ايترو مانائتو نه هجي ته مومل جي پيڙائن جي به ڪا حيثيت نه ٿي رهي.
جهڙو محرڪ هوندو، تهڙي شڪل مضمون جي. جهڙو ڍنگ هوندو مضمون سان نڀائڻ جو، تهڙو ئي مضمون سرجي هٿن ۾ ايندو. لطيف جي سُر راڻي پويان، ٻين ڪيترن ئي محرڪن کان علاوه، ساهه کڻندڙ محرڪ وحدت الوجود آهي. ان محرڪ ڪارڻ، پوءِ ڀلي سندس ڪردار جي وِينا ۾ آروهي ۽ امروهي، سُرن جي سرگم ۾ اُڄهي نه سگهن، گهُمي ڦِري راڻو مينڌرو وحدت الوجودي منزل بڻجي ٿو پوي ۽ مومل هڪ هيڻو ۽ گنهگار انسان جيڪو ان منزل تي پڄڻ لئه جاڙون سهندو، هيلا وسيلا ڪندو ٿو رهي؛ پوءِ کيس هر جڳهه تي راڻو ئي راڻو ٿو نظر اچي: “راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ڪِين ناهه ٻيو” (لطيف). دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته لطيف جو محرڪ سَپاٽ وارو آهي، جڏهن ته سندس مضمون جي چونڊ آتم کي ڇهڻ واري آهي. ان ڪري سُر راڻو ٻنهي ڌارائن جو سنگم آهي. جتي جتي وحدت الوجود جي وڻڪَ اُٿندي، اُتي فقط ئي فقط ان نظرئي ۾ دلچسپي وٺڻ وارن لئه ڪو رنگ هوندو، ڪو ساءُ هوندو، ڪو هڳاءُ هوندو؛ پر جتي جتي وڇوڙي جو ورجاءُ ٿو ٿئي، وکرائي وارَ ٿي ڪري، جتي جتي اوسيڙا هانوَ جي تَندن کي ڳارين ٿا، جتي جتي شڪ ۽ گمان ڪنهن ڪان جيان جگر ۾ ٽُنبجي ٿا وڃن، جتي جتي سونهن آئڙي اچي ٿي، جتي جتي پريت جون ڪٽارون آتم کي ڪورين ٿيون، جتي جتي اُلن، آرانڀن ۽ لُڪن ۾ مومل جي ڏاچي راڻي کي وَوڙِيندي ڊڪي ٿي، پاڻ کامي ٿي ۽ مومل به ساڻس پَڄري ٿي، اُتي اُتي آتم، جبلت، فطرت سَپاٽ کي ڀوريو انسان جي روح ۾ سمايو وڃن؛ اتي نظريا ڇڻيل ڪک پن ٿيو وڃن، فلسفا بي معنيٰ؛ فقط انسان جي روح جون ڌمائون ۽ مرڪون جاڳن ٿيون، جهرڻن وانگر جهرڪن ٿيون؛ اُتي لطيف جي اندر جو ڪَوِي سڀاويڪ نموني فن جي اوج تي پڄي انساني آتم جي جهنڊي کي جهولائي ٿو.
ڪيترن ئي “سُر مومل” يا “سُر راڻو” يا “سُر مومل راڻو” لکيو آهي. انهن سڀني جي محرڪن کي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته اُهي هڪ ٻئي کان پنهنجي محرڪن جي ڪري، پنهنجي ڏِسَڻ جي انداز ڪري الڳ آهن. انهن جي دنيا الڳ آهي، رنگ الڳ آهن، ويندي جو سندن مومل ساڳي مومل ناهي، نه ئي راڻو ساڳيو راڻو آهي. هن ڪتاب ۾ بيتن جي صورت ۾ هڪ ئي سُر ڏنل آهي: مومل. ان کي پڙهڻ کانپوءِ انهيءَ پٺيان ساهه کڻندڙ محرڪ به پَسجي سگهبو. هن سُر ۾ راڻو مينڌرو پنهنجين سوڀ ماڻڻ واري خصلتن ۾ ته اهو ئي آرفِيئَس آهي، پر ڪردار جي لاهن چاڙهن ۾ کيس مومل کان وزنائتو ٿيڻ ۾ پنهنجي جهوني ڏاچيءَ تي سوڙهين گهٽين مان گذرڻو پوندو، ڏِنگين ڀِٽن تان چڙهڻو ۽ لهڻو پوندو! باقي رهي مومل، ته هن سُر جو نالو ئي آهي: مومل!

(2)
ٻولِي وقت جي ڪنهن واديءَ ۾ ڪيل ڪُوڪ يا آلاپ جو پڙاڏو آهي؛ هڪ راڳ آهي، جنهن جي آروهيءَ جي گونج سُمَهلي آ ته سندس امروهيءَ جو پڙلاءُ ڪُمَهلو، جنهن جو “اَچل سُر” پورو آ ته سندس “سَم” اَڻپورو. ڪجهه آهي جو ٻوليءَ جي روح ۾ اُوڻ ڇڏيو، اُلَٿو وڃي اُن اُجهاڳَ ڏانهن جا ڪيترين ئي ڪوششن بعد به لڙاٽيل رهجيو وڃي. اُن اُجهاڳَ جي پنڌ اُتي ڪوهيڙو درٻار لڳائي ويهي ٿو. اُتي ڪوهيڙي سان گڏ مينهوڳيءَ جي ڪڻ ڪڻ سوچن جي پانڌين کي سرڪڻ تي مجبور ڪريو ڇڏي؛ واچوڙن جي ڀُوڻِ، جهَڪن جا سرڙاٽَ، وِڄن جا وَرَ، وراڪا، ڌنڌ، ڌُڌَڙ، احساسن جي ڪانن کي به پنهنجي آچامن کي ڇهڻ کان ڏُور ڪريو ڇڏين، تان جو تخيل آڏو اهڙو وايو منڊل جُڙيو پوي جنهن ۾ اَڇَ، اَڇاڻِ، ميراڻ، بُڀُڙ، کيههَ، سڀ چيڙهه ورتل وارن وانگي هڪ ٿيو وڃن؛ تخيل جون اَڌوتيون چڳون، احساسن جون ميرانجهيون ماڙيون؛ هاءِ! هيڏي ڪارونڀار ۾ کنوڻين جي چمڪاٽون ڏيڻ تي اندر ۾ اَرڪَ اُسريو اچن؛ اُهي اَرڪَ جنهن سان ڪاراڻ ڪلهو ڪلهي سان ملايو هلي. ٻولِي رُڃ جيان جهرڪي به ٿي ته ڪارونڀار وانگي اکين آڏو ڪاراڻ به ڦهلايو ڇڏي. ٻولِي مصوريءَ وانگي ڪَويءَ جي آڱرين ۾ پَبلُو پِڪاسو جو مُوقلم (بُرش) ڦاسائي، ذهن جي تَندن کي رنگن جي اهڃاڻن ۾ غرق ڪيو ٿي ڇڏي، ته ڪڏهن وري موسيقيءَ وانگي موزارٽ جي سنفنين کي ڪَويءَ جي زبان تي ماکيءَ جيان ڳاڙيندي رهي ٿي ۽ هُو اُن ميٺاڄ ۾ وڪڙيو وڃي ۽ نتيجي کان پهرين سرگم کان ٿڙيو وڃي. ٻولِي آتم جي بَڙ جي لاهَن مان اُسرندي سندس ٿُڙ مان راهون ڪڍندي، لام لام، پالُر پالُر، پَن پَن، گُونچ گُونچ، گُل گُل، سُڳنڌ سُڳنڌ مان جندڙي ڇِڪي ڪنهن پرئين پارَ جي پنڇيءَ جيان اُڏريو وڃي پر پنهنجي کنڀڙاٽين جي پڙلاءَ کي وايو منڊل ۾ ڦهلايو وڃي. ٻولي جيڪو ٻُڌائي ٿي، ان جي پويان نچندڙ دل جون تندون ۽ اُڏندڙ دماغ جون رڳون ايتريون ته تصويرون جوڙي ٿيون ڇڏين، جو ڪنهن هڪ کي چونڊڻ ٻين مڙني تصويرن سان ٻيائي ڪرڻ برابر ٿيو پئي. ٻوليءَ سان چُهٽيل اهيو خيال هر صنف تي ساڳيءَ ريت ٺَهڪي اچي ٿو، پر شاعريءَ تي ان جو اثر گهڻ رخو آهي، پوءِ اُها ليسبوس جي شهر ۾ سئفو جي چيل ڪويتائن جي صورت ۾ هجي، يا مالِني جي ڪنڌين سان لاڳاپيل ڪاليداسَ جي شَڪُنتل جي نظم جي شڪل ۾؛ اها ابنِ زيدون، ڪيٽيولَس، وَرجل، بائرن، اليگزينڊر پُشڪن، دانتي، گوئٽي، والٽيئر، ڊائلن ٽامس جهڙن شاعرن جي شعر ۾ هجي، يا ڪارلائل جي اُصولن کي ڇيهون ڇيهون ڪندڙ ازرا پائونڊ يا ٽي ايس ايليٽ جي ماڊِنِزِم جي شاعريءَ جي صورت ۾، يا وري هلندڙ ٽهيءَ کان پهرين ڪَرُ کڻندڙ پوسٽ ماڊِنِزِم ۽ هاڻوڪي انٽرنيشل شاعريءَ جي صورت ۾ هجي. پر اهيو ڪوهيڙو، جيڪو ٻوليءَ جي نس نس ۾ ڀُوڻي ٿو، تخليق جو سترنگي سبب آهي. اهيا ڌُنڌ ئي آهي جيڪا ٻوليءَ جي سونهن کي ويتر اُجرو ڪري ٿي، گهڻ رُخو ٺاهي ٿي ۽ پکيءَ وانگي پَرَ کِنڊاري هوا جي لهرين ۾ اَلُوپُ ٿيو وڃي. ٻولِيءَ جي انهيءَ ئي رُخَ تي Imagism جو پڙلاءُ اچي ٿو. Symbolism، Collage Technique، Surrealism، Impressionisn وغيره ان ئي خيال جي پيداوار رهيا آهن؛ ۽ نهايت ئي روايتي مزاج جي شاعري به انهيءَ رنگ سان چُهٽيل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ شاعريءَ جو ڀاڪر وڏو ٿي ٿو پوي. جيڪڏهن ٻوليءَ ۾ اها اوڻ نه هجي ته جيڪر تخليق، نواڻ، ٻوليءَ جي واڌ ويجهه، تخيل جي اُڏار وغيره ممڪن نه ٿي سگهن. جن ليکڪن، خاص طرح شاعرن ان اوڻ جي شهرڳَ کي ڇُهيو، انهن ٻوليءَ جو ڀڙڀانگ جهرڻن سان ڀري ڇڏيو، خيال جي اُڏار لئه جهرڪيءَ جي پرن ۾ بازَ جي سَگههَ ڏئي ڇڏي، احساسن جي بليڪ اينڊ وائٽ تصويرن ۾ سترنگي منظَرَ اُڻي ڇڏيا! جن به ٻوليءَ جي هجڻ نه بلڪه نه هجڻ واري رمزي جڳهه کي ووڙي لٿو، انهن ٻوليءَ جي ناتر جهڙي چالين کي ٻَلَ کان سَکڻو ڪري ڇڏيو.
ٻوليءَ جي انهيءَ خيال کان اڳتي وڌبو ته ڪيترائي اهڙا گهاڻيٽا نظرن اڳيان ايندا جن جي پينگهن ۾ ٻوليءَ کي انسان ۽ انسان کي ٻوليءَ سدا جهولايو آهي. ٻولي ته هڪ ويس آهي ۽ ان ويس لئه ڀانت ڀانت جو سُٽُ يا پٽ پٽيهر ڪتب ايندو رهيو آهي؛ ان ويس جا وري ڪئين ويس آهن؛ چرخي اندر ڪيئي چرخا آهن؛ ڪئين ڍنگ آهن، ڪئين گلڪاريون، ڪئين رنگ آهن. ان ڏِس ۾، بين الاقوامي شاعريءَ جو اڀياس ڪبو ته اسان آڏو وڏي ليکي ٻن قسمن جي شاعري ايندي: خارجي يا معروضي شاعري ۽ داخلي يا موضوعي شاعري. خارجي شاعريءَ جا ٻه قسم آهن: بيانيه (نيريٽِو) ۽ ڊرامائي. بيانيه شاعريءَ ۾ بيلَڊ (منظوم ڪهاڻي) ۽ ايپِڪ (بيانيه نظم، جيئن هومر جو ايليڊ ۽ اوڊيسي، ورجل جو اينيڊ وغيره) اچي وڃن ٿا. ٻين قسمن جهڙوڪ ماڪ ايپڪ، منظوم رومانوي شاعري وغيره کي ڄاڻي ٻُجهي نه ڇهيو ويو آهي، ڇو ته هتي مقصد شاعريءَ جي صنفن تي لکڻ نه پر خاڪو ڏيڻ آهي. ڊرامائي شاعريءَ ۾ غنائيه ڊرامو (ڊرامائي لِرِڪ) ۽ ڊرامائي مونولاگ اچي وڃن ٿا.
اسان جي ٻوليءَ ۾ گهڻي ڀاڱي شاعري نه ئي بيانيه آهي ۽ نه ئي ڊرامائي. ڊرامائي شاعريءَ ۾ نه ئي غنائيه ڊرامو ٿو ملي ۽ نه ئي بظاهر ڪو ڊرامائي مونولاگ. باقي ڪجهه منظوم ڊراما ملن ٿا، جن ۾ شيخ اياز جا منظوم ڊراما (ڀڳت سنگهه کي ڦاسي، دودي سومري جو موت، رني ڪوٽ جا ڌاڙيل) به اچي وڃن ٿا. ڪجهه اهڙا ڪتاب منهنجي نظر مان گذريا آهن جن ۾ اياز جي انهن منظوم ڊرامن کي “اوپرا” لکيو ويو آهي، بلڪه هڪ ڪتاب ۾ ته شيڪسپيئر ۽ يوناني منظُوم ڊرامن کي به “اوپرا” چيو ويو آهي. ڪنهن منظوم ڊرامي کي “اوپرا” چوڻ بلڪل ايئن آهي جيئن ڪنهن بيت کي “ٺُمري” چئجي. حقيقت ۾ ماسڪ Masque، بيلي Ballet، اوريٽوريو Oratorio، ميوزيڪل Musical، ڪينٽاٽا Cantata، اوپرا Opera وغيره موسيقيءَ جي صنفن جا نالا آهن، نه ڪي شاعريءَ جا! ماسڪ 16 ۽ 17 صديءَ ۾ انگلينڊ ۾ مشهور هئا. اهي منظوم ڊراما هئا، جن ۾ ناچ ۽ موسيقي بنيادي هئا. اهي خاص طور تي درٻاري فن جو نمونو رهيا آهن. ماسڪ جو عروج 17هين صديءَ ۾ ئي ختم ٿي چڪو هئو، بدترين “انگلش سِوِل وار” (1642ــ1651) جي نتيجي ۾؛ بعد وارا ماسڪ ڪجهه کي ڇڏي ايترا اهم نه رهيا آهن. بيلي، جيئن ته نالي مان ظاهر آهي ناچ سان متعلق رهيو آهي پر هاڻوڪي بيلي ناچ ۾ مائم (اهو ڊرامو جنهن ۾ ڊائلاگ نه هجن) ۽ اداڪاري به اچي وئي آهي. اهڙيءَ طرح اوريٽوريو بائبل مان کنيل ڪهاڻيءَ تي جوڙيل منظوم قصو هوندو آهي، جنهن ۾ آرڪيسٽرا ۽ ڳائڻن جو وڏو هٿ هوندو آهي. ميوزيڪل اهو منظوم ڊرامو آهي، جنهن کي گيتن ذريعي ٻُڌايو وڃي ۽ جنهن ۾ ناچ جو وڏو حصو هوندو آهي. ويجهڙائيءَ ۾ آيل هڪ هاليووڊ جي فلم لي مزغبل (لي مزريبل) ۽ مُولان غُويُ (مُولن رائوج) ان جا مثال آهن. ڪينٽاٽا گهڻي ڀاڱي مذهبي ميوزيڪل آهن جن ۾ هڪڙو ئي ڳائڻو هوندو آهي. رهيو اوپرا ته اهو هڪ ٿِيئٽَر (ناٽڪ منڊلي) تي ادا ڪرڻ جي موسيقيءَ جي اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ ڳائڻا (راڳي) ۽ موسيقار هڪ اهڙو ڊرامو ڳائي ادا ڪندا آهن، جنهن ۾ اداڪار هوندا آهن، “ميوزيڪل آنسامبل” (سازيندڙن جو گروپ) هوندو آهي، ڪاسٽيومز هوندا آهن ۽ هڪ (نثر وارو يا منظوم) “ٽيڪسٽ” يا ڊرامو هوندو آهي، جنهن کي “لبريٽو” چيو ويندو آهي. ان لبريٽو جي ليکڪ کي “لبريٽِسٽ” چيو ويندو آهي. هڪ اوپرا ۾ ٻه اسڪرپٽ هوندا آهن: هڪ “ميوزيڪل شيٽ” يا ائن چئجي ته موسيقيءَ جي نوٽيشن (راڳن ۽ سُرن جي سرگم؛ آروهيون، امروهيون؛ سُرن جا لاها چاڙها وغيره) هوندي آهي، جيڪو هڪ ڪتابڙو هوندو آهي جنهن ۾ ان اوپرا جي پوري موسيقيءَ جو اسڪرپٽ لکيل هوندو آهي ۽ ٻيو هوندو آهي لبريٽو جيڪو اوپرا جي ڪهاڻي ٻُڌائيندو آهي، گهڻو ڪري منظوم هوندو آهي. لبريٽو نه رڳو اوپرا لئه لکيو ويندو آهي پر مٿي ڄاڻايل مڙني صنفن لئه به لکيو ويندو آهي، جيئن ميوزيڪل، ڪينٽاٽا، اوريٽوريو وغيره. شاعريءَ سان تعلق رکندڙ شيءَ اوپرا نه پر لبريٽو آهي. دنيا جو پهريون اوپرا 1598 ۾ اٽليءَ جي شهر فلورنس ۾ ادا ڪيو ويو هئو، جنهن جو نالو هئو ڊَئفنِي. ان کانپوءِ ئي لبريٽو به وجود ۾ آيو. ان کان پهرين جيڪي به منظوم ڊراما هئا، اهي لبريٽو نه هئا، اهي گهڻي ڀاڱي اسپوڪن (ڳالهايا ويندڙ) منظوم ڊراما هئا، جيئن شيڪسپيئر جا منظوم ڊراما يا يونان جي ايسڪيلس، يوريپِيڊِيز، سافوڪ لِيز ۽ ايرِسٽو فنِيز جا لکيل منظوم ڊراما. ان ڪري هر منظوم ڊرامو لبريٽو به ناهي. جي منظوم ڊراما اياز لکيا آهن، اُهي لبريٽو آهن، نه ڪي اوپرا. ان ڏِس ۾ هو هڪ لبريٽسٽ هئو. اسان جي ٻوليءَ ۾ نه ئي ڪو موزارٽ پيدا ٿيو آهي، نه ئي ڪو باخ، بيٽووِن، ويگنر يا مونٽي وَردِي؛ ان ڪري اسان وٽ اوپرا به ڪڏهن نه ٿي سگهيا آهن. ها جنهن وقت اهڙي ڪنهن منظوم ڊرامي يا لبريٽو کي ڪنهن موسيقيءَ سان سينگاريو ويو ۽ اهو به بلڪل ان جي بنيادي گهاڻيٽن کي سامهون رکي جيئن پوئتي بيان ڪيو ويو آهي، ته اهي ڊراما پوءِ اوپرا ٿي سگهن ٿا.
اسان جي شاعريءَ ۾ نه رڳو منظوم ۽ غنائيه ڊرامن، بلڪه بيانيه شاعريءَ جي به تمام اوڻ آهي. اسان ڏي اڃا تائين هومر جي اوڊيسي ۽ ايليڊ، وَرجِل جي اينيڊ، دانتي جي ڊوائن ڪاميڊي يا جان ملٽن جي پيراڊائز لاسٽ وغيره جهڙا نظم نه سرجيا آهن. البت اسان وٽ بيت شاعريءَ جو نهايت ئي نيارو نمونو رهيو آهي، جنهن کي اسان پنهنجي تخيل جي وسعت لئه ڏاڍي بهترين نموني استعمال ڪري سگهون ٿا. پر آءٌ صرف بيت جي صنف جي ڳالهه نه پيو ڪيان؛ بلڪه بيت جي صورت ۾ چيل داستان يا سُرَ جي ڳالهه پيو ڪيان، بلڪل ائين جئن لطيف يا ان کان اڳ وارن يا پونيرن جا سُرَ آهن: سُر راڻو، سُر سورٺ، سُر مارُئي وغيره. اهڙي نوعيت جي شاعري ٻوليءَ ۽ بيان کي وڌائي ويجهائي ٿي. اسان بيت جي داستانن کي ڳوپي لوپي بيانيه شاعريءَ جي ذمري ۾ آڻي سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي به خارجي شاعريءَ جو مثال آهن، اها هڪ ٻي ڳالهه آهي ته سنڌي شاعريءَ جو هيءُ نمونو بنهه ئي مختلف آهي ۽ عالمي شاعريءَ جي گهاڻيٽن ۾ نه ٿو ماپي. پر ان اندر جا موسيقي ۽ خيال جي اظهار لئه وسعت آهي، سا گهڻي ئي شاعريءَ جي گهاڻيٽن ۾ ناهي. اگر رڳو علم عروض سان ئي ڀيٽا ڪجي ته فرق محسوس ٿيندو. عروض جي موسيقي ڇن ڇن ڇن ڇن يا ڇنن ڇنن ڇنن ڇنن يا ڇن ڇنن ڇن، ڇن ڇنن ڇن يا ڇنن ڇناڇن ڇنن ڇناڇن، وغيره يعني ڌڪ ڌڪ ڌڪ ڌڪ واري تبلي جي ڌمڪ ۽ هارمونيم جي وڄت واري آهي. بيت جي موسيقي جهرڻي جي آواز جهڙي آهي جيڪو پاڻيءَ وانگي جبلن مان ڪرندو پٿرن سان ٽڪرائجي هوري هوري، وري تيزيءَ سان، وري ڌيرج سان پنهنجي جاءِ ٺاهيو، ڪڏهن ڪڙڪي سان، ڪڏهن ميٺاڄ سان پيو گذرندو، جيڪو تندن واري سازن، جهڙوڪ، وينا يا ستار ۾ به ملندو ته وري بانسريءَ جي آلاپ ۾ به! انهيءَ موسيقيءَ واري ڀيٽا کي نظر ۾ رکبو ته خيال جي وسعت جو اندازو ڪري سگهبو.
ٻئي قسم جي شاعري آهي غنائيه يا لِرِيڪَل؛ اها موضوعي شاعري جي زمري ۾ اچي ٿي. ان تي لِرِيڪَل شاعريءَ جو نالو ان ڪري پيو، جو يوناني اهڙي قسم جي شاعريءَ کي “لائِر” سازَ تي ڳائيندا هُيا. اها شاعري ننڍن نظمن يا گيتن تي ٻڌل هوندي آهي ۽ سولائيءَ سان ڳائي سگهبي آهي. بين الاقوامي سطح تي ان شاعريءَ جي قسمن ۾ “اوڊ”، “ايلِجِي” ۽ “سانيٽ” اچي وڃن ٿا. اسان جي خطي جي حساب سان ان ۾ غزل، گيت، وائي، نظم وغيره ڳڻي سگهجن ٿا. ان شاعريءَ سان پوريءَ ڪائنات جو ادب ڀريو پيو آهي، پر اسان جي شاعري ته آهي ئي غنائيه، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪو منظوم قصو، منظوم ڊرامو يا بيانيه شاعري جو رنگ به ملي وڃي ٿو.
هن مجموعي ۾ “مومل” جي بيتن کي خارجي شاعريءَ ۾ ڳڻي سگهجي ٿو؛ باقي، نثري نظمن کي هٽائي ڪري، تقريبن پوري شاعري بين الاقوامي گهاڻيٽن جي حساب سان غنائيه شاعري آهي، پوءِ اُهو غزل هجي، نظم هجي، آزاد نظم هجي، وائي هجي يا گيت.



(3)
ٻاٻِيهل، ٻاٻِيهو، پَپِيهو، مِينهَڻُ، مِينهَل يا تاڙو انهن پکين مان آهي جن جو نالو ذهن ۾ ايندي ئي منهنجو من سنڌ جي مٽيءَ ڏانهن ڇڪبو ويندو آهي. ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ تاڙي جي تُند تنوار تي ڪڪرن منجهه وِڄن وراڪا ڪري جهُڙ ۾ پَرُوڻ ٺاهي اُن مان نرمل مينهن ڪڻين کي ڇاڻي، سنڌ جي مِٽيءَ مٿان ورسايو آهي ۽ مِٽيءَ انهن ڪڻين کي پنهنجي سڳنڌ ڏئي وايو منڊل کي واسي ڇڏيو آهي. هيءَ اُها لڳن آهي، جنهن جو ڪو نانءُ ناهي. هيءَ لڳن تاڙي پکيءَ مان اُٿندي منهنجي روح مان ٿيندي هن مٽيءَ جي واسَ سان گڏوگڏ ڀُون جي تند تند مان گذرندي ڪائنات جي ڪُک ۾ ڪنهن هُوڙي ڪانَ جيان کُپيو ٿي وڃي.
اِها لڳن، اِها هُٻڪار، شايد ان ڪري به هجي ته تاڙي جي تنوار اُڃ جو نانءُ آهي، سِڪ ۽ ڇِڪ جو نانءُ آهي، وکرائيءَ، ڦوڙائي جو نانءُ آهي، وصل، ميلاپ جو نانءُ آهي، پاڻي، يعني جندڙيءَ جو نانءُ آهي، تازگي، رنگن، ٻوٽن، گلڙن، پکين جي ولرن جي چون چون، تلين، ترائين، ڏهرن جو ساوڪ سان ڀرجڻ جو نانءُ آهي، ملير جو نانءُ آهي، مارئيءَ جي حب جو نانءُ آهي، ٿر جي پوٺن، ڀِٽن جو نانءُ آهي، ان پڪار جو نانءُ آهي جيڪا هيءَ ڌرتي ورهين کان ڪري رهي آهي پنهنجي وجود جي گهڙيل خالن کي ڀرڻ لئه جيڪي وقت جي وائن سان سِنجري پيا آهن.
ڪـــري وٺ پيار دل کــولي! نه ٻاٻِيهل وري ٻولي.
گهڙي جا وئي رمي، ‘سائر’ گهڙي پوءِ سا وَسي ناهي.
ــــ
ڪٿي ڪالداس ۽ ڪٿي پريتما!
شَڪـــــنتل اڌوري اڌوري اڃــــــــا!
وَراڪــــــا ڪري وِڄّ وانگي اچي،
ڪــــڏهن مور وانگي ڀِٽن تي نچي،
ڪـڏهن مِينهڻن جيئن چانگارَ ۾...
ــــ
ڪـــويلَ ڪُوڪُو، ڳيري گهُو، ٻاٻِيهَل ٻَروڙَ،
پاڻيءَ جهُر جهُر، نارن ڀُوڻِ، روجهن ڊوڙَ ئي ڊوڙَ،
پانڌياڻــــــيءَ پَـــــــهوڙَ، راڻـــــي جــا ورلاپ ٿيا!
ــــ
مِينهڻ ڄَرڪي تانگهه ۾؛ تئن ٿي مان ڄَرڪان!
هاڻ مان ڪو نه بچان! ــــ
چَتونءَ جي چانگار، لا، تاڙي تند تنوارَ!
ــــ
ڪپار آ سج، ٻَري رڻ پٽ، نه ڪو بادل، نه ڪو آسر؛
سڙي ويا پَرَ، ڇِڄن کنڀڙا، مگر مِينهل ڇڏي ناهي!
ــــ
آشا، جڏَهين مِينهڻ ور چانگاريندا!
ويـــرو تارُ اُڪنڊيو ٿر بر جاڳي ٿو!
هيءَ ٻاٻيهل جي ٻروڙ رڳو پکيءَ جي جهونگار ناهي، هيءَ زندگيءَ جي رڙ آهي؛ ڪا صدا آهي، ڪو ورلاپُ آهي، ڪا ڪُوڪ آهي، جيڪا سنڌ جي مٽيءَ مان به اُٿي ٿي ۽ تيئن ئي هن مجموعي جي هڪ هڪ سِٽَ مان؛ پوءِ اُها سِٽَ ڪينجهر تي چيل هجي يا ڪنهن پراڻي ڀَنَ، ٿَرڙَ، پَڊَ، ماڳَ، ڪنهن قصي يا سمبارا جهڙي ڪردار سان منسوب ٿيل هجي! ڏسڻو اهو آهي ته ٻاٻيهل جي هيءَ ٻروڙ وقت جي ڪُک ٿي وٺي يا وايومنڊل ۾ کٿوريءَ جيان کيپ ڪندي، وقت جي ساهه سان هڪ ٿي اَلُوپُ ٿي ٿي وڃي.

مزمل سائر
ڪراچي، سنڌ
2 آگسٽ، 2014
http://www.msyre.com