پرين نيڻ منهنجا صدين کان اڃارا
الا، اوتِ پئي سونهن جا جامَ سارا
وري آرزو ٿي، وري جستجو ٿي
وري تون هليو وڃ ڏئي درد پيارا
وري اجنبي ٿيون، وري ڪٿ ملي پئون
وري آشنايون، وري ڪي اشارا
وري مان شڪار ۽ وري تون شڪاري
ڊڪان زندگيءَ لئه، وٺان ڪي پنارا
وري مان پتنگ ۽ وري ميڻ ٿي تون
وري مان جلي ٿيان شرارا شرارا
ڇُليو منجهه ڌارا ائين ڇوهه سنڌو
جُڳن بعد جهوميا، ترا، ڪپ، ڪنارا
نه مومل، نه سومل، نه ناتر، نه راڻو
نه چانگا، نه چندن، نه جوڳي جِيارا
نه سهڻي، نه ماٽي، نه ميهار تڙ تي
اُهو چنڊ اڀ ۾ اُهي ئي ته تارا
گهٽائون گُڙن وَر، وِڄن وَرَ، وراڪا
پهي پنڌ پنهنجي، پري پر پنارا
ڍري آءُ، نِيرڳ، ڀلي آءُ ڪينجهر
نه وِينجهر ، نه مارِي، هتي سيڻ سارا
پهي ڪو نه آيو ڪهي، مند موٽي
ڏکارا، اهنجن اڙيل ڪاڪ وارا
ڪٿي ڪينَ بِهبو، ڪبو پنڌ پورو
ڇمر ڇانو، ڀل ڀون شرارا، شرارا
نديءَ آرَ اُهري ڪٿي ناوَ نيندي
نه مانجهي، نه ڪنڌي، رڳو ڪُنّ ڪارا
هُري هانو تي ٿي جڏهن سار ‘سائر’
هِيُون آڳ شعلا، بدن پوهه پارا