مومل (بيت)
(1)
مومل ماڙيءَ ور اُٺو سانوڻ ويرون تارُ؛
اڄ به ته ڪارونڀارُ، اڄ به نه مومل، مينڌرو.
ناتر، سومل، ناهه ڪو، کنڊر ڪِنجهي ڪاڪَ؛
جوڳي ناهن ٿاڪَ، اڄ به نه مومل، مينڌرو.
ورهئه گذريا، ڪاڪ اڄ اُٺ نه چندن پَن؛
ناتر، ٻانهيون، ڀينرون، مور نه ڊيل نه بَن؛
ڪنهن ڪنهن ويلي مَن ساري مومل، مينڌرو.
(2)
آءٌ ته تنهنجي ڪاڪَ، مومل، تو، مون کي ڄڻيو!
ڀل ڏي مون چُگهَه، چاڪَ، ڀل ٺِڪري جئن ٽوڙ مون!
مومل ڏنو ڪاڪ کي پنهنجو واسُ، وَرَن؛
چوڏس ڀُون چَندَن، محلُ، لُڊاڻو موج ۾.
ٽِلڪِي مومل تَڙَ وئي، چِينجهِڙو چانڊاڻِ،
لڱ لڱ پَدِمَڻِ ائن ٻَريو تَنُ ڄڻ ڏِيَڙن کاڻِ،
جا به تَرِي ٿي ڪاڪ ۾ ٻُڏندي وئي ڪاراڻِ،
جي به سُمهيا ٿي جيئڙا سي نه سُتا ٿي هاڻِ،
نيڻن، هينئڙن جيئڙن، مومل تَنَ آلاڻِ،
‘سائر’ اَڇّ، اَڇاڻِ، چوڏس جهلڪا، روشني!
مان ڪويل سِرَ، ساهه جي، ڪوڪون ڪاتيءَ ڌارَ،
مان چنبيليءَ چَنگ ٿِي تاڻيان سُرَهي تارَ،
مان گلڙن جو واس، مان ڪنڊن سان تلوارَ،
مان چِکيائُن آڳَ، مان اَنگهَن، ڪاتين آرَ،
مان تارن جي سيج، مون واڳون ڪارونڀارَ،
مان سامونڊن سِير، مان بَر پَٽ، مون وڻڪارَ،
مون جوڙيو آ ڪاڪ کي، مون ڪارڻ سنسارَ،
جو به اچي هن پارَ، گهوري پهرين جندڙي!
اَنگهنِ ڪُوڪارا مارِيئَــڙَن جي ڪاڪ ۾،
مئلن لئه هِن ماڳ ۾ ڇا جا اوسارا!؟
پوءِ به ‘سائر’ پرهه مان جوڳين اُمارا،
عاشق ويچارا اُسرن اَنگهَنِ آرَ لئه.
ماريئڙن جي ڪاڪ ۾ اَنگهَن جون آهُون،
ريٽيون، ‘سائر’ رَتِّ رَتِ پروانن راهُون،
جوڳين جون ڪاهُون پوءِ به ته مئلن ماڳَ ڏي.
دونهون دُکي ڏاگههَ ڏاگههَ، مَجُوسِي سَڙَن،
‘سائر’ چکيائون ته ڏِس اُت پريم پوڄارَنِ؛
پوءِ به پتنگ وَرَن، ڪاڪ اَڳن ڏي، اڻجهليا.
دونهون دُکي ڏاگههَ ڏاگههَ، چکيائون چوڌارُ،
پريم پوڄارا سَڙَن، ڪو به نه موٽي يارُ،
پوءِ پڻ ويرون تارُ، عاشق اُسرن ڪاڪ ڏي.
دونهون دُکي ڏاگههَ ڏاگههَ، چکيائون چوڦيرُ؛
ناتر، ڏِس، ور ڪيرُ، ديوانو هن ديس ۾!
ڪهڙو جُنگ جوانُ جنميو آ هن جُوءِ ۾؟
ڪنهنجو هُوڙو ڪانُ گهائي ويٺو ڪاڪ کي؟
ڪهڙي باناڦاڙَ ، ماريئڙن ڏي ڪاهه ڪئي؟
ههڙي اَرتِي ڳاڙَ! ڪنهن باناريو ڪاڪ کي؟
ڪيئي ڪُٺا ڪاڪ ۾ ڪيئي اَنگهَنِ پِيا،
پر ههڙا ته نه ٿِيا جن واڍوڙيو ڪاڪ کي!
ڪيئي مُئا ڪاڪ ۾ ڪيئي ڏاگهُن پيا؛
پر ههڙا ته نه ٿيا جن پڄرايو ڪاڪ کي!
ناتر، تنهنجا ناٽَ ، ڪئن ٿيا اهڙا بي اثر؟
راڻي جِي هڪ ڪاٽَ، تو کي ڄڻ ڊاهي وڌو!
جَنين مومل موههُ، تَنين اَنگههَ ۽ آڳ ڇا!؟
تَن هڪڙو اَندوههُ، مومل رِي ڪئن موٽندا!
جَنين مومل موههُ، تَنين ناتر ڇا ڪندي!؟
تَن ڇا باهه ۽ لوههُ، تَن ڇا موت ۽ جندڙي!
ناتر چاليون وئي ڀُلِي ڏِسي راڻي رُوءِ،
راڻي ۾ خوشبُوءِ مومل جي احساس جِي!
ناتر! تون نِرڇَل ، تو ڇا پرک پريتڻي!
جَن جا من گهايَل، تَن کي اَنگههَ نه آڳ جِي!
ناتر وِسُوڙَل ، هاءِ، نه پروڙيو پريت کي!
نه ته هُن اهڙي جهَل، وارُ نه ڏي ها مينڌري!
مَڻيا، مَڻڪا، مالائون، ڳهڻا ڳَٺا، رُوپُ،
ٿِي ويا سڀ اَلُوپُ ، آڏو سانول رُوءِ، لا!
ڍَٽَ ڌَڻِي، تون راءُ، ڌُوڃُ ، تون ئي مومل گهوٽُ،
ور ور مون ڏي موٽُ، ور ور توتان واريان.
مُــــــنـدرا نه لاهيان، چَڳ چَڳ واسيان ڳَچ؛
عنبر مَڙهي انگ مان ڪو نه ٿيان ٿي هَچ؛
لِڱُ لِڱُ منهنجو، سَچ! موٽِي ڇُهندو مينڌرو.
لُون لُون ٿِي ڪانڊارجي، سوچي هِي، سومَلَ!
لَڄّ نه ايندي مون جڏهن انگ ڇهيو سانوَلَ؟
اندر من جو ڪِينَرو ڪَنبي ٿو پَلَ پَلَ؛
هئه، ڙِي، نينهن اُڇَلّ! هاءِ، ڙِي، منهنجو مينڌرو!
جَهل هيءَ لُچِي آرسي، هيءَ نه ٻَڌي ٽِڪ؛
هٿڙا ڪنبن هانوَ جئن، ڇا ته سَٽيو آ ڇِڪ!
لِڱُ به لَرزي؛ ڪاڪ، ڀُونءِ؛ ناتر! هيءَ نه هِڪ؛
الاّ! سانوَلَ سِڪ، جهوري ڪاڪَ، جهانُ، مون.
مومل، راڻي هنجهه ۾، آئي انگَ اَويسُ؛
راڻو اوڍَرَ، ويسُ، باقي سڀ ڪجهه ڌوڙ آ.
نِيل ڪَنٺ آ موج ۾، ڇا ته ڪري ٿو ناچُ!
ڊيلَ به ڄڻ ته ڪُماچُ ، تُند ٻُري ٿِي موهه ۾!
آبَسُ ۽ آبِيسُ ، مومل منهڙي، تو ڪري؛
تون ئي مُنڌَ لَبِيسُ ، تون ئي اوڍَڻُ، مينڌرا!
(3)
ناتر، ننڊ رتول ۾ ڪو نه اچي ڪنهن ساههَ؛
جنهن ڏي جِيءُ، پَساههَ، ڄرڪي ويٺو جاڳ ۾.
ناتر، ننڊ رتول ۾ ڇو ته اچي ڪنهن ساههَ؟
هر ڪنهن جِيءُ، پَساههَ، هر ڪو ڄَرڪي جاڳ ۾.
ياد پَيو آ انگ کي، سانولَ هٿ، ڇُهاءُ،
سامونڊن جو واءُ، ڍاٽيءَ وانگي آچمي .
راڻا، سانوَلَ، مينڌرا، سوڍَلَ، منهنجا راوَ،
جيڏا تارا اُڀ ۾، تيڏا تنهنجا نانوَ،
اُهري تنهنجي سَمنڊ ۾ منهنجي من جي ناوَ،
ٽيپو ٽيپو رَت جو ڀُوڻي تو لئه هانوَ،
تن کي ڇا جا ڀاوَ، جن جو جيئڻ تو ڪري!
اوڍَڻَ لاهي اونَ جا، آجو ڪيم مَن؛
پوءِ به وَيو جوڀَن، پِگهري پِگهري تانگهه ۾.
چوڏَس ميگهه ملهارَ، کِوڻيون ڪڙڪن ڪاڪ تي،
پورب پاتي آ چپن، سُرَ سُرَ جي جهنڪارَ؛
سانوَلَ، تنهنجي سارَ، آگَمُ اڄ به نه آئُڙي.
چَتونءَ جي چانگار آ، تاڙي تُند تَنوارَ؛
گونرو گم آ گوڙَ ۾، ڪَرَهي ٻَڙهڪا ڌارَ؛
ٻَرَهڙو ٻولي ڍنڍ تي، ڪويَلَ گونجَ ديارَ؛
بازن سُرپُر بَڙَ مٿي، مور مگن جهُونگارَ؛
واهُوندن جو ونگ آ، ٿڌڙي هيرَ، بَهارَ؛
ڀُڻُ ڀُڻُ وَڻَ وَڻَ ۾، اَلا، آسَرُ آ وَسڪارَ؛
ڳِيچَ نڙيءَ ۾ ٿا ڀُڻن، ڳايان ڪيئن ته، يارَ!
سانوَلَ، تو نه مَيارَ، مُندَ نه منهنجي تو بنا.
رُتِ آئي آ، مينڌرا، وِرُونههَ ڪرڻ جي، وَر!
ميگهن جي هن مَنڊَ ۾، وِڄَ جيئن ڀاڪر ڀَر!
پانهنجو مون کي ڪَر، راهه تڪيان ٿِي، ترت آ.
کِوڻيون ڪڙڪن ڪاڪ تي، اُڀ وڏي آڪَڙ؛
پنڇيئڙا لامُن لِڪن، ڪا به نه ٿي ڦَڙ ڦَڙ؛
پالُرَ پَلٽن جهَڪ سان جهَڙ جهَڙ جهَڙ جهَڙ جهَڙ؛
وَڻُ وَڻُ ڌُوڻي واءُ، ٿي ڌَڙ ڌَڙ ڌَڙ ڌَڙ ڌَڙ؛
ٿانوَ اڱڻ ۾ پيا ٿِڙن کَڙ کَڙ کَڙ کَڙ کَڙ؛
وارُ ڪري ور وڏُ ڦڙو دَرَ دَرَ ڪَڙ ڪَڙ ڪَڙ؛
آب وهي ٿو نار مان پَٽ مٿي ڇَڙ ڇَڙ؛
وهندو وهندو ٿو وڃي غَڙ غَڙ غَڙ غَڙ غَڙ؛
ناتر چانگن سان ڇڏي بي رُت جي بَڙ بَڙ؛
هاڻ ته واڍي جي به وئي مَنجين تي گهَڙ گهَڙ؛
سانوڻ جي سَڙ سَڙ، تو بن تِرُ به نه آئُڙي!
وِڄ وَراڪا ڪاڪ تي، سُر سُر ٿيو سانوَڻ؛
پُورَبُ، پَڇمُ ڪِينَرا ، ميگهه ميگهه چارَڻ ؛
ڀيرُون، آسا، ڀيرِوِي ، بوندون سُرَ سُرَ ڪَڻ؛
ڌَرتيءَ ڇيرون ڇن ڇنن آيون مَنَ ڀاوَڻ؛
لامون، ٽاريون، ڏارَ، ٿُڙَ، وڄيو وڄي هر وَڻ؛
گهنن گهنن جي گونج ۾ بوند بوند هَڻ کَڻ ؛
سومل، ڪيڏو جيءُ جَلي، وو، ڍاٽيءَ ڪارَڻ!
پَل پَل ٿيو راوَڻ، راڻو جي هِت ناهه، ڙِي!
ڇاجِي ڀُڻ ڀُڻ ڪاڪ ۾؟ آههِ وريو سوڍَل؟
هاءِ، پَسي سانوَل، ساهه نه رهندو ساههَ ۾!
تو بن، راڻا، ڪئن ڪري مومل ڇانگارا ؟
هوءَ ڄڻ رڻ جي راڄَ ۾ ڪا وڇڙيل ڌارا؛
ڪونهي تنهنجو ڪو پتو، پوءِ پڻ آسارا؛
ڪاڪ محل وارا، تو لئه تَڙپن؛ آءُ، ڙي!
موملَ، کِيهون کَٽُن تان ور ور ويٺي لاهِه!
گلَ ڦلَ ٻوٽا ڇانگِ، پوءِ، ور ڦَلواڙيءَ ٺاهِه!
کَٿُّوريون کَٽُن، اَگَــر ، ڪمرن لئه تون ساهِه!
دَرَ دَرَ واسائي، وري، ڀِت ڀِت ڏي تون ڪاهِه!
خوشبوءَ ساڻ نِباههِ، راڻو ورڻو آهه، ڙِي!
راڻا، سُکَ جا ڏينهڙا موٽن شالَ، پِرِين!
سوڍَلَ، ور تون ساهه تي ڀونري وانگِ ڀِرِين!
ڪڙڪي ساڻ ڪِرِين مينهڙو بڻجي مُنڌَ تي.
ڊيلَ وساري ٽورَ ڪيئن ڊڪي ٿي تانگهه ۾!
ڄڻ ته نه ورندو ماڳَ ڏي، لَڄ نه ايندي مورَ!
کنڀڙا ڀورَ ڀورَ؛ ڪاڪ سموري ڊيلَ آ.
هَاءِ، ڙِي! مَحَلَ بسترا، ڄڻ ڪي اَجگَرَ، سَپ!
مُور نه جهٽيان جهَپ، پر ڪيسين، او مينڌرا!؟
اَرڪَ اٿن ٿا اُڀ مان، مِينهَنِ، منجهان ٻاٽَ،
پر مون لئه تون لاٽَ، تون ئي مون لئه مينهڙو!
نانگ سُجهي مون چَنڊُ، چانڊوڪي وِههُ ٿي وئي،
راڻا، ڏُکيو ڏَنڊُ، وِکرائِيءَ جو وئين رَکي.
اَرَکِّ آهي هانءُ، پَچّي پَچَري هر پَلَڪ،
جيسين لَبَ تو نانءُ، شايد تيسين زندگي!
ڪو به نه راڻي رُوءِ ٿيو، ڪريان ڪيئن وِرُونههَ! آساري آ سُونههَ، مومل، ڪاڪ، لڊاڻي جي!
آءُ به، ڍاٽِي، ڪاڪ ڏي، وٽيان وِرِههَ وِرُونههَ،
تو بن ڪهڙي سُونههَ؟ تو بن ڪهڙي جندڙي!؟
ساڳيو پنهنجو ساههُ، اچ، وَٽيون وِرِههَ وِرُونههَ!
مون ۾ تنهنجي سُونههَ، تو ۾ منهنجو پريتڻو!
اکين آڳَ، اَروٽَ ، تِرُ نه وڻي مون جندڙي؛
تُرت وري آ، گهوٽَ! رَت رُئان ٿي؛ آءُ، ڙي!
تَڙَ تي اُپَٽ پُڙَ، پُڙيون، پل پل واسِجِ بَنُ؛
گُلَ گُلَ جند ڇڪي ڇڪي، چُوهِجِ واسُ، وَرَن؛
چنبيليءَ جي چَسَ ڏِجِ، مهٽي مهٽي تَن؛
ويسُ اَگَرَ سين واسُ؛ ڀَر، چوٽين ۾ چَندَنُ؛
ساري جنهن تو مَن، آيو آيو مينڌرو.
ڀِنجَرَ ڀارِي، نيڻَ جَل، آتَمَ اٿم آڳَ؛
تَن آ پوههُ، مٿان ور مَنَ، اوسيڙي جا راڳَ؛
راڻا، واري واڳَ، هاڻ ته موٽِجِ ڪاڪ ڏي!
پُر ٿيندو پولارُ ، موٽيو جنهن پل مينڌرو؛
کولي رَک دِلِ دُوارُ، اُپَٽي رک اَکِ جون دريون.
آءٌ اُڪَنڊِي، مينڌرا، اچ مون کي ڳَرِ لاءِ،
راڻا، منهنجا پريتڻا، هئه، ٻانهون ڦَهلاءِ،
اهڙو ڀاڪر پاءِ، وڇڙي وڇڙون ڪينڪي!
گهُڻو لڳو آ هانوَ کي، ڇو موٽيو ناهي!؟
سڀ گهَنگهَر آهي، راڻي بن هن جُوءِ ۾.
(4)
ڪاڪئون ڪنءَ ويو چُپ ۾؟ ڇو نه وريو رانوَل؟
ڀينر! مون وَرناءِ تون، تَندُنِ ناهي ٻَل!
مومل، ڪاڪ مَحَل، پِگهرن ويٺا ميڻَ جئن!
ڇو نه وريو سوڍَل؟ ڪاڪئون ڪئن ويو ماٺ ۾؟
ساهه ته ڄڻ جَلُ ٿَل، آهي، ناهي، ڪئن چوان!؟
ڪامَ ڇڏي ويو ڪاڪ ۾، ڇو ته رُسيو رانوَل؟
ڪجهه ته چوي ها مينڌرو، ڪجهه به پڇي ها ڀَل!
زَهَرَ ڀريو بادَل، هاڻ پيو وَسندو ڍَٽَ تي!
ڪامَ ڇڏيئي ڇو ڪاڪ ۾، ڇو نه اٿاريئي مون؟
ڏوهه ڪيم، پر تون، ائن نه وڃين ها، مينڌرا!
ڪامَ ڇڏي ويو ڪاڪ ۾، ڇو نه وريو راڻو؟
هونئن ته هو ڳاڻو، سومَلَ، منهنجو سوڍِڙو.
ڪامَ ڪَکي ٿِي ڪاڪ کي، پل پل ڏَنگَ، زَهَرَ؛
ننڊ، نه آهه ڳَهَرَ، ڪاڪ اُجهي ٿِي، آءُ، ڙي!
تِتر کِيتِي کيت ۾، ڪويل بَڙَ جي لامَ،
مِينهَڻِ ماندِي منگهه تي، چوڏس چِين چِين جامَ،
سانوَڻَ ڪڪرين پوءِ به هئي، ڏُوران ڏور اڏامَ،
پر راڻا، تو ڪامَ، مومل کي ماري وڌو.
ڪامَ ڪَکي ٿِي ڪاڪ کي، بڻجي ڪارِيهَرُ!
ڪوٺي ڪوٺي ٿي ڏَري، راڙن ۾ دَرُ دَرُ؛
مِرگههَ ته ٿا ڪرندا وتن، تُرَنگن گهورئو تَرُ؛
مورَ به ٿا مرندا وڃن، پَنکَ، نه پارِيهَرُ؛
تَڙ به زهر ٿيو، ور مٿان، ڪو نه بچيو آ جَرُ؛
موٽي آءُ، ڙي، گهَرُ، راڻا، تو بن موتُ آ.
راڻا، نيڻَ ته جهانوِرا ، مَنَ سان ڇو نه پَسيئي؟
مومل جاڙ ڪيئي، سومل سمجهي ڪانڌ، الا!
راڻا، نيڻَ ته جهانوِرا، ڇو نه ڪئي تو پَڪ؟
دل نه هنيا تو چَڪ، ڪامَ ڇڏيئي ڪئن پرينئَڙا؟
عشق نه ايئن ڪري، جئن تو مومل گهائِيو!
راڻا، پنڌ پري، تون ته اڃا آڀامِڙو !
تون ته اڃا آڀامِڙو، ڄَرَ جِي تو ۾ اُوڻِ !
وَهمَنِ مَنَ تو ڀُوڻِ ، عشق نه اُڄَهي تَندَ تو.
مَپُ نه توکي، مينڌرا، عِشقُ نه پالي شَڪ!
تو ته ڪئي به نه پَڪ، تون ته اڃا آڀامِڙو!
ڀوري شَڪ، گُمانَ، گهاتُو، گهِڙ پوءِ گهيڙَ ۾،
محبت ماڳَ، مڪانَ، وَهمَ مٿاهان، مينڌرا!
ڪَرَههِ اُجهامي ڪا نه ٿِي، روح اندر، راڻا!
تَن مَن اڄ آڙاههُ آ، ٽانڊا ٿيا ڀاڻا؛
مومل اُڏاڻا، ساههَ؛ وري آ، مينڌرا!
آتَڻ اُجهاميو، اَلا، ڪيئن نه ڪِنجهي ڪاڪ؟
راڻا، وَرُ تون ٿاڪَ، محل نه منهنجو تو سوا!
راڻا، رُسُ ته نه مُنڌَ کان، پيارا، پرچي وَڃ!
موملڙيءَ جي مَڃ، جوڀن بس ڪي ڏينهڙا.
راڻا، توريءَ ڪاڪ تي واسينگنِ برساتِ؛
پل پل، ڏِڻ ۽ راتِ، وِههَ ۾ ويٺا واپرن.
وقت ته پل پل ٿو ٽِمي وِههَ جئن سوچن تي؛
مان نه جيئان ٿي، ڙي! مان نه مَران ٿي، مينڌرا!
ٻَٻُّرَ ٻُريُون پَٽ تي، نِمّان ڇڻيو ٻُورُ؛
پَن پَن ڀُوڻيو جهَڪ تي، وَڻان کَريو تُورُ ؛
پالُرَ ٽٽا؛ لامن ور، ٻُريو هر هڪ پُورُ؛
لُڪُن، راڻا، ٿاڪ کي، کاڻيو ڄڻ ڪو کُورُ؛
ڪاڪ کُهيَلَ، چَڪچُورُ، وقت نه منهنجو تو بنا.
ساري سانوَلَ رُوءِ، ڪِنجهن ڪوٺيون ڪاڪ جون؛
پَٽ کُوري ماڳ جيئن، واءَ وريا ٿِي لُوءِ؛
ڀونر اوجهل ۽ ڪونرَ، رنگ نه آهي بُوءِ؛
هَنجن، ڪُونجن، ڪويلن، جِهڄندي ڇڏي جُوءِ؛
مورَ، نه هرڻيون، ڇيلڙيون، ڪاڪ لڳي ڪا سُوءِ؛
ڪاپڙي! اچ ڪُوءِ؛ ماڳ نه رهندو تو بنا.
اجل به آ اَڙٻنگُ ، وڇوڙو ته وڏاندرو،
مون لئه منهنجي جندڙي، سانوَلَ، تنهنجو سَنگُ،
موت به آ بي رنگُ، جي تون ناهين سامُهُون!
ساري سوڍَلَ سنگ هوءَ، بڻجي ويئي چَنگُ؛
سُرَ سُرَ آڻي ڪاٽ هوءَ، نانگ نه اهڙو ڏَنگُ؛
ورسن نيڻ ملهار ٿي، چوڏس ٿيو سارنگُ؛
لُڙڪن لارن جون جهڙيون، ڄڻ واسينگن وَنگُ؛
ڪنڌيون ڇا، ڀاڻا ٻُڏن، لڙڪ نه ڄاڻن ڍَنگُ؛
پاڻي، پاڻي ڪاڪ ٿِي، شهر، لڙهي ٿو جَهنگُ؛
پاڻ اچي ڪر دَنگُ؛ مُلڪ ٻُڏي ٿو، مينڌرا!
پاڻ بڻجي ديپڪ تون، جَل پيئي، مومَلَ!
يادگيريءَ پَلَ، ڄڻ ته ڪائي ٻاڏَ، ڙِي!
مينڌري لئه جَلِ، پاڻ بڻجي ديپڪ تون!
پنهنجو اوجَرُ مَلِ، ڪاڪ جي ڪاراڻ ۾.
چنڊ نه ئي چانڊاڻِ، اَنڌارِي آڪاسَ ۾،
ٻاري من جا ديپَ مون ميٽِي آ ڪاراڻِ،
اکڙيون روئي رڻ ٿِيَن، ور سنڌوءَ آراڻِ ،
جيءُ جلي جنهن ڪاڻِ، سو ڄڻ ناهي موٽڻو!
آئون ڌَڃاڻي ڪاڪ جِي، چئو ڪئن آهيان، ڙِي!
ڪجهه به ته ناهيان، ڙِي! ڌُوڃُ ته هڪڙو مينڌرو.
نادين نِنديو نينهن کي، ته گُگهين ڏنا گهاءَ؛
تو وئي راتيون، ڏينهڙا، وڙهيا مون سان واءَ؛
راڻا، ڏس ته لَقاءَ، ڪاڪ به مون کي اوڌلي!
رُنيس راتو ڏينهُن، نِيرَ ڇُڙيا وسڪار جان،
پوءِ نه پاڻي اکڙينِ، رَتُ ڳڙيو جئن مِينهُن،
هاڻِ سُڪي ويو نِينهُن، ڪو به نه ڳوڙهو، رَتَ ڦڙو!
آهوءَ وانگي تانگهه ۾، رَت ڊُڪي تَندنِ،
ڏينهنِ ۽ راتينِ، فرق نه ڪو ئي، سوڍڙا!
اُڪرِي آسمانُ، نيڻ وڌا مون ناههَ ۾،
ڪجهه نه مليو؛ مَنَ منجهان، ڀُريو شڪ، گُمانُ،
جو آهي، آ هانوَ ۾، پريتم، پريت، جَهانُ،
تون ئي آن دَرمانُ، درد به تون ئي آنههِ، ڙي!
چندن چِکيا وانگيان، ساڙي منهنجو ماسُ،
اَگَرَ دونهين ۾ دُکِي، جهِڄي لِڱُ، لِباسُ،
چانڊوڪيءَ جي چمڪ ۾، ٿي نه وڃان مان ناسُ؛
راڻا، آيو راسُ، مون کي ڪجهه به نه تو بنا.
ڄِڀِي، ڄَرَ، ڄَراٽَ ، لُڊاڻي جو لِڱُ لِڱُ
جيسين مَنَ ٻُوساٽَ، جيسين ڏُکُ وِرُون ڪري!
وِرِههَ ويڙهيو آهه مون، پَڄِران، آئون ڌَڳان ،
چُئانتيءَ، اُماڙيءَ جئن، کامان، هاءِ، سَڙان،
سانوَلَ، تنهنجي سِڪَ ۾، ڪَڙهان، پئي ٻَران،
دُکان، پئي پَچان، سار لهي وڃ، مينڌِرا!
(5)
آجاڙي آءٌ اُٺَ کي، ڍَٽَ واريان واڳَ،
هئه، ڙي، منهنجا ڀاڳَ، نيٺ ته ملندس مينڌري!
آجههَ نه آئي آٽِ ۾، هڏن، سنڌن سُورَ،
آتَمَ اُڀريا پُورَ، پوءِ به رڙهان ٿي، مينڌرا!
آجههَ واجههَ وِجهي آءٌ اُسران راڻي ماڳَ،
اُجهي آتَمَ آڳَ، هاءِ، پَسي شل سوڍِڙو!
جانارَن جون ڀَڀڪَرُون، چوڏس ڪارونڀارُ؛
ڀَئو مَنَ ويرون تارُ، ڍَٽُ به ڏورانهون اڃا!
اُڀُ آڀيو آهي، نيڻن جئن هن واٽ تي،
مان ڇا ڄاڻان ڇا اڳيان، آهي، ڇا ناهي،
نَيڻَنِ جو ساهي، سو ٻوڙيندو لوڪ کي!
وَوڙيان پَنڌَ پَهوڙَ، جهُران، جهِڄان، جهِمڪان،
ٻُڌِي گونري گوڙَ، چاڪَ چِڪياهن چِتِ ۾.
ڇا جِي ٻَڙها ٻُٽّ ؟ چوڏس ڇو ماٺار آ؟
راڻا، تنهنجي رُوءِ لئه، پَٽيان پئي جهُٽّ ،
مَنَ ۾ وڌي گهُٽّ، ڌوڙ به چُپّ چُپاتِ، وو!
سِجُ وريو آ راههَ تي مرندڙ مرگهه جِيان،
آيو ۽ ويو سوجهرو، وِڄَ، وَٽِ وانگِيان،
تو بن اُڻ تُڻ هانوَ ۾، ڄڻ ٿي زهر پِيان،
اَچ وَڃ اَچ وَڃ ساههَ ۾، اُجهندِي آءٌ جِيان،
مون ڏي آءُ، مِيان! مون ڏس مرندو پاڻَ کي.
ڊوڙون، ڊُڪون اُسَ ۾، اُڻ تُڻ ۾ آ جِيءُ؛
آڇي نيڻن نَئن سڄي، پاڻ چوي ٿي، پِيءُ!
ڊيل نه ڄاڻي هِيءُ، مور اساٽيل آڳ جو!
رُڃَ نه ڀانئي رُڃَ، آب نه سمجهي آب هوءَ؛
هُن آ جنهنجي اُڃَ، سوڍَلُ ڏاڍو ڏور ٿيو!
ڏَنءُ نه ڏي مون، مينڌرا! مان ته راهُنِ رَکَ
ڪاڪ سندا ڪَکَ، وَيا اڀاڳڻ سان سَڙِي.
پاڻ بڻجي ديپڪ تون، پنهنجي من کي ڇولِ!
اندر ئي تون ڳولِ، راڻو ٻاهر ناهه، ڙِي!
راڻو ٻاهر ناهه، ڙِي! راڻو دل ڌَڙڪو!
هانوَ ڪَنائي، ڌِيانُ ڏي! سوڍَلَ جو ڪَڙڪو!
ويٺو ڏئي ڀَڙڪو، مومل، تنهنجي جيءَ ۾!
راڻو ٻاهر ناهه، ڙِي! راڻو آ آتَمُ!
جو ٿو گُونجي جيءَ ۾، سو آتَمَ سَرگَمُ!
تَنهن کي ڪهڙو غَمُ، جنهن جو اندر مينڌرو!؟
ڪَتِيون ڪَرُ رَکِي وَيون ، وِڇُون اُڀريو آههِ؛
چَنڊَ نه چانڊوڪي اُها، سِجَ نه ساڳي باههِ؛
ڀونءِ نه ڀاسي ڀونءِ ور، نَڀُ به ساڳيو ناههِ؛
راڻا، نينهن نِباههِ، هاڻ ته ساههُ نه ساههَ ۾!
اُلا، آڳَ، آڙاههُ، پَنڌَ پَهَڻَ ڄَرَ ناچَ ۾!
منهنجو راڻي ساههُ، لِڱَ ڀَلِي پيا آڳَ ٿين!
مون کي ڏُونگر ڇا ڪندا، ڪيڏو وڙهندي باههِ؟
ساههُ ته راڻو آههِ، تَنَ ڀل ساڙي باهڙي!
لِڱَ ڀَلِي پيا آڳَ ٿين، منهنجو سانوَلَ ساهُه!
راڻو جِيءُ، پَساههُ، تَنَ ڀَل ساڙي باهڙي!
لِڱَ به رِجهي ڀل رَسِ ٿين، سانوَلَ آ آتَمُ!
ڀل ته پچي پيو دَمُ، ڇو ته ڪيان ورلاپَ مان؟
لِڱَ به رِجهي ڀل رَسِ ٿين، ساههُ ته سانوَلَ ٿِيو!
هو ته نه آيو، وِيو؛ مان ته نه موٽان ان سوا!
لِڱَ به رِجهي ڀل رَسِ ٿين، سانوَلَ منهنجو مَن!
راڻو اٿم دَرسَن، اُلن ويڙهيل واٽ تي!
راڻو اٿم دَرسَن، اُلَن ويڙهيل واٽ تي!
راڻو ٿيم دَرپَن، آئون راڻي دَرسِنِي!
آئون راڻي دَرسِنِي، راڻو ٿيم دَرپَن!
مان، راڻو، دَرسَن، باقي ڪجهه به ته ناهه، وو!
راڻو ٿيم دَرپَن، آئون راڻي دَرسِنِي!
جوڀَنَ ۾ جوڀَن، آڳَ ته وَسندي واٽ تي!
راڻو ٿيم دَرپَن، آئون راڻي آرِسِي!
ڀل ته پَيا وَرسَن، آڳَ ۽ اُلا راهه ۾!
راڻا، رِڻُ نه ڪَر، مومل اڳ ئي رُڃَ ۾،
ٽاڻِ ڀَڃي تون وَر، آءُ هلي او ويسِرا!
مومَلَ، ڦُوڪ نه ڏيئڙا، اوندهه آ چوڌارُ!
اڃا ته انڌوڪارُ، اڃا ته اڳتي سوجهرو!
رنگ رُئن ٿا رُڃَ ۾، نينهن اساٽيل نَيڻَ!
اُڃَ جنين جي سَيڻَ، آب ڇا، ڪجهه به نه آئُڙي.
ڪَنٺِ ڪَيا تو هانوَ سان، وِڇوڙي جا وارَ؟
جَن مَنَ تانگههَ اَپارَ، پاڻي تَن لئه اوپرو!
ديپڪ منهنجي جندڙي، هاڻ ٻَران ٿي مان!
وَوڙيان ٿي جئن واٽَ، الا، تُند به تئن پِگهِران،
جلد نه مان وِگهِران، دير نه ڪر، مِل، مينڌرا!
ڪويَلَ ڪُو ڪُو، ڳيري گهُو، ٻاٻِيهَلَ ٻَروڙَ ،
پاڻيءَ جهُر جهُر ، نارُنِ ڀُوڻِ، روجههَ ته ڊوڙَ ئي ڊوڙَ،
پانڌياڻيءَ پَهوڙَ، راڻي جا ورلاپ ٿيا!
ڏاگهي اُها ڏاگههَ ، ڄڻ ڪو ڏاگهي ڏاگههَ کي،
نه ڪو ڏاگههُ ، وِرانگههَ، ڄڻ ٿيو گهايَل ڏاگههُ ڪو!
سِجُ اَٻاجهو آ ڪَپارَ، پَٽُ نِسورو نانگُ،
سوڍَلَ، تو لئه سانگُ، تو لئه گهوريم جندڙي!
مينڌرا، لِڱَ لُوڻُ ٿيا، جهوريءَ آئون جهِڄان؛
اکڙيون جهورَ جهَڪورَ ۾، هينئڙي آڳَ پَچان؛
جيڪر مان نه بَچان، ڏِج نه مَيارون مُنڌَ کي!
ڏِج نه مَيارون مُنڌَ کي، جي مان واٽَ مَران!
تو لئه ئي ته جِيان، تو لئه ايندو موتُ مون!
چِکيا، تنهنجي هنجهه ۾، آئون اچان ٿِي، ڙِي!
ڀاڪر ڀر، مٺڙِي! سانوَلَ گهوريم جندڙي!
چِکيا، تنهنجي چپڙن مان، ڇا ته اُٿي ٿِي آڳَ!
هئه، ڙيِ، منهنجا ڀاڳَ، هئه، ڙِي، منهنجي زندگي!
اگنِي، تنهنجي اَنگَ ۾، آهه اگهور اگن!
تنهن ۾ هي جوڀَن، ويتر ٿيندو ڄَرَ، ڄِڀِي!
چِکيا، تنهنجي چِتِ ۾، ڇا ته پَيو ڀَڙڪي؟
مون جئن ٿو ڄَرڪي، يا بس چُئانتين ڍيرُ آ؟
چِکيا، تنهنجي هنجهه ۾، چُئانتيون، اُماڙيون!
سَتِيون تو ساڙيون، مومل ساڙيو آڳَ کي!
اَگنِي، مون اندر نِئي، هُئن به ته پَڄري جِيءُ!
مان تو، تون مون پِيءُ، آڳَ اُجهائيون آڳَ سين!