مومل راڻي ڪارڻ مندر جاڳي ٿو
هاڻ به ڪاڪ محل جو کنڊر جاڳي ٿو
ڏيهه سمورو سُڃّ، نه ڪوئي واسي آ
وائن، واچوڙن تي در در جاڳي ٿو
آڌيءَ پوريءَ نگريءَ نيڻن ننڊ وسي
ڪنهن جي يادن ۾ هڪڙو گهر جاڳي ٿو
تنهنجي خوشبوءَ جي لئه ڪمرو ڪِنجهي ٿو
چادر گهُنج، سِراڻو، بستر جاڳي ٿو
ناهي ڄام تماچي ڇو موٽيو تڙ تي
نوريءَ نِينهن، نماڻو ڪينجهر جاڳي ٿو
چنڊ اُڀو آڪاسَ اُجالو اوتي ٿو
ماٺي ليٽن جهر مر ساگر جاڳي ٿو
گهيڙ گهڙي پئو، جيوَن ڀل ڪوهيڙو ٿي
ها پر سُک کان پهرين گوندر جاڳي ٿو
ڪومل هيرن هار وِنڌڻ جي چنتا ۾
سياري رُت رڻ ۾ هڪ وِينجهر جاڳي ٿو
آشا، جڏهين مِينهڻ ور چانگاريندا
ويرو تار اُڪنڊيو ٿر بر جاڳي ٿو
‘سائر’ ڪنءَ سپنن جي جهوُلي ۾ جهوُلي
ڪِلڪَ به جاڳي، ڀر ۾ ڪاڳر جاڳي ٿو