ڪٿي ڪاليداس ۽ ڪٿي پريتما
شَڪُنتل اڌوري اڌوري اڃا
وَراڪا ڪري وِڄّ وانگي اچي
ڪڏهن مور وانگي ڀِٽُن تي نچي
ڪڏهن مِينهَڻَن جيئن چانگار ۾
ڪڏهن وِينجهرن وِنڌَ ۾، هار ۾
ڪڏهن سِڙههَ کولي، سُکاڻن ڇِڪي
ڪڏهن اوٽَ مڪليءَ لُڪُن کان لڪي
ڪڏهن انگ نِيرڳ بڻي نياڻ ۾
ڪڏهن ليٽَ، لُڙُ، ونجهه مهراڻ ۾
ڪڏهن ڪِينَري ۾ ڳُتي راڳڻيون
ڪڏهن پوههَ آڻي اُماڙيُن ڀَريون
ڪڏهن ڀرت جي ڦُلّ چِلڪِي اُٿي
ڪڏهن مَنڌَ جو سمنڊ بڻجي ڇُلي
مگر ڀونءِ ماپي نه پوري اڃا
کڻي ٿي وڃي ڪجهه ضروري اڃا
الا، نِمّ، ٿيندي نموري اڃا؟
شَڪُنتل اڌوري اڌوري اڃا
مگر پوءِ به ڪامَڻ اُٿِي آهه، ڙي
تخيل وڌو آهه هن ساهه، ڙي
نه پورب، نه پڇّم، نه رات ۽ نه شام
شَڪُنتل ڪيو آهه هر ويل رام
نه ئي گهاٽ جمنا، بخارا، نه ڍٽ
نه بر، بن، نه لهريون، ڇڏي ڪو نه پٽ
شَڪُنتل گهڙيءَ ۾ هِتي، ور هُتي
اچي ٿي، وڃي ٿي، نه ڪنهن جي ٻُڌي
چوي ٿي: “حقيقت به مايا ته آ
مٿان هيءَ مايا به ڇايا ته آ
وري هيءَ مايا حقيقت به آ
لُڙاٽيل سمنڊ آ، ته پربت به آ
اَماوَس رڳو ناهه ڪاراڻ پل
نه گنگا، نه جمنا رڳو آب، جل
نه رڻ آ بيابان، وَڻُ ناهه ڦل
نه دل آهه ڌڙڪو، نه اکڙيون ڪجل”
جنم هيءُ پورو نه ٿيو، ڪالِيداس
جتي چنڊ اونداهه، اوجَر اُماس
اِهو مَنڊُ ناهي ته پو آهه ڇا
ڪٿي ابتدا ٿي، ڪٿي انتها
نه جنمي، نه جنمي به جنمي اٿي
شَڪُنتل اُٿِي پر اڌوري اُٿِي
شَڪُنتل مڪمل ٿيڻ ڪاڻ ئي
وڌائي وڌائِي به مانڌاڻ ئي
ڪڏهن هوءَ مريم جيان ماءُ ٿِي
ڪڏهن هوءَ لَيلا جيان ساءُ ٿِي
ڪڏهن هوءَ راڌا، ته مِيرا ڪڏهن
ڪڏهن هوءَ سِيتا، ته لِيلا ڪڏهن
ڪئين تانِ سينا، ڪئين ڪالِيداس
ڪِرِشنا، پِڪاسو؛ ڪئين ٿيا نراس
ڪئين تَندَ تاڻِينِ پل پل هِتي
ڪئين اوڙِ آڻِينِ ور ور پَني
ڪئين بانسريءَ جي سُرن ۾ مگَن
چِتِرڪار ويٺا محبت چِٽَن
مگر ڪنهن به پوري ملي ڪا نه ٿِي
ڏسي ٿي اگر، پو ٻُڌي ڪا نه ٿِي
ٻُڌي ٿي اگر، پو چَوي ڪا نه ٿِي
چَوي ٿي اگر، پو بِهي ڪا نه ٿِي
نه کُهُنبي، نه ڪوجهي، نه ڀُوري اڃا
نه ورکا، نه سيجا، نه سُوري اڃا
نه سورٺ، نه سهڻي، نه نُوري اڃا
شَڪُنتل اڌوري اڌوري اڃا