انءَ واءَ وڙهي ويا، ساٿيئڙا
ڪئين گُلّ ڇڻي ويا، ساٿيئڙا
چئو! مرگهه کٿوريون ويون ڪيڏي
ڇو کيت سڙي ويا، ساٿيئڙا
ڀڙڀانگ اَکُٽ، حيران نظر
ڇو پير ڏڪي ويا، ساٿيئڙا
ڇو آهه نماڻي ڪينجهر ڪَڙَ
ڪيڏانهن پکي ويا، ساٿيئڙا
اڌ رات جهُڳيءَ جي سپني ۾
ڪي محل ڀري ويا، ساٿيئڙا
ٿيو رين بسيرو، موٽي ويا
پر مرڪ کڻي ويا، ساٿيئڙا
هو سانگي آهن، سانگ ڪندا
ڇو لڙڪ لڙي ويا، ساٿيئڙا
هي ڪوٽ اڏي ڪيڏي نيندين
ڪئين ڪوٽ اڏي ويا، ساٿيئڙا
جنءَ سورج اُلَٿو، رات وري
ڪئين ديپ ٻري ويا، ساٿيئڙا
ڪي ننڊ ڦٽائي ويٺا ٿي
ڪي خواب رسي ويا، ساٿيئڙا
هن پانڌياڻيءَ ڀنڀور ڇڏي
ڇو ڪيچ وري ويا، ساٿيئڙا
ڪي ٻيڙا گهيڙيو گهيڙ وڃن
ڪي ڪُنّ لڙهي ويا، ساٿيئڙا
ڪي ڪنڌيءَ ڪنڌيءَ تي سوکا
ڪي گهيڙ گهڙي ويا، ساٿيئڙا
ڪي ڪنڌيءَ ڪنڌيءَ تي سوگها
ڪي ڪُنّ تري ويا، ساٿيئڙا
هيءَ سانت سمئه جي ڇا ٿي چئي
ڇو ڏور ڪهي ويا، ساٿيئڙا
‘سائر’ هيءَ ماٺ نه موت آهي
ڇا مور مري ويا، ساٿيئڙا