شاعري

کٿوريءَ کيپَ کيتر ۾

شاعريءَ جو هي ڪتاب ”کٿوريءَ کيپَ کيتر ۾“ خوبصورت شاعر مزمل سائر جي تخليقن جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2014ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 6921
  • 786
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مزمل سائر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book کٿوريءَ کيپَ کيتر ۾

ڪي گيت امر ڇڏي ويندس

ڪي گيت امر ڇڏي ويندس

Socrates
Killed
Hemlock!

‘سائر’ جي انگريزي شعري مجموعي Silence of the Piano Sings جو اهو مختصر ترين نظم آهي. ان ٽه ــ لفظي، ٽه ــ سٽي نظم جو ترجمو ڏُکيو آهي. سقراط سچ ڪارڻ وِههُ ــ وَٽو پِي، موت کي مات ڏني ۽ امر ٿي ويو. ‘سائر’، ان انگريزي نظم جو شاعر، جڏهن پنهنجو ڪجهه سنڌي ڪلام کڻي آيو، تڏهن اسان کوڙ ساريون ڳالهيون ڪيون ــــ سنڌ، سنڌي ٻولي، لوڪ، ڪلاسيڪل، روايتي، ترقي پسند، جديد شاعري ۽ شاعر ــــ اسان جا موضوع هئا. ان ڏِس ۾ هُن جو هڪ نڪتئه نظر هو ۽ منهنجو به. ڪٿي اسين ڏکڻ اتر هئاسين ته ڪٿي ساڳئي صفحي تي.
لعل پشپ مون کي چيو هو ته “هر ليکڪ، ڄاتي اَڄاتي، پاڻ کي امر ڪرڻ لاءِ لکي ٿو.” ‘سائر’ ساڳي ڳالهه مختلف انداز سان ڪري ٿو:
مان به ڪي گيت امر ڇڏي ويندس
مــوت کان ڪا به شيءِ ته کسڻي آ
‘سائر’ امر گيت جي ڳالهه غزل جي شعر ۾ ڪئي آهي. گيت جو سنٻنڌ سُر سان آهي. سُر شاعريءَ جو آڳاٽو ۽ اُوچو سرشٽو آهي. سنڌي لوڪ ۽ ڪلاسيڪي شاعري ان جو مثال آهي. ناظم حڪمت چئي ٿو:
“شعر جيئن ته ســــنگيت جي ڪُــــک مان جنم ورتو آهي، انڪري پهريون شرط به اهو ئي آهي ته ڪنهن مخصوص رڌم، لئه ۽ آهنــــگ جـــو پــابند هئڻ کپي، جيڪو شعر جي مــوضوع ۽ ڪيفيت وٽــــان هجي.”
(“تنهنجي ساگر نيڻن ۾ 2009)
سو ‘سائر’ جهُونگارن سان به جُڙيل آهي ته اها ڳالهه شاعريءَ جي حق ۾ وڃي ٿي. هُن اهڙا امر گيت ڇڏيا آهن يا نه، ان جو نبيرو ته سمئه تي آهي، پر جيڪا ڳالهه ڳڻڻ جي آهي، سا اها ته هُن اهڙو اُدم ضَرور ڪيو آهي. هر شاعر کي اهڙو اُدم زندگيءَ جي آخري پساهه تائين جاري رکڻو آهي. اڻ ٿيڻيءَ کي ٿيئڻي ڪرڻ جو معجزو صرف ۽ صرف شاعريءَ ۾ ئي ٿي سگهي ٿو:
موت کان ڪا به شيءِ ته کسڻي آ
۽ اُها شيءِ زندگي آهي. امرتا آهي. سُر آهي. سُونهن آهي. شاعري آهي. سچ ته اهو آهي ته ‘سائر’ جي شاعري پڙهي سُر، سُونهن ۽ شاعريءَ ۾ ويساهه جاڳي ٿو:
پورنماسيءَ ۾ ڪارونجهَرَ چوٽيءَ ليٽي ‘سائر’
سنــڌ انگيءَ تي مان تارن کان ڀرت ڀرايان ويٺو
ـــ پورنماسي، ڪارونجهر جي چوٽيءَ تي ليٽي، سنڌ انگيءَ تي تارن کان ڀرت ڀرائڻ ـــ هڪ اَڇُهيو خيال آهي. اها پوسٽ ماڊِن غزل جي روپ ريکا آهي. ان غزل جو ٻيو شعر، بنا ڪنهن ٽيڪا ٽپڻي جي:
تنهنجي من ۾ منهنجي چاهت جا گهنگهرو ڇن ڇن ڪن
لـــــوڪ ته ڄاڻـــــي وٺندو، مــــان ڪيڏو به لڪايان ويٺو
غزل جي هن لڄالٽ واري دور ۾ ‘سائر’ غزل جي لڄ رکي آهي:
هــي ڪوٽ اَڏي ڪيڏي نِيندين
ڪئين ڪوٽ اَڏِي ويا، ساٿيئڙا
مڙهه جهڙي ماٺ ۾، هڪ شاعر جو آواز ٻُري ٿو. هڪ سوال آهي. واڪو. رڙ. ‘مور’ جيڪو سُونهن ۽ آواز (ٽهوڪي) جو اهڃاڻ آهي، اُهو ڊنر ٽيبل تي هڪ ڊش جي طور آهي. ڇرين ۽ ڪانٽن سان، هر ڪو اُن مان حصا پتيون ڪري، رڙڪي رهيو آهي! باقي مور بيماريءَ وِگهي ٿر ۾ موت جو کاڄ ٿي رهيا آهن. ‘سائر’ جي غزل جي هيءَ مقطع، ان صورتحال جو نوحو آهي، جيڪا رڳو ٿر تائين محدود نه آهي (شاهه سائينءَ به چيو آهي “ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو”):
‘سائر’ هي ماٺ نه، موت آهي
ڇــا مــور مـري ويا، ساٿيئڙا
شاعر مختلف وقتن، ڪيفيتن ۾ لکن ٿا ۽ آءُ به کين مختلف وقتن، ڪيفيتن ۾ پڙهان ٿو. مون ڏٺو آهي ته ائين اثر به مختلف ٿين ٿا. جيئن ‘سائر’ جو نظم “ڪوٽَ ۾ تاريخ جي ڏنجهن ڏريل، او مارُئي”! اهو اڳي به ڪٿي پڙهيو اٿم. ان تي مارڪنگ به ٿيل آهي، پر اڄ 2014ــ6ــ19 جي پرڀات سمئه ان جون هي سِٽون اُجاگر ٿي ويون آهن:
سِجّ آزاديءَ جو لَمڪو ڏَئي ڀُڻندو جڏهن...
چنگ جان اُن ٻاٽَ جي ماٺارَ ۾ ڪرڻا ڇَٽي
سانت جي انڪار جو آوازُ ٿِي ويندو تڏهن...
سج، چنگ، ٻاٽ، سانت، آواز مُک استعارا آهن. آزاديءَ جي سج جو لمڪو ڏئي ڀڻڻ، ٻاٽ جي ماٺار ۾ ڪرڻا ڇٽڻ، اَڇُهيو خيال آهي. ‘اڄ’ کي سڀاڻي سان ‘جڏهن’ ‘تڏهن’ جا لفظ جوڙين ٿا. نظم ۾ هر استعارو، اهڃاڻ ٻئي ۾ مَٽجي ٿو. ٻاٽ، ماٺار..چنگ، ڪرڻا...مارئي، سنڌڙيءَ...ان ريت پورو نظم اهڃاڻي، استعاراتي بڻجي ٿو وڃي. نظم آد کان انت تائين يڪو هلي ٿو. ڪٿي به ٽُٽي نه ٿو. بندن ۾ ورهايل نه آهي. ‘چينجهه’ (موتين جي مڙهيل مَڙهه) وانگر آهي. ‘سائر’ وٽ پنهنجو شبد ـــ ڀنڊار آهي. هن جو لهجو (ڊڪشن) نيارو آهي. نظم مهڙي ٻن سٽن:
ڪـــوٽَ ۾ تاريخ جي ڏَنجهن ڏريل، او مارُئي!
ڇو اداسي جيءَ چُهٽيل آهه تنهنجي، سنڌڙي!؟
کان پُڄاڻيءَ جي ٻن سٽن:
مان به توسان ئي ته هوندس، سنڌڙي، جِنءَ آهِيان!
تو سـوا مـــــان ڇاهِيان، چئو تو سوا مان ڇاهِيان!
تائين هڪ ڀرپور تاثر ڇڏي ٿو. اهڙي ڳوڙهي ڳتيل نظم مان سٽ، سٽون ڌار ڪرڻ، ڌارا مان لهر، لهرون ڌار ڪرڻ وانگي آهي، پر هڪ سٽ ضرور ڏيندس، جنهن ۾ ‘وقت’ جو استعارو اَڇُهي انداز ۾ آيل آهي:
وقت تنهنجو، صرف تنهنجو گهوٽ ٿي ايندو ڪڏهن!
شاعريءَ لاءِ هڪ لامحدود ٻولي درڪار هوندي آهي. لفظ جو صحيح اُچارُ ۽ تز واهپو ئي ان کي معنيٰ ڏئي ٿو. ان لاءِ مطالعو ۽ عوام سان لهه وچڙ واهر ڪن ٿا. ڪيترا لفظ واهپي ۾ نه هئڻ ڪري وسري ويندا آهن. انهن تي ڪَٽُ چڙهي ويندو آهي. هڪ شاعر جو اهو به ڪم آهي ته ڪٽُ لاهي، انهن لفظن کي چمڪائي ۽ رواج ۾ رکي، ‘سائر’ اهڙا ڪيترا ئي لفظ واپرايا آهن، جهڙوڪ: چينجهڙو، آڀامڙو، اُوڻ، ڀُوڻ، اَروٽ وغيره. انهن جي معنيٰ به ڏيڻ کپي. ‘سائر’ لفظن تي اعرابون ڏنيون آهن ۽ بيهڪ جي نشانين کان به جوڳو ڪم ورتو آهي. اهو به سوال آهي ته ڇا هر صنف لاءِ مخصوص لفظيات، اصطلاح، محاورا، ڪردار، اهڃاڻ، موضوع، ورتا ورڻ...آهي؟ مثال طور بيت سنڌين جي سُڀاءَ وٽان آهي. لوڪ جُڳ کان، بيت هڪ ڊگهو پنڌ پٽي، ‘سائر’ تائين پڳو آهي. بيت هر جُڳ ۾ جيوت رهيو آهي. ‘سائر’ جو بيت ڏانهن لاڙو هڪ سٺو سوڻ آهي. ‘سائر’ جا بيت سُر مُومل راڻو مان آهن:
ساڳيو پنهنجو ساههُ، اچ، وٽيون وِرِههَ وِرُونههَ؛
مــــون ۾ تنهنجي سُونههَ، تــــو ۾ منهنجو پـريتڻو.
۽ جڏهن مومل ۽ راڻو...سُونهن ۽ پريتڻو...وڇڙن ٿا، تڏهن ڪاڪ ڪيئن ٿي ٿي وڃي، ان جو چِٽُ ‘سائر’ هيئن ٿو چِٽي:
ساري سانوَلَ رُوءِ، ڪِنجَهن ڪوٺيون ڪاڪ جون؛
پَٽّ کُـــــوري ماڳَ جـــــيئن، واءَ وريــــا ٿِـــــي لُوءِ؛
ڀونر اُوجهَل ۽ ڪونرَ، رَنـــــــگُ، نه آهي بُـــــــــوءِ؛
هَنجَن، ڪُونجُن، ڪويَلُن، جِهـــــــــڄندي ڇَڏِي جُوءِ؛
مورَ، نه هرڻيون، ڇيلِڙيون، ڪاڪ لَــڳِي ڪا سُوءِ؛
ڪــــاپڙي! اچ ڪُـــوءِ؛ مــــــــــاڳُ نه رهندو تو بنا.
يا هي بيت:
راڻا، سانوَلَ، مينڌرا، سوڍَلَ، منهنجــــا راوَ!
جـــــيڏا تارا اُڀّ ۾، تـــــيڏا تنهنجــــــــا نانوَ،
اُهري تنهنجي سَمنڊَ ۾، منهنجي مَنَ جي ناوَ،
ٽيپو ٽيپو رَتّ جو، ڀُوڻي تو لئه هانــــــــــــوَ،
تن کي ڇا جا ڀاوَ، جن جو جِيئَڻُ تو ڪــري!
ڪٿا ۽ ڪردار ـــ مومل، راڻو، سُومل، ناتر ـــ آڻا ٽاڻا، ٽڪ ساٽ، اڳيئي موجود ۽ معلوم آهن، پر هڪ شاعر جڏهن انهن کي منظوم ڪري ٿو، تڏهن انهن کي نئين سر تخليق ڪري ٿو ۽ سڄو مانڊاڻ ٻيهر منڊي ٿو. ڪردارن ۾ روح ڦوڪي ٿو ۽ لفظن ۾ معنيٰ. ان ريت هو ڪٿا پنهنجي ڏانوَ ۽ نڪتئه نظر سان اسان جي آڏو پيش ڪري ٿو. ‘سائر’ به ائين ئي ڪيو آهي ۽ منهنجي راءِ ۾ هُو ان ڏس ۾ سڦل آهي.
‘سائر’ وٽ ڪلاسڪ (بيت، وائي)، روايت (غزل) ۽ جدت (نظم)، ٽنهي ڌارائن جو سنگم آهي. آءُ ٻه وِکون اڳتي وڌي هُن جي آجيان ڪريان ٿو.

امداد حسيني
ڪراچي، سنڌ
05-07-2014