ٻُري تَندَ تنهنجي اَڄاتيءَ اڳن
ڀٽائي، سڄي ڏيهه تنهنجي لڳن
سڄو سنڌ تنهنجي سُرن ۾ مَڳن!
اِهي سُر لڳاتار چوڏس ٻُرن
ڪٿي ڇير وانگي ڇنن ڇن ڇنن
ڪٿي ڄڻ ته ڪنگڻ کنن کن، کنن
ڪٿي ڄڻ ته جهانجهر جهنن جهن، جهنن
ڪٿي ڪن گهنن گهن، گهنن گهن، گهنن
ڪٿي واچَ واري پنن ۾ ڇڻن
اُتي ئي پنن جي ڇڻڻ تي جهُرن
ڏِسي ڏکّ جهانگيئڙن جا مرن
مگر پو به عنقا جِيان ٿا وَرن
ڪڏهن پانگڙن جئن لُڏيو ٿا لُڏن
ڪڏهن ٻالڪن جئن ڪڏيو ٿا ڪڏن
ڪڏهن روجهه وانگي رڃن ۾ ڊڪن
ڪڏهن هي کِکِيءَ جنءَ، ڪڏهن ڄڻ ته ڀَن
ڪڏهن هي چڪورن جِيان پَرَ هڻن
ڪڏهن چنڊ وانگي گگن ۾ کِڙن
ڪڏهن ڪاتَ بَڻجَن، ڪڏهن ٿا ڪُسن
ڪڏهن ماڳ ماڻن، ڪڏهن پيچرن
جئين اوڀرن، تنءَ وَسن اولهن
ڪڏهن سادڙو ويس پائي اچن
ڪڏهن ڀرت اندر جٽادار فن
ڀٽائي، سڀن آهه تنهنجي لڳن
سڄو سنڌ تنهنجي سُرن ۾ مڳن!
ڪڏهن هي ڪُماچن جِيان ٿا وڄن
ڪڏهن بانسريءَ جي سُرن ۾ جُڙن
ڪڏهن چنگ وانگي هِيين ۾ هُرن
ڪڏهن سرمنڊل ٿي ايامن ڇهن
ڪڏهن ڄڻ ته وِينا سُرن جو وطن
ڪٿي ڀيرويءَ ڀونر ٿي ٿا ڀِرن
ڪٿي ڀُڻڪ ڀيرون نه چاهي به ڪن
ڪٿي ڪوهه جا راڳ بڻجيو ڇُڙن
ڪٿي راڳ سورٺ وجهيو ڏنءُ ڏِين
ڀلا ڪنڌ وارين، سُر انءَ گهُمن
رُسي ڪاڪ ڪائي ته راڻا رَچن
اُتي راڳ راڻو ٻُرائي ڀِڙن
مچي جيئن سنڌو ته سهڻيون تَرن
ڪُنن ۾ ڪئين مورڙا ٿي گهِڙن
رُئي جيئن ڀنڀور، آريا رَسن
ڪٿي مارويءَ جون مرادون سُڻن
ڪٿي ٿر بڻي نيٺ سارَنگِجن
ڪٿي نينهن نوريءَ وٺي واسِجن
ڪٿي ور تماچيءَ جِيان هي نَمن
جتي نيڻ ڪاهيون ته سُر سُر سَمن
نه مُگرا، نه ڏاڙهون، نه موتيا ڪُڇن
سڳنڌون ته پل پل ڀُڻيو ٿيون ڀُڻن
دنبورو سُرن جو مڻيادار بَن
ڀٽائي، سڀن آهه تنهنجي لڳن
سڄو سنڌ تنهنجي سُرن ۾ مڳن!
ڀٽائي، مگر ڏس اُلا ٿا اُٿن
ڄِڀِي، جهڪّ، ڀنڀٽ، ڄَراٽ آ لَڪن
ٻَنيون ۽ جُهڳيون ڄڻ ته کُورا پچن
لُڪن تي الا پَٽَ، ڇَپَرَ ٿا سڙن
هجي واٽَ يا آٽِ، پٿر ٻَرن
نه آسر، اميدون، نه بادل رمن
مگر پو به جهڙ ڦڙ اوهان جي سخن
سخن، جو رچايل رسالي سُرن
سڀئي مچّ، آڙاهه انءَ پو اُجهن
اُهي ڄڻ ته ڪي آڳ قصّا هجن
نچي هِير سُر سُر، پنن ۽ وڻن
ٿڌيري ٿڌيري هوا پئي ڪکن
ڏِيا آسرن جا نه ڪنهن پل وِسن
بَرن ۾، بنن ۾ پکي کيتِرَن
مُٺا مور ڊيلن پٺيان پو نچن
محبت ڪٺل پو پڪا ڪن وچن
ڀٽائي، سڀن آهه تنهنجي لڳن
سڄو سنڌ تنهنجي سُرن ۾ مڳن!
الا، انءَ مڳن ڄڻ ته تون سَنڌَ تن
هڏن، ماس ۾ تون، ٻنيءَ ۾، هَرن
پَهڻ تون، هَرڻ تون، چُرين تون اَڪن
اُڏين تون ائين بازَ ٿا جنءَ اُڏن
ڦُٽين گلّ وانگي، بڻي سنگ، اَن!
جتي آنهه تون بس اُتي ئي اَمن
اُتي ئي ته، اي يار، ميلا مچن
سڀئي سنڌ واسي اُتي ئي مِڙن
سدا آهه پڙلاءُ تنهنجي سڏن
ڀٽائي، ڪَوي، عشق وارا ته مَن
کڻي ٿا ڪَويءَ جي سُرن لئه جِيَن
سڀئي نِينهن وارا ڪَويءَ ڏي لَڙن
ڪَويءَ کي ٻُڌائن، ڪَويءَ جي ٻُڌن
ڀٽائي، ڪَوِي، ڏيهه تنهنجي لڳن
ٻُري تَند تنهنجي اَڄاتيءَ اڳن
سڄو سنڌ تنهنجي سُرن ۾ مڳن!