سائر ـــ سُر ۽ سونهن جو شاعر
جنهن انسان جي خواب کيتر ۾ کٿوريءَ جا کيپ هجن، نيڻن ۾ ٿر ٻاٻيهي جهڙي اڃ هجي، جيڪو دل جي جهوپي ۾ عشق جو ڏيئو ٻاري ورهه وٽڻ جي ڳالهه ڪري، جيڪو ڏات جي چڳ چڳ ڇوڙي وقت ورائڻ لئه آتو هجي، جنهن کي واءَ وڙهڻ، گل ڇڻڻ، کيت سڙڻ، پير ڏڪڻ، لڱ ٺرڻ، لڙڪ لڙڻ، ڪوٽ ڊهڻ، خواب رسڻ، مور مرڻ ۽ اجرڪ جا رنگ ڦٽڻ جو احساس هجي، جنهن جي دل ڪنهن جهوني پنساريءَ جيان آسن جا وکر کڻي هر درد جي درمان لئه سنڌ جي گهٽي گهٽي گهمي، جيڪو سنڌ ڌرتيءَ جي سينڌ ۾ مرڪن جو سندور ڏسڻ گهري، ٻاٽ جي ماٺار ۾ اميدن جا ڪرڻا ڇٽڻ گهري، جنهن جي تخليق ڄڻ ته سنڌوءَ جي ڪا وڇڙيل ڌارا لڳي، انهيءَ شخص حيدرآباد جي تاريخي پرڳڻي ۾ پتڪڙا پير پاتا، هٽڙيءَ ڳوٺ جي پٽن تي لاٽون ۽ هوائن ۾ لغڙ اڏايا ۽ پرائمري تعليم به اتان ئي حاصل ڪئي. ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ حيدرآباد، ايم اي انگريزي ادب سنڌ يونيورسٽي، ايم ايس سي مينيجمينٽ، سَري يونيورسٽي، انگلينڊ مان ڪئي. تخليق جي ته تند سندس دل جي دنبوري ۾ ازل کان آهي. پڙهن پڙهائڻ سان عملي زندگيءَ جي شروعات انهيءَ تخليق جو تسلسل آهي. ان کان علاوه هن ڪافي گهميو آهي: شهر، ملڪ، تهذيبون، تاريخي ماڳ؛ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کي محسوس ڪيو آهي؛ پراڻي يوناني ۽ رومي ادب کان ويندي، روسي، فرانسيسي، جرمن، فارسي، هندوستاني، بنگالي، چيني، آمريڪي ۽ يونائيٽڊ ڪنگڊم (برطانيه) جي ادب تائين هن نينهن سان سفر ڪيو آهي.
مزمل سائرهڪ باشعور انسان ۽ هڪ بيمثال شاعر آهي. 2011 ۾ سندس انگريزي شاعريءَ جو مجموعو “سائلنس آو د پيانو سنگز” انگلينڊ مان ڇپيو هئو، جنهن جي مهورت آڪسفورڊ يونيورسٽي جي پيمبروڪ ڪاليج ۾ ٿي هئي، جتي هن “شاعريءَ جي ارتقا” تي هڪ ليڪچر پڻ ڏنو هئو.
سائر جي پنهنجي هڪ ويبسائٽ (بلاگ) پڻ آهي، جنهن جو نالو آهي:
http://www.msyre.com (I HAVE POURED MY WINE)
عامر لطيف صديقي