منهنجي ڪَوِتا جي ڪَنٺي تي
تون ئي ڏيئڙو، تون ئي ڏياري
نِهَٺي، نِهَٺي نيڻن واري
منهنجي ڏات ته هرڻيءَ وانگي
رڻ ۾، بر ۾ ڇال هنيا ٿي
ويرم، ويرم، سال ڪيا ٿي
چوڏس اُسّ تتي ٿي ڏاڍي
تنهن تي واءَ وريا ڪيهر ٿي
تون جو آئين، اوڀر، اولهه
ڇمر ڇمر ٿي ڦڙ ڦڙ آندي
ان ڦڙ ڦڙ تي ڏات سرن سان
من اندر جي اُڃّ اجهائي
آتم ٺاريو، دلڙي ٺاري
هاڻ نه ڪوئي رڻ، ڪا واري
واءُ نه ڪيهر، اُسّ نه ماري
هاڻ ته گلڙا ٽاري ٽاري
نِهَٺي، نِهَٺي نيڻن واري
ڪَوِتا جڳ جا پنڌ اڻانگا
ڇا جا پانگر، ڇا جا چانگا
تن تي ڪَڪرا، ٻاٽ، انڌاري
ان ڪَوِتا جا پنڌ ڪندي، مون
ڀٽ جي موڀيءَ جو مڌ پيتو
حافظ سان پڻ جوڙي ياري
جڏهين تنهنجا نيڻ نمي پيا
سڀني سان مون ٽوڙي ياري
پنهنجي ڪَوِتا جي هيءَ دنيا
تنهنجي نيڻن سان ئي ٻاري
تون آن منهنجي من جي ناري
جيءَ جي مُرلي، ڏات ڀلاري
فن جو ساگر، ناوَ به نياري
نِهَٺي نِهَٺي نيڻن واري
منهنجي ڪَوِتا جي ڪَنٺي تي
تون ئي ڏيئَڙو، تون ئي ڏياري
نِهَٺي نِهَٺي نيڻن واري