پورٽريٽ ٿي چِٽيم:
سوجهرو،
ڪيٽي بندر جي سمنڊ جي لَسَ منجهه
جولان سان ڀريل سج جي پرتوو جنءَ؛
رَنگَ، ڪارونجهر جي چوٽيءَ تي
راسيون ڪڍندڙ سج جي ڪرڻن جيان،
انڊلٺ جيان،
راڳ ملهار جي سرگم جيان؛
آڱريون، “اونداهي ڌرتي روشن هٿ” جي
سارنگ جي آڱرين مثل؛
مُوقلم (بُرشُ)، مومل جي چنبيليءَ ڳُتيل چَڳن جيان،
پَٽَ پَٽيهَرَ جي تاندورن وانگيان؛
ڪَئنوَسُ، اُساٽيل روجهه جيان، چاتِرَڪ جيان، تاڙي جيان؛
پر لمحا، هڪ ٻئي کي ترارون هڻڻ ۾ مگن!
ٻالاپڻ ۾ ۽ ان کان ٿورو پوءِ،
تخيل، ڀونرن جنءَ اڏامندو ڪاڪ محل جي اڳنڌن مان
چندن، اگرَ، گُگُر ۽ لوبان سان پاڻ واسي ايندو هو
۽ ڀنڀورين جنءَ ان رنگ رتول کي ويتر رنگي ايندو هيو؛
ڪڏهن چڪورن کان به اڳڀرو ٿِي
چنڊ جي نرڙ تان سرڪندڙ چانڊاڻ سان کيچلون ڪندو هيو،
ڪڏهن تارڙن جي پوئتان ساهه کڻندڙ
ڪهڪشائن جي ڇاتين مٿان پيو ڦرندو هيو؛
اَکُٽ رنگ ڇٽيندو هيو،
اَکُٽ تصويرون جوڙيندو هيو:
ڪاڪ محل جي گلڙن کي ڪينجهر جي هندورن سان،
ڀنڀورين جي رنگن کي ڪهڪشائن جي رنگن سان،
شيڪسپيئر کي ڀٽائيءَ سان،
ڪلوپَئٽرا کي شڪنتلا سان،
مونالِيزا کي مارئيءَ سان...
پر ڪن جي انفراديت ڪل ۾ گم ٿي ٿي وئي،
ڪن جي چهرن مان نوان رنگ ٿي ڦُٽِي نڪتا،
ڪن مان نوان ڪردار ٿي پيدا ٿيا!
ڪولاجَ ٽيڪنيڪ جي پَرُوڙَ نه هوندي به
ڪيڏيون ئي ڪولاجيل تصويرون جوڙيون هيون!
پر مون هيل تصويرون نٿي جوڙيون؛
پورٽريٽ ٿي چِٽيم!
رنگ الڳ الڳ دٻليءَ ۾ ڀُڻڪِي رهيا هئا:
ڪن اَرنسٽ ٽرمپ وانگي سنڌيءَ جي وَيا ٿي ڪئي،
ته ڪن پراڪرت، پالي، سنسڪرت جون ٻاڻيون ٿي ٻوليون!
ڪن بيٽووِن جا سُرَ ٿي وکيريا، ڪن ويگنَر جا!
ڪي موزارٽ جي سِنفِنِيُن ۾، ڪي آرفِيئَس جي لائر ۾ گُم!
ڪن ڏي ڪِينَرا ٿي ٻُريا، ڪن ڏي دنبورا!
ڪن جي زبان تي ڏُٿُ جو ڏاڻُو هو؛ ته ڪن ڏي چندن!
ڪن بودليئر جو شراب ٿي پيتو؛ ڪن بائرَن جو!
ڪن رابَرٽ برائُونِنگ جنءَ سِٽن ۽ تخيل جو لُڙُ ٿي جوڙيو؛
ڪن سِسيرو ٿِي تقريرون ڪيون؛ ڪن اينٿونِي وانگي!
ڪي پُشڪِن جي شعر ۾، ڪي تُلسيءَ جي ڪَوِتا ۾ مگن!
ڪن جي لبن تي ايفروڊائٽِي ناچ ٿي ڪيو!
ڪن جي زبان تي اِشتار ديوي بسنت جو جهنڊو ٿي کوڙيو!
ڪن اووِڊ ، وَرجِل ، دانتي کي ‘ٽَڪِيلا’ ٿي ڏني!
ڪن سموري فرش تي ووڊڪا ڦهلائي ڇڏي!
جن بيلزاڪ جي ڪهاڻي “اَن نون ماسٽرپِيس” ٿي پڙهي،
تن کي ٻُڌندي مون بُرشُ کڻي، هر دٻليءَ مان ٻوڙي ٻوڙي،
ڪئنوس تي رنگن کي وکيرڻ شروع ڪيو...
هٿ ۾ قلم هجڻ سان ڪو ڪهاڻيڪار يا شاعر نٿو ٿي!
ڪهاڻيڪار ته “فاريسٽ گَمپ” فلم جو
مُک ڪردار به هئو، جنهن آمريڪا جي گهٽين تي
پنهنجي پيرن سان ڪهاڻيون لکيون!
شاعر ته ڪُٻڙو عاشق به هو،
جيڪو پنهنجي ڪُٻَ سان
زمان ۽ مڪان جي بي ترتيبي ترتيب تي
ڏوهِيڙا چوندو هئو!
وارَ، هومَر جي اوڊيسِي نظم اندر
ڀانت ڀانت جي قصن وانگي ننڍا، وڏا، هيٺ، مٿي؛
منهنجي هن نظم جي جَڙاءَ وانگي ڏِنگ وِنگڙا، ڏِنگا کڙا؛
موهن جي ڀَنَ جيان ميرانجها، ٿڪل، جهُور!
نِراڙُ، مائونٽُ اولَمپس جي اُڀار وانگي:
پنهنجي جاءِ تي ٽِڪي بيٺل، ٻَلَ وارو؛
ڏکن، اهنجن، اڌمن، اندوهن، پيڙائن ۽ جاڙُن جو داستان!
ڀرون، سڪندر جي ترار وانگي ريٽا، رت ڦڙا ڳڙندڙ،
ماضيءِ جا وزن کڻي جهڪندڙ!
اکيون، ڄڻ ته ڪوهيڙي ۾ ٻه ٻرندڙ ڏيئا؛
ماضي وگهرندڙ، ٽمندڙ: ٽِپ ٽِپ ٽِپ ٽِپ!
مون وري بُرشَ کي دٻلين مان ٻوڙڻ شروع ڪيو...
لُووران ميوزيم ۾ رڳو مونا لِيزا ته ناهي!
مارئيءَ جو نظر نه اچڻ، نظرن جو ڌوڪو آهي!
ڏُٿُ، ترائيون، تليون، ڏَهَرَ، ولهارَ،
سانبِيڙَن جي سار، وريتيُن جا ڀاڳ، پنهوارن جي پريت،
بودليئر جي اک کي شايد ئي ڇهي سگهيا هجن،
پر اهو جَٽاءُ جيڪو هن جي ڪويتائن ۾ آهي،
سو ئي مارئيءَ جي ملير ۾ آهي،
ملير ۾ ڦُٽندڙ پِپُن، ڪوڍيرن، گولاڙن ۾ آهي!
اها موسيقي جيڪا هن جي روح ۾ آهي،
سا ئي پورب جي چپن تي پڙلاءَ ٿي ڪري سانوڻ جي مندن ۾ کائڙَ جي جهوليءَ ۾ ڪِرڻ ۽ ڪِرڻ کان پهرين!
ها! ائين به ناهي ته مارئي رڳو لُووران ۾ آهي!
نَڪُ، پِيسا جي ٽاوَرَ جيان آڏو ٽيڏو؛
پر اوڏو ئي جهونو، جَٽاءُ دار، رمز ڀريل!
مُڇُون، ڄڻ ته اِسپارٽا جوڪانسٽِيٽيوشن
۽ اهڙو ڪانسٽيٽيوشن جيڪو ٻن بادشاهن جي اجازت ڏئي؛
خبر نه پئي ته ڪير ڪنهن کان ارڏو!
چپڙا، ڪنهن ڏيساندَرَ جي اُجهاڳ ڪري
اساٽ ۾ سُڪل، ٺوٺ پر ڪٿي ڪٿي ڦُڪُرا؛
رَت ۽ جوڀن کان ڏوران ڏور!
وانگوگُ جيئن ئي در کڙڪايو،
در تي پِيلاڻ ڦهلجي وئي!
چيائين ته پِيلو ڇو نه ٿو رنگين!
مون کيس هُن جا ڀِرُون ڏيکاريا، چپ ڏيکاريا ۽ آخر اکڙيون!
ور چيائين “هيءُ ته ڀڀوت آهي! دز ۽ کِيههَ ته ڦِڪي ڪر...”
وراڻيم “مون کي مٽيءَ جو رنگ کپي! زوري نه ڪندس!”
چيائين “ڀلا وارن لئه ڦڪو نه ته اڇو؟ اڇو ته ست رنگي آ!”
وراڻيم “بي رنگي ئي ست رنگي آ!”
بَڙ بَڙ ڪندو کِسڪي ويو!
مُرڪي، مون وري بُرشَ ۾ هٿ وڌو!
پيٿاگورَس ڪو ڏهون ڦيرو هنيو هئو!
آخر بيزار ٿي چيومانس: “اي عددن جا پڄاري! تنهنجو ڇا وڃي رنگن ۾؟ مصوريءَ ۾؟ ڪجھ به ٿئي، مان بغير ماپ جي پورٽريٽ چِٽيندس. ڀل ڪويتائن جيان تصويرون به عددن تي ڀاڙينديون هجن، پر اُهو ڪَوي ۽ چترڪار ئي ڪهڙو، جيڪو عددن تي ڀاڙي!؟ عدد ته ڪَوين ۽ چترڪارن تي ڀاڙيندا آهن، تن کان سکندا آهن! هاڻي جي موٽئين ته ڊايونيزين ٿِيئَٽر ۾ ڊِيماسٿِنِيز سان اوريٽريءَ جو مقابلو ڪرائيندوسئين!”
پيٿاگورس ائين اَلُوپُ ٿي ويو،
جيئن فارسين وٽ عنقا ۽ مصرين وٽ فِينِڪس!
باقي سڀ وزن ۾ هئو، سڀاءَ وارو هئو؛
پر چهري جي خالن ۾ ڏهنج ڀريل هئا؛
نراڙ تي پيل گهنجن ۾، جن مان پِيڙا ٿي بکي،
مرڪ جو نالو نشان به نه هئو؛
هجي به ڪيئن؟
پر ايڏي پِيڙا، ايڏو اهنج!؟
مون کهري ڪينوَسَ ۾
پورٽريٽ جي خالن کي ڀرڻ شروع ڪيو...
ڪَينوَس رنگ چهندو ويو، مان رنگ اوتيندو ويس،
رنگ هاريندو ويس، بُرشُ تاريندو ويس...
نيٺ هڪ وقت آيو: بُرشُ ٿڪجي ساڻو ٿي پيو!
رنگَن جون دٻليون هيڻيون ٿي ويون!
آئون راڻي جي جهانوري گونري وانگي ڪينوَسَ آڏو آيس،
ويجهو وڃي غور سان ڏٺومانس،
ڇهيو مانس اهو ڏسڻ لئه ته اڃا به ته کهرو ناهي،
ته ايتري ۾ آئيني اچي ڌڙام سان پٽ تي ڦهڪو ڪيو...
هر شيءِ چور چور: ڪو ذرو هِتي، ڪو هُتي!
ٻيو ڏينهن اُسريو:
ڪيٽي بندر جي سمنڊ تان
هڪ وڻجاري پنهنجي ٻيڙي جي سُکاڻ کي ٿي ڇڪيو
لَسَ ڏانهن، اونهي کاري ڏانهن...
سڙهه ٿي ڦَڙڪيا، بانئٽيون ٿي وَڙڪيون!
وڻجاري جي ڊگهن وارن ۾
وائن جي ونگَن سان زندگي ٿي جهُولِي،
نرڙ تي آسانگا، اُميدون، آڌار، ڀروسا،
ڳلن مان سک ٿي بکيو، چپڙن تي ترندڙ گيت،
اکين ۾ امنگون، چهرو سمورو ڪلياڻ!
ٻيڙي جي پِنجَرَ ۾ هڪ پانجِريءَ سان ويٺي
مون پنهنجي آتم مان هڪ بُرشُ ڪڍيو...
پورٽريٽ تي چِٽيم...