دودو سومرو يا دودا سومرا
تنهنجو ڪالهوڪو خط، تنهنجن روايتي خطن کان مختلف هيو. خط پڙهي، مان ڪجهه دير تائين تنهنجي باري ۾ سوچيندو رهيس. توکي ياد ڪندو رهيس. تو پنهنجي خط ۾ هميشه وانگر منهنجي صحت لاءِ ڪابه پريشاني ظاهر نه ڪئي آهي، تو اهو به نه لکيو آهي، ته مان اڌ اڌ رات تائين ويران ۽ خاموش رستن تي رلڻ ڇڏي ڏيان. تو اهو به نه لکيو آهي، ته مان زندگيءَ جي سفر ۾ هينئر ٿانئيڪو ٿي ويهان ۽ پڙاڏن پٺيان هلڻ ڇڏي ڏيان. تو اهو به نه لکيو آهي، ته مان ماضيءَ جي کنڊرن مان يادن جا تابوت ڪڍڻ ڇڏي ڏيان! تو هن دفعي پنهنجي خط ۾ ڪابه روايتي ڳالهه نه لکي آهي.
تنهنجي خط جو هڪ جملو منهنجي هنيانءَ ۾ کپي ويو آهي. تو لکيو آهي، ته مون هن دفعي شاهه عنايت شهيد ۽ دودي لاءِ ڇو ڪجهه به نه لکيو آهي. تو پڇيو آهي، ته ڪٿي مون پنهنجي آڏو ڍال اڀي ڪري ته نه ڇڏي آهي؟
نه، منهنجي ماءُ، مون ڪنهن به ڍال جي پناهه نه ورتي آهي. ورهيه ٿيا، هڪ دفعي تو مون کي لطيف سائينءَ جي هڪ بيت جون ٻه سٽون ٻڌايون هيون ته:
”سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،
هـــڻ ڀــالا، وڙهــه ڀـاڪـريـن، آڏي ڍال مَ ڍار.“
مون ڍال اڇلائي ڇڏي آهي. مون وٽ ڪابه پناهه ڪانهي. تو مون کي مئي مٿي مهراڻ ۾ ٽپي پوڻ جو سبق ڏنو هو. اهو سبق مون کي ياد آهي.
مون شاهه عنايت شهيد جي باري ۾ تفصيل سان مضمون لکڻ جو ارادو ڪيو هو. مضمون لاءِ مواد گڏ ڪندي، مان هڪ هنڌ اٽڪي بيهي رهيس. اتان اڳتي وڌي نه سگهيس. منهنجو ڌيان شاهه عنايت شهيد جي شهادت کان هٽي ويو.
مواد پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. مان سوچي رهيو آهيان ته شاهه عنايت، شهيد ٿي چڪو آهي، يا شهادت جي راهه ۾ اڄ تائين حق جي جنگ جوٽي رهيو آهي!
شاهه عنايت جنهن غريب، مفلس ۽ ڏتڙيل پورهيت طبقي لاءِ جنگ جوٽي هئي، اهو طبقو شاهه عنايت جي شهادت کان 264 سال پوءِ يعني اڄ تائين سنڌ ۾ موجود آهي. اَڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا!
شاهه عنايت جي شهادت ۾ بلڙيءَ جي سيد عبدالواسع، نور محمد پليجي ۽ حمل جت زميندار جو هٿ هو. شاهه عنايت کي شهيد ڪرڻ کان پوءِ به، اڄ تائين عبدالواسع، نور محمد ۽ حمل جت جيئرا آهن ۽ اهي ئي ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪي اڄ کان 264 سال اڳ ڪندا هئا. اڄوڪي دؤر ۾ فقط سندن نالا بدلجي ويا آهن.
جڏهن سنڌ جو ڏتڙيل عوام جيئرو آهي، جڏهن عبدالواسع، نور محمد ۽ حمل جت جيئرا آهن، تڏهن شاهه عنايت ڪيئن مري سگهي ٿو! تنهن ڪري منهنجي امڙ، مان شاهه عنايت جي شهادت تي مضمون لکي نه سگهيس.
باقي رهيو دودو شهيد. سوچيو هيم، هن سال روپا ماڙي ويندس ۽ دودي جي عرس جو اکين ڏٺو احوال لکندس. پر مان ائين ڪري نه سگهيس. پر پوءِ هڪڙي ڏينهن دودو مون کي هيڪلائين ۾ مليو. ٻڌايائين ته کيس روپا ماڙي مان تڙي ڪڍيو ويو آهي. اتي ”سومرا شهيد دودا“ نالي ڪنهن شخص جو بورڊ سندس تربت تي لڳايو ويو آهي. جيجل منهنجي ماءُ، مان جلاوطن دودي شهيد تي مضمون لکندس. پر ان لاءِ مون کي ڪجهه گهڙين جي مهلت گهرجي. دودي جي عرس جون تصويرون جيڪي اخبارن ۾ شايع ٿيون آهن، انهن ۾ دودي جو بورڊ ڏسي سراپجي ويو آهيان. مان ”شهيد دودو سومرو“ جو بورڊ ڳولي رهيو آهيان.
في الحال موڪلايان ٿا، منهنجي ماءُ.
تنهنجو اڻاگو پٽ.