گم ٿي ويل امانت
پٽ، ڳنڍ وٺندي ماءُ کان پڇيو، ”امان، هن ڳنڍ ۾ ڇاهي؟“
ماءُ وراڻيو، ”هن ۾ اسان جي زندگين جي املهه امانت ويڙهيل آهي.“
پٽ حيران ٿيو. ماءُ کان پڇيائين. ”هن ۾ اسان جي زندگين جي املهه امانت آهي، ته پوءِ اها امانت پورائين ڇو ٿي؟“
ماءُ وراڻيو، ”في الحال ان امانت جو قدر ڪونهي. تون وڃي پوري اچينس. جڏهن به قدر ٿيس، ته کوٽي ڪڍي اچجانءِ.“
پٽ گهوڙي تي لانگ ورائي. ماڻس چيس، ”ڳنڍ کولي ڏسندين، ته ياد رک، امانت زيان ٿي ويندي.“
پٽ روانو ٿيو شهر مان نڪري، جهرجهنگ جهاڳندو، رڻ پٽ لتاڙيندو، جبلن جي قطار وٽ وڃي پهتو. ترائي وٽ وڏي کڏ کوٽي، ان ۾ ڳنڍ پوري، هن يادگيريءَ خاطر کڏ مٿان هڪ قبر ٺاهي ڇڏي. پوءِ خيال آيس، ته متان ڪو ٺڳ ڀينگ ۾ قبر ڏسي، خزاني جي لالچ ۾ قبر کوٽي ڳنڍ ڪڍي وڃي، تنهن ڪري هن پسگردائيءَ ۾ اٺ ــ ڏهه ٻيون به قبرون ٺاهي ڇڏيون. جنهن قبر ۾ امانت واري ڳنڍ پوري هئائين، ان تي منڌيئڙي جو نشان هڻي، هو اتان روانو ٿي ويو.
موٽي اچي سربستو احوال ڏيڻ کان پوءِ ماءُ کي چيائين، ”هاڻي ٻڌاءِ ته ان ڳنڍ ۾ ڪهڙي امانت هئي؟“
”في الحال ضد نه ڪر، منهنجا پٽ.“ ماءُ کيس سمجهائيندي چيو، ”ان امانت جو اڄڪلهه ڪو قدر ڪونهي.“
پٽ کي هورا کورا رهندي آئي. ورائي ورائي ماءُ کان پڇندو رهيو. ماءُ کيس ٽاريندي رهي نيٺ هڪڙي ڏينهن ڳنڍ جي اسرار لاءِ هو جبلن جي قطار ڏانهن روانو ٿيو.
جهرجهنگ جهاڳيندو، بيابان لتاڙيندو، هو جبلن جي قطار وٽ وڃي پهتو. جان جو نگاهه کڻي ترائيءَ ڏانهن ڏسي، ته تپرس ۾ پئجي ويو! جتي پاڻ اٺ ــ ڏهه قبرون ٺاهي ويو هو، اتي سوين قبرون ٺهيون پيون هيون. گهڙي کن لاءِ هو مايوس ٿيو، پر، پوءِ ياد آيس، ته جنهن قبر ۾ ڳنڍ پوري هئائين، ان تي سڃاڻپ لاءِ منڌيئڙي جو نشان هڻي ڇڏيو هئائين. هو گهوڙي تان لهي پيو. قبرن کي ويجهو پهتو، ته سراپجي ويو. سمورين قبرن تي منڌيئڙي جو نشان لڳل هو!
هو مايوس ٿي ماءُ ڏانهن موٽي ويو، ماءُ کي چيائين، ”جنهن قبر ۾ مان املهه امانت واري هڙ پوري آيو هوس، ان کي ڳولڻ ناممڪن ٿي پيو آهي. ان جهڙيون هزارين ٻيون قبرون پسگردائيءَ ۾ ٺهي ويون آهن ۽ سڀني تي منڌيئڙيءَ جو نشان لڳل آهي.“
ماءُ منهن مٿو پٽڻ لڳي.
پٽ پڇيس، ”گهٽ ۾ گهٽ هينئر ٻڌاءِ ته ان هڙ ۾ ڪهڙي املهه امانت ٻڌل هئي، جنهن کي ڌرتيءَ ۾ پورائي، غائب ڪرائي ڇڏيو اٿئي؟“
”ان هڙ ۾ سچ ويڙهيل هيو، منهنجا پٽ.“ ماءُ روئيندي چيو، ”تون هميشه لاءِ سچ کان محروم ٿي ويو آهين.“