زمان حال جو عيني گواهه
اڄوڪي ٽپال ۾ تنهنجو خط مليو آهي. دنيا جي ڪنهن به ماءُ پنهنجي پٽ کي اهڙي نموني نه ڄاتو ۽ نه سڃاتو هوندو، جهڙي نموني تو مون کي ڄاتو ۽ سڃاتو آهي. منهنجي زندگيءَ جو ڪو راز تو کان پوشيده نه آهي. منهنجي ڪا آرزو، ڪا تمنا تو کان مخفي نه آهي. دنيا جي ڪنهن به پٽ پنهنجي پهرين ۽ آخري محبت جو اهڙي نموني ماءُ سان ذڪر نه ڪيو هوندو، جهڙي نموني مون توسان ڪيو آهي. ۽ دنيا جي ڪنهن به ماءُ پنهنجي پٽ ۽ سندس پهرين ۽ آخري محبت لاءِ اهڙي نموني دعائون نه ڪيون هونديون، جهڙي نموني تو منهنجي لاءِ ۽ سنڌوءَ لاءِ دعائون ڪيون آهن.
گذريل هفتي سنڌو اسلام آباد آئي هئي هميشه وانگر اوچتو آئي هئي ۽ بنا اطلاع جي آئي هئي. اهو سمورو ڏينهن مان اسٽوڊيوز جي حوالي هوس، جتي يونيورسٽيءَ جي هڪ تعليمي پروگرام جي رڪارڊنگ ڪرائي رهيو هوس. سنڌو ڪلاڪ کن چيني وٽ ويهي هلي ويئي هئي. سمورو ڪلاڪ چيني کان منهنجي باري ۾ پڇندي رهي هئي ــ ته مان ڪيئن آهيان. آڏين پڇائن سبب پريشان ته نه آهيان؟ اڄ ڪلهه ڇا لکي رهيو آهيان ۽ اڄ ڪلهه ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب پڙهي رهيو آهيان؟
سنڌو دنيا جي واحد هستي آهي، جيڪا منهنجي لکڻ واري ڪمري جي اڪيلائين ۾ هلي ايندي آهي، ۽ منتشر تحريرن وارا پکڙيل ڪاغذ پڙهي ويندي آهي. ورنه، منهنجي ڪابه تحرير، شايع ٿيڻ کان اڳ سنڌوءَ کان سواءِ ڪنهن به پڙهي نه ڏٺي آهي. سنڌو منهنجي لکڻ واري ڪمري ۾ ويئي هئي. منهنجي پيڊ تي لکي ويئي هئي شاهه سائين جي هڪ بيت جي سٽ:
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان.
ان رات مان دير سان گهر موٽيو هوس. ٿڪل هوس.کٽ تي ليٽي پيس. چينو منهنجي پاسي ۾ اچي ويٺو. ڪيتري دير تائين سنڌوءَ جون ڳالهيون ڪندو رهيو. پوءِ هن ڏاڍي عجيب ڳالهه ڪئي. چيائين، ”جڏهن به سنڌو اسان جي گهران ٿي ويندي آهي، تڏهن ڪيترن ڏينهن تائين مون کي گهر ۾ هر طرف روشني نظر ايندي رهندي آهي.“
مان اٿي ويهي رهيس.
امڙ، لڳيم ٿو اسان جو چينو تاريخ ۾ ڪنهن نئين باب جو اضافو ڪندو. هو زمان حال جو عيني گواهه آهي. وقت جو امين آهي. سندس سوچ اسان جي محدود معاشرتي سرشتي جي گرفت کان تمام مٿانهين، ۽ آزاد آهي. هن شاهه سائينءَ جي سٽ متعلق ڳالهائيندي چيو، ”ڌڪ فقط منهن ۾ نه لڳندا آهن. اڄڪلهه پٺيان، پٺيءَ تي به وار ٿيندا آهن. اهڙن وارن جا ڌڪ ڪير ته سيڪيندو! پٺ ۾ اهڙا ڌڪ سيڪيندي ڪوبه لڄ نه مرندو.“
مون چيني کي ڳراٽڙيءَ ۾ ڀري ڏاڍو پيار ڪيو.
امڙ، ميلي جي موقعي ته سچل سائينءَ متعلق مضمون نه لکڻ جو تو مُون کان سبب پڇيو آهي. تون ته ڄاڻين ٿي، منهنجي ماءُ، ته سچل سائينءَ متعلق جيڪي ڪجهه مان لکندس، سو جيئن جو تيئن هرگز شايع ٿي نه سگهندو. ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين، سموري سنڌو ماٿريءَ ۾ مان سچل سرمست کي تصوف جو شهنشاهه تصور ڪندو آهيان. سندس فلسفي جو سمورو اسرار مون کي سچل سائين جي ٻن بيتن جي ٻن آخري شعرن ۾ مخفي نظر آيو آهي. پهرين بيت جي آخري سٽ آهي:
سچو آهي سبحان ماڻهن ليکي آدمي،
۽ ٻي بيت جي آخري سٽ آهي:
اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.
سچل سائين تمام جديد شاعر آهي. هو اڃان به پنهنجي وقت کان گهڻو اڳتي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سچل متعلق دل کولي لکڻ مهل هيءُ معاشرو تمام تنگ دل، تنگ نظر ۽ بيحد دقيانوسي محسوس ٿيندو آهي. بهرحال منهنجي ماءُ، مان سچل سائين متعلق ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪري ڏسندس.
في الحال موڪلايون ٿا.
تنهنجو پٽ.