ليکڪ جو تعارف : غلام فريد پيراهين
ادبي نالو: غلام شبير پيراهين
والد صاحب جو نالو: مرحوم ڌڻي بخش پيراهين
پيدائش: 20 محرم 1394هه مطابق 13 فيبروري 1974ع
پيدائش جو هنڌ: ڳوٺ اختيارو سير (مڇالي مسو واهه) تعلقو ميرپور ماٿيلو. ضلعو (سکر) موجوده ضلعو گهوٽڪي
تعليم: پرائمري 1984ع، مئٽرڪ 1989ع، انٽرسائنس 1991ع، بيچلر آف سائنس 1994ع، ماسٽر آف آرٽ (سنڌي) 1997ع، بيچلر آف ايجوڪيشن 1998ع.
وابستگي:ضلع رابطه سيڪريٽري: ريڊيو لسنر معلوماتي انجمن سنڌ ضلعو گهوٽڪي
ميمبر: ريڊيو پبليڪيشن. (ايڊيٽوريل بورڊ)
آڊيٽر: وڄڻوٽ ادبي ثقافتي سوسائٽي
شادي: سال 1992ع ۾ شادي ڪئي، کيس (7) پٽ: غلام فريد، غلام وحيد، غلام نويد، غلام سعيد، غلام رشيد، ياسر عرفات ۽ فرحان شبير ۽ نياڻي (بينظير) اولاد ۾ شامل آهن.
[b]مڃتا ايوارڊ:
[/b]1. مهرڻ معلوماتي انجمن سنڌ طرفان سال 1995ع ۾ (اعزازي سرٽيفڪيٽ)
2. ڀٽائي معلوماتي انجمن ٺٽو پاران 1995ع ۾ (اعزازي سرٽيفڪيٽ)
3. ريڊيو پبليڪيسن (ڦلجي اسٽيشن) پاران 1997ع ۾ (اعزازي سرٽيفڪيٽ)
4. ريڊيو پاڪستان خيرپور جي پروگرام “نئون سج” پاران 1998ع ۾ (اعزازي سرٽيفڪيٽ)
5. “بيدار” سماجي فورم سنڌ پاران سال 2016ع جو (بهترين ليکڪ) جو ايوارڊ (شيلڊ)
[b]ڇپيل ڪتاب:
[/b]1. “شاهه لطيف تاريخ جي آئيني ۾”: سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران 2008ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو.
2. “شاهه عبداللطيف ڀٽائي شخصيتون ۽ درسگاهون”: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ پاران 2015ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
[b]ڇپيل مضمون/مقالا:
[/b]1. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي (مضمون) 1997ع
2. حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو (مضمون) 1997ع
3. حضرت سچل سرمست (مضمون) 1997ع
4. حضرت قلندر لعل شهباز (مضمون) 1997ع
5. “شاهه جا سُر” سال: 1997ع، ادبي صفحي “ٻاررن جي بختور” ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا.
6. مقالو: ڀٽائي سائين جي پير موسيٰ شاهه سان “لوءِ صاحبان” ۾ رهاڻ. سال 2015ع
7. مضمون “جو کيڙي سوکائي”: صوفين جو سرتاج: صوفي شاهه عنايت شهيد سال 2015ع
8. مضمون: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سيد موسيٰ شاهه (موسن شاهه) سان (لوءِ صاحبان) گهوٽڪي ۾ رهاڻ: سال 2015ع
9. شاهه سائين جو ترائي تان ڀيرو ۽ اوتارو: سال 2015ع
[b]نوڪري:
[/b] 5 آگسٽ 2002ع ۾ (ميرٽ) تي ڊسٽرڪٽ پوليس ۾ (ڪانسٽيبل) طور ڀرتي ٿيو جو مختلف ڪورس ڪرڻ بعد ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ ۽ ادبي ڪم ۾ هميشه اڳڀرو رهيو آهي. گهر ۾ موجود ”ڀٽائي لائبريري“ ۾ جڏهن به ڪجهه ٽائيم ملندو آهي ته سدائين ڪتابن کي پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ مشغول نذر ايندو آهي. دُعا آهي. رب سائين کيس وڏي ڄمار عطا ڪري جو سندس ”قلم“ مان اسان سنڌ واسين لاءِ بهترين ڪتاب لکندو رهي.
نيڪ دعائن سان
[b] غلام فريد پيراهين
[/b]