سنڌي ٻولي جو پهريون شاعر ”قاضي قاضن“ (870 هه _ 958 هه)
قاضي قاضن ڪافي هنڌن تي وڃي علم حاصل ڪيو. سندس قرآن پاڪ پورو ياد هو. علم حديث ۽ علم تفسير ۾ وڏو دخل هو. شروعاتي تعليم پنهنجي والد صاحب کان بکر ۽ سيوهڻ مان حاصل ڪئي. سيوهڻ شهر ۾ والد صاحب جو مدرسو پڻ هو.
فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ پاڻ درس و تدريس جو سلسلو شروع ڪيو. ڪيترن ئي شاگردن کائنس علمي فيض پرايو. سندس شاگردن مان ڪيترائي ناليوارا عالم ٿيا. جن سندس نالي کي قائم رکيو. پاڻ نه صرف پنهنجي وقت جو جيد عالم هو. پر علماءِ ڪرام جي ضف جو سر موڙ هو.
هيرو ٺڪر راءِ ڏيندي لکي ٿو. ته ” سندس سوچ، محاوري، محاڪات ۽ عبارت کان کائنس پوءِ وارا ڪيترا ئي شاعر متاثر رهيا. جن ۾ شاهه ڪريم ۽ شهنشاهه لطيف جهڙا عظيم شاعر به متاثر رهيا. قاضي قادن جو ڪلام ” تصوف جي اصولن، اُن جي باريڪ نقطن، رمزن ۽ رازن سان ڀريل آهي. روحاني راهه تي هلندڙن لاءِ هن جو ڪلام مشعل راهه سمان آهي.“ هيرو ٺڪر وڌيڪ راءِ ڏيندي لکي ٿو. ته
” قاضي قادن جي شروع ڪيل موضوعن تي شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف سڄا سُر لکيا.“ ۽ دادو ديال جي ڪلام تي قاضي قادن جو وڏو اثر آهي“.
تاريخ معصومي ۾ آهي ته: ”قاضي زهد ۽ پرهيزگاري سان سينگاريل هو. ۽ ”وحدت والوجود“ جو قائل هو. هن همئه اوست جو پرچار ڪيو آهي.
ڪريم بخش خالد راءِ ڏيندي لکي ٿو ته ” مُرشد لاءِ جوڳي جولفظ سڀ کان پهرين قاضي قادن استعمال ڪيو. ۽ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته ” دنيا جي علم ۽ معلومات کي واڳو سان مشابهت ڏيڻ سندس خيال جي نزاڪت ظاهر ڪري ٿو.“ اهل سنڌ تسليم ڪن ٿا. ته قاضي قاضن وڏي پايي پايي جو شاعر هو. ظاهري ۽ باطني علمن سان مالا مال هو. طريقت، معرفت ۽ حقيقت جو مسافر هو.
اسان جو عظيم شاعر شهنشاهه لطيف به قاضي قاضن جي رنگ ۾ رڱيل آهي هن قاضي قاضن جا محاورا ۽ چوڻيون ڪثرت سان علي اعلان استعمال ڪيا آهن
قاضي قاضن ظاهر ۽ باطني علمن جي مطالعي بعد فرمائي ٿو ته
مُون مطالعي سپرين، لوڪان نحو صرف،
سوئي پڙهيو، سو پڙهان، سوئي سو حرف.
وصل جا ورق پڙهندي قاضي قاضن جي تصور کي شهنشاهه لطيف هن طرح بيان ڪيو آهي.
ڪيو مطالعو مون، هو جو ورق وصال جو،
تنهن ۾ تون هي تون، ٻي لات نه لحظي جيتري
قاضي صاحب کي جڏهن ظاهري استادن ٻڌايو ته ” محشر جي ڏينهن ستر سج تپندا. گرمي جي شدت وڌي ويندي. ته چيائين ته جي اُن ڏينهن به پرين ملن ته آئون سمجهندس ته اهو سڀ ڪجهه جهڙ لڳو پيو آهي.“
هڪ ڏينهن هڪ ملامتي بزرگ مسجد ۾ آيو. ۽ قبلي طرف مُنهن ڪري سُمهي پيو. قاضي قاضن اُن مسجد ۾ نماز پڙهندو هو. جيئن ئي ڏٺائين ته دُرو کڻي هڻڻ جو سوچيائين ته ڇا ڏسي ته پيرن جي جاءِ تي بزرگ جو مٿو رکيو پيو آهي. ۽ مٿي جي جاءِ تي پير ڏاڍو حيران ٿيو. اُن بزرگ قاضي جي طرف نگاهه ڪئي. ۽ چيائنيس ته” پير جيڏانهن وڻيئي تيڏانهن ڪر ، پر دل پنهنجي خاوند ڏانهن رک.“ اُن بعد درو هيٺ رکيائين ۽ خُدا جي طالبن مان ٿيو.
جوڳي جا ڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾،
تِهان پوءِ ٿئوس، سندي پريان پيچري
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ تاريخ فرشته جي حوالن منجهان ظاهر آهي. ته قاضي قادن: شاهه حسن ارغون جي دور (927 هجري کان 947 هجري) يعني 1521ع کان 1540ع تائين (20) ويهارو سال ”قاضي القضاته “ جي عهدي تي فائز رهيو.
جڏهن ته صحيح نموني تاريخ تي نظر وجهڻ کان پوءِ انهي حقيقت تي پهتاسي ته قاضي قاضن 928 هجري کان 932 هجري تائين، يعني چار سال (شاهه حسن ارغون) جي دور ۾ بکر جو ” قاضي القضاءَ“ عهدي تي فائز رهيو.
قاضي قاضن زندگي جا يارهن سال مديني پاڪ جي سرزمين ۾ گذاريا. ۽ 958 هجري مطابق 1551ع ۾ مديني پاڪ ۾ ئي رحلت فرمائي. سندس آخري آرام گاهه مديني پاڪ ۾ آهي. قاضي قاضن کي چئن پٽن: محمد يعقوب، عبدالغفار، محمد شفيع ۽ محمد صلاح ۽ هڪ نياڻي ( بي بي فاطمه) اولاد هئي. جيڪا رابعه جي لقب سان مشهور هئي. حج تان واپس ورڻ کان پوءِ کيس ”بيبي حاجياڻي“ ڪري ياد ڪندا هئا.
”قاضي قاضن جاهم عصر بزرگ ۽ شاعر“:
سيد محمد جو پنوري ( 847 هه _ 910 هه ) مخدوم بلاول ( 856 هه _ 929 هه) سيد علي ثاني (وفات 971 هه) قاضي ڏتو سيوهاڻي (وفات 970 هه). شيخ معروف ۽ شيخ عثمان، سيد حيدر سنائي (وفات 936 هه) شيخ قاسم سنڌي. شيخ ابراهيم بن عمر سنڌي، شيخ عبدالله متقي، سيد صفائي (وفات _ 991 هه) مخدوم لطف الله عرف مخدوم نوح (911 هه _ 998 هه) شاهه ڪريم بُلڙي وارو ( 944 هه _ 1030هه) دادو ديال ( 1544ع _ 1603ع) مير محمد معصوم بکري (944 هه _ 1014 هه) مطابق قابل قدر، لائق، عالم بزرگ ۽ هم عصر شاعر هئا.
قاضي قاضن: سمن ۽ ارغوتن جو دور ڏٺو، سندس شاعري جي ضف ”بيت“ ”دوهاڇند“ آهي. سندس ڪلام تي ” تصوف“ جو رنگ رچيل آهي. کيس سنڌي شاعري جو ” نشانبر شاعر“ به چيو وڃي ٿو. شاهه ڪريم بلڙي واري جي سوانع ” بيان العارفين“ ۾ قاضي قاضن جا پهريان ست بيت مليا. هيرو ٺڪر (112) بيت هندستان جي ”هرياڻا“ شهر مان جيڪي ” ديوناگري“ لپي ۾ لکيل هئا. هٿ ڪري ” قاضي قادن جو ڪلام“ جي نالي سان اگسٽ 1978ع هند ۾ ڪتابي صورت ۾ آڻي ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ مئي 1997ع ۾ سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد (سنڌ) مان ڇپرائي منظر عام تي آندو. قاضي صاحب جون ڪيترن ئي عالمن، بزرگن، صالحن، ولين، عاملن ۽ عارفن سان ملاقاتون ٿيون. انهن الله وارن مان: شيخ ابراهيم بن عمر، شيخ عبدالله متقي، پير آسات، شيخ عبدالله بن سعد در ٻيلوي، مولانا محمد قاسم والد عيسيٰ مسيح الاولياءَ، شيخ طاهر محدث، شيخ هدايت الله، شيخ عثمان ۽ شيخ معروف ۽ ٻين سان صحبتون رهيون ۽ قرب ڀريون ڪچهريون ڪيون.
قاضي قاضن انهن ڏينهن ۾ وڌيڪ ”سنڌي“ بيت چيا. جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور ۽ مقبول ٿي ويا. ايتري قدر جو شاهه ڪريم، دادو ديال شاه لطف الله قادري، ميين شاهه عنايت رضوي، صوفي شاهه عنايت، جهوڪ واري ۽ شهنشاهه لطيف تائين سينه به سينه پهتا.
قاضي قاضن سنڌي شعر جي تاريخ ۾ سڀ کان پهريون سنڌي شاعر آهي. جنهن سنڌي بيتن ۾ ”وحدت والوجود“ واري نظريي ۽ فڪر واري شاعري ڪئي آهي. حضرت سچل سرمست جو وجودي فڪر وارو اسلوب قاضي قاضن کي ويجهو آهي. جو پوءِ سچل سرمست نئين نموني اختيار ڪيو.
قاضي قاضن: بکر، سيوهڻ، درٻيلو، ٺٽو، پاٽ، ۽ ٽلٽي شهر ۾ مختلف علمن جي ماهر استادن وٽ ويو. جتان علم حديث، علم تفسير، علم قرات، تجويد، اصول، فقه، تصوف، ۽ علم فرائض ۾ ڪافي مهارت حاصل ڪئي ۽ قرآن پاڪ جو حافظ به ٿيو.
سال 947 هجري مطابق 1540ع ۾ گجرات جي گادي واري شهر احمد آباد ويو. جو اهو سفر همايون جي آمد سببان ٿيو. ساڳئي سال ۾ گجرات کان مديني پاڪ ڏانهن روانو ٿيو. جو خان اعظم سفر ۾ ساڻ هو.
”قاضي قاضن جي ڪلام مان ڪجهه سٽون“:_
ڀوري ڀڳهءِ جان، اَمُل اساري پيو،
سُري صرافين وان، ٻئيي اڌ هٿ ڪري.
جان جان ڪنڌي ڪانهن، تان تون ترهي تات ڪر،
ڪپر سندي دانهن، مَتان اُلهي اوچتي.
”سنڌ جي تاريخ تي هڪ نظر“
ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو. ڄام سنجز جي وفات کان پوءِ بادشاهه جي گادي تي ويٺو. تخت نشين ٿيڻ سان وڏو لشڪر وٺي بکر ۾ آيو. ۽ هڪ سال رهي ڦورن جو پاڙون پٽي ٻئي هر قسم جو ذخيرو وڏي انداز ۾ بکر ۾ رکيائين.
شاهه بيگ ارغون جي دور ۾ بکر جي علائقي جي ماڻهن بغاوت ۽ فساد شروع ڪيو. مير فاضل ڪوڪلتاش 47 ڌاريجن کي وٺي آيو. جيڪي اُن علائقي جا مکيه ۽ طاقتور زميندار هئا. شاهه بيگ ارغون کي گوش گذار ڪيو. شاهه بيگ قاضي قاضن ڏانهن نهاريو، ته قاضي قاضن چيو ته: ”هي ملڪ سيلابي آهي. هن زمين ۾ ڪنڊا گهڻا ڄمندا آهن. تنهن ڪري چنجور (واهولو) هميشه هٿ ۾ رکڻ گهرجي“ صلاح مشورو ڪرڻ بعد ڇنڊ ڇاڻ ڪري (27) ماڻهن کي قتل ڪيو ويو. جيڪي ڏوهن ۾ ملوث هئا ۽ 20 ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو. ( تاريخ معصومي ص: (130). شاهه بيگ ارغون ٻه دفعا سنڌ تي حملا ڪيا. ڄام فيروز جي چوڻ تي ٻيهر حملو ڪيو. جنهن جي مدد لاءِ ٻيهر شاهه بيگ ارغون سنڌ جو رخ ڪيو. ۽ ٺٽي شهر کي فتح ڪرڻ لاءِ قدم وڌايا.
ماڻهن مزاحمت ڪئي. ته قتل عام شروع ڪيائين. اُن دوران قاضي قاضن شاهه بيگ ڏانهن درد ڀريو خط موڪليو.جنهن ڪري شاهه بيگ قتل عام بند ڪرڻ جو حڪم ڪيو. نه فقطه قاضي قاضن جي خط لکڻ تي. هن جي گهراڻي کي به باعزت بري ڪيائين پر ظلم جي باهه بند ڪرڻ ۽ وسائڻ جو به حُڪم ڪيائين.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: قاضي قاضن جي فيصلن ۽ راين بابت راءِ ڏيندي چئي ٿو ته:
”قاضي قادن ملڪ ۾ امن امان ۽ صلح جو خواهان هُيو. ۽ انهي سلسلي ۾ پنهنجي راءِ ڪفايت ديانت داري سان ڏنائين.“
حوالا:
1. ( قاضي قادن جو ڪلام : هيرو ٺڪر . مئي 1997 : سنڌ تحقيقي پورڊ حيدرآباد سنڌ)
2. اسلامي شاهڪار انسائيه ڪلو پيڊيا: سيد قاسم محمود: ص : 1296)
3. تاريخ معصومي: مير معصوم بکري.
4. جوهر تقويم : ضياءَالدين لاهوري: اپريل 2004).