لطيفيات

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
Title Cover of book شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

مخدوم محمد معين ٺٽوي رحه (1093هه- 1161هه)

مخدوم محمد معين ٺٽوي جي ولادت مخدوم محمد امين جي گهر ۾ 1093هجري مطابق 1682ع ۾ ٿي. مخدوم محمد امين وڏو عالم ۽ ديندار هو. جنهن جي شادي ٺٽي جي مشهور شاعر مير منشي فاضل خان جي ڌيءَ سان ٿي. جنهن مان مخدوم محمد معين جو جنم ٿيو. ننڍپڻ ٺٽي ۾ ئي گذريو. مخدوم محمد معين کي ”مخدوم ٺارو دل“ به سڏيندا هئا. مخدوم محمد معين شروعاتي تعليم ٺٽي مان ئي حاصل ڪئي. مختلف علم تحصيل جا سبق حاصل ڪندي. تصوف جي تعليم ميان ابوالقاسم نقشبندي کان ورتي ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ دهلي طرف روانا ٿيا. جتي حضرت شاهه ولي الله جي صحبت نصيب ٿي. پاڻ ڪافي سال شاگرد ٿي حديث، فقه جي ڄاڻ، علميت ۽ صحبت مان فيض جا نڪتا حاصل ڪيا. ۽ ڪافي اڳتي نڪري ويا. جو بقول شاهه ولي الله جي ته:
”بيشڪ تحقيق جي ضمن ۾ تون شير تي سوار ٿي ويو آهين“
مخدوم محمد معين ابن عربي جي رسالي ”فصوص الحڪم“ کي دل جان سان پڙهندي سندس ”صوفيانه مسلڪ“ جو حامي ٿي پيو. علم ۽ فضيلت جا ڱڻ ڏسي ماڻهن ”ميون ٺارو“ جهڙي لقب سان ياد ڪندا هئا ۽ مخالف ماڻهو ڳالهيون ٻڌي فتوائون حاصل ڪري دِل ۽ من کي ٺاريندا هئا ۽ مخدوم محمد معين ”بيراڳي“ جي بدران ”ميون ٺارو“ سڏڻ شروع ڪيو.
شهنشاهه لطيف به علم ۽ ادب جا ڱڻ ڏسي سندس خدمت ۾ اچي حاضر ٿيندو هو ۽ قرب واريون ڪچهريون ڪري واپس ويندو هو. انهن قرب وارين ڪچهرين ۾ بدين جي سانول فقير ونگي جي جمال شاهه شاهه ڪريم بُلڙي واري جي زمان شاهه، ٻٽيهل جي دودي نهڙي ۽ کاري جي ابراهيم آڌيلي کي پنهنجو دلي دوست سمجهي اچي مانجهاندو ڪندو هو. شهنشاهه لطيف انهن بزرگن سان رهاڻيون رچائي. دِلي دوست مخدوم محمد معين ”مخدوم ٺاري“ جو مهمان ٿيندو هو. جو هي ٻيئي بزرگ شريعت جا صاحب، تصوف جي تارازي ۾ راتين جو راتيون ۽ ڏينهن جا ڏينهن پيا ترندا هئا. ايتري قدر جو ڪافي ڏورانهين منزلن تان دِل گهريا دوست بزرگ ڪهي اچي ٺٽي ۾ قرب واريون ڪچهريون ڪندا هئا ۽ اهڙي ريت شهنشاهه لطيف، مخدوم محمد معين ۽ لاڙ جي بزرگن جون رهاڻيون ٺٽي جو شهر جي ئي مرڪز رهيون.
مخدوم محمد معين کي شهنشاهه لطيف جي صحبت ايترو ته مائل ڪيو جو هي بيت چوڻ لڳو ۽ بيتن ۾ ”بيراڳي“ تخلص طور قطب آندو. ۽ (5) پنج ڪتاب جيڪي تصوف تي مشتمل هئا. شهنشاهه لطيف جي اثراتن هيٺ رهي لکيائين. ايتري قدر مخدوم محمد معين شهنشاهه لطيف جو”فدائي“ هو. ”جو خود شهنشاهه لطيف سان ملڻ لاءِ ”ڀٽ شاهه“ ويندو هو. ۽ شهنشاهه لطيف به ٺٽي ايندو هو“. مخدوم صاحب رسالو ”اويسي“ به شهنشاهه لطيف لاءِ لکيو هو.
مخدوم محمد معين ٺٽوي کي راڳ ۽ سماع ۾ تمام گهڻو مزو ايندو هو. ايتري قدر جو راڳ ٻڌندي ئي وفات ڪيائين. سندس وفات 1161 هجري مطابق 1748ع ۾ ٿي. وفات وقت شهنشاهه لطيف موجود هو، سندس جنازي نماز به شهنشاهه لطيف پڙهائي ۽ واپس موٽندي پاڻ فرمايائون ته: ”ٺٽي اچڻ مخدوم صاحب جي ڪري ٿيندو هو. اڄ کان اچڻ بند ٿي ويو. مخدوم صاحب جي آخري آرامگاهه مڪلي ٽڪري تي ئي حضرت ابوالقاسم نقشبندي جي پيراندي کان آهي. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو مُرشد سيد سعيد الله سورتي به مخدوم محمد معين جي مڃتائن مان هو. مخدوم صاحب ڪافي ڪتاب به لکيا. تقريباً (105) ڪٽاب ٽماهي مهراڻ آڪٽوبر نومبر ڊسمبر 2013ع صفحي 71، 72، 73 تي الفابيٽڪل فهرست ڏني ويئي آهي. جن مان ڪجهه ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
انوار الوجد من منع المجد، بياض الحديث، ثبت الاسانيد، رسالـﺒ اوسيـﺒ شرح ديوان حافظ، شرح المثنوي المعنوي، لباب الاسرار ۽ وصل الاصل في ابطال النقل وغيره آهن.
مخدوم محمد معين ٺٽوي هڪ ئي وقت ۾ علم تفسير، حديث، فقه، تصوف، فلسفه، منطق، نحو، معاني، بيان، نجوم، موسيقي، ڪيميا ۾ ڪافي مهارت رکندو هو. تقريباً تصنيفون عربي ۽ فارسي ۾ آهن.

”مددي ڪتاب“
1. لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ: پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا ص 361=.
(Ph.d ٿيسز)
2. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سوانح حيات ۽ علمي خدمتون: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري (Ph.d ٿيسز).
3. فڪر لطيف: تنظيم فڪر و نظر سنڌ سکر.
4. لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا: محمد سومار شيخ.
5. تذڪره مشاهير سنڌ (حصه اول) مولانا دين محمد وفائي.
6. ٽِماهي مهراڻ آڪٽوبر ڊسمبر 2013ع.