لطيفيات

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
Title Cover of book شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

ميان صاحبڏنو فاروقي (1101هه-1192هه)

درازا شريف جي درگاهه جو سلسلو خواجه محمد حافظ المعروف ميان صاحبڏنو کان شروع ٿئي ٿو، ميان صاحبڏنو جي ولادت سن 1101هجري مطابق 1689ع ۾ ٿي. حضرت سچل سرمست رحه پنهنجي ڏاڏي ۽ درگاهه درازا شريف جي باني ميان صاحبڏني کي پنهنجي چيل ڪلام ۾ ادب ۽ احترام سان ياد ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هن وقت درگاهه درازا شريف کي حضرت سچل سرمست جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي.
ميان صاحبڏنو کي ”موراڳي“ ”سوائي“ به چيو ويندو هو، هڪ روايت موجب ته ميان صاحب هڪ دفعي گهوڙي تي سوار ٿي نوڪري تي وڃي رهيو هو. جو ڪوٽڙي ڪبير ۽ ڏيوڻي جي وچ تي هڪ مجذوبه عورت رستو روڪيندي چوڻ لڳي ته ”صاحبڏنه! خدا توکي ڳولي ٿو. ۽ تُون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟
ميان صاحب اهو لفظ ٻڌي اچي جهنگ وسايو، چاليهن چلن ڪڍڻ کانپوءِ حضرت خواجه عبدالله جيلاني اچي پنهنجي مريد ڪيو، سندس فيض مان مُرشد کان خلافت جو خرقو حاصل ڪري. پنهنجي مُرشد جي چوڻ تي پنهنجي خاندان جو هر فرد سجاده نشين ٿي سندس بيعت ڪئي.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جڏهن درازان ۾ آيو، ته کٻڙن جي پاڙن ۾ هڪ غار ۾ ميان صاحبڏنو کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”ادا يار کي لڪائڻ نه گهرجي“. نيٺ ڪڍائي ٻاهر وهاريائين. ٻي روايت ۾ ته شاهه صاحب ئي ”خواجه صاحب کي سلوڪ جي راهه تي هلڻ جي ترغيب ڏني“. وري حضرت سچل سرمست رحه پنهنجي ڏاڏي ميان صاحبڏني جي سلوڪ واري راهه تي هلڻ ۾ ”شاهه عبيد الله جيلاني ۽ بيبي رابعه بصري“ جو ذڪر ڪري ٿو.
خواجه محمد حافظ عرف ميان صاحبڏنو فاروقي هڪ بلند پايي جو شاعر هو. شاعري ۾ پاڻ کي ڪِٿي ”صاحبڏنو“ ته ڪٿي ”حافظ“ جو لفظ تخلص طور استعمال هيٺ آندو آهي. خواجه صاحب سنڌي، سرائڪي ۽ فارسي ۾ بهترين شاعري ڪئي. پاڻ هڪ هنڌ هيئن فرمائي ٿو ته:
ڪامل پنهنجي ڪانڌ، اوهان خبر آندي خاصي،
اڏو ٿيو نه عشقي، اها بات نه اوهان باسي،
آهيو اوهان به اداسي، پر ڪاريءَ مس ڪارا ڪيو.
خواجه صاحب کي 2 پٽن جي اولاد ٿي. ميان صلاح الدين حياتي ۾ ئي وفات ڪري ويو، ۽ ميان عبدالحق سندن وفات بعد گادي نشين ٿيو، جنهن جي تربت حضرت سچل سائين واري روضي ۾ آهي.
ميان صاحبڏنو فاروقي 1192 هجري مطابق 1778ع ۾ موڪلاڻي ڪري وڃي ابدي آرامي ٿيا، سندس آخري آرام گاهه درازا شريف ۾ آهي. وفات وقت عمر 91 سال هئي.
ميان صاحبڏني جي فرزند حضرت خواجه عبدالحق 1120 هجري مطابق 1708ع ۾ پيدا ٿيو. زندگي جو (94) بهارون ڏسي 1214 هجري 1799ع ۾ وفات ڪئي.
خواجه عبدالحق جي مزار تي سچل سائين جون هي سٽون اُڪريل آهن:
مرشد ڪامل حقيقت يار، وارث دين احمد مختيار،
گوهر بحرانه واحد، ليس في الدار غيره ديار،
سال تاريخ اوست مظهر حق، ميم ماومن ازميان بردار. (1214هه).
شهنشاهه لطيف جي اچڻ وقت خواجه صاحب هڪ غار ۾ ويٺو هو، شاهه صاحب غار مٿان بيهي چيو ته: ”هت پڪل گدري جي بوءِ اچي ٿي“ پوءِ اندر وڃي خواجه صاحب سان مليو. ۽ چيائين ته: ”يار کي لڪائڻ نه گهرجي“ پوءِ روح رهاڻيون ڪيون. پوءِ انهي هنڌ جايون ۽ مسجد ۽ کوهه کوٽايو ويو“.

مددي ڪتاب
1. سچل سرمست ۽ اُن جا هم عصر شاعر: ڊاڪٽر مخمور بخاري (Ph.d) ٿيسز (مقالو) 2011ع
2. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دؤر ۾ تصوف جا سلسلا: ڊاڪٽر عابد مظهر 3 جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع.