لطيفيات

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
Title Cover of book شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

سيد حيدر شاهه حقاني ”رضوي“ (915 هه _ 1039 هه)

سيد حيدرشاهه حقاني جي پيدائش سن: 915 هجري بمطابق 1509 ع بکر ۾ ٿي. شروعاتي تعليم بکر مان ئي حاصل ڪئي. وڏڙن سان گڏجي بکر کان روهڙي ۾ آيو. ۽ روهڙي کي آخري مسڪن سمجهي. هميشه لاءِ هن سر زمين تي رهڻ جو پڪو پهه ڪيو.
شيخ عبدالباقي صديقي بکري جڏهن استنبول ويو. ته استنبول ۾ رهڻ دوران سندس شادي بزرگ شيخ نجم الدين جي ڌيءَ: سان ٿي. شيخ نجم الدين پنهنجي (ڌيءَ) کي ڪابين ۾ ”وار مبارڪ“ ڏنو هو. شيخ عبدالباقي جڏهن پنهنجي گهرواري سان استنبول کان بکر پهتو. ته هنن اُن وار مبارڪ کي ظاهر نه ڪيو. ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ سيد حيدر شاهه حقاني کي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن خواب ۾ ارشاد ڪيو ته ” اسان جو وار مبارڪ آوهان جي شهر جي ڀر سان بکر ۾ شيخ عبدالباقي صديقي وٽ آهي. اُن کي چئو ته اُن جي عام زيارت ڪرائي.“ سيد حيدر حقاني پاڻ بکر ۾ وڃي شيخ عبدالباقي سان مليو. ملڻ بعد شيخ عبدالباقي چيو ته خواب جو سمورو احوال بلڪل صحيح آهي. ۽ وار مبارڪ سندن محفوظ آهي.پر هڪ ٻئي شخص جي شاهدي هئڻ ضروري آهي. انهي ڪري في الحال ”وار مبارڪ“ کي ظاهر نه ڪندس.
مولوي محمد علي بکري هڪ ٻئي بزرگ جو پڻ ذڪر ڪندي چئي ٿو ته مخدوم عبدالملڪ در ٻيلوي حج جي ارادي سان ”حجاز مقدس“ ويل هو. خواب ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو. ته سنڌ جي شهر بکر ۾ شيخ عبدالباقي صديقي وٽ اسان جو ”وار مبارڪ“ رکيل آهي. وڃي اُن کي ظاهر ڪرايو.مخدوم صاحب حج کان واپس ”بکر“ شهر پهتو. بکر ۾ سيد حيدر حقاني سان خواب وارو سمورو حال احوال ڏنو. پوءِ ٻيئي ڄڻا شيخ عبدالباقيءَ وٽ پهتا. ۽ کيس ”وار مبارڪ“ جي ظاهر ڪرڻ لاءِ چيائون. اهو واقعو سن 1545ع بمطابق 952 هجري جو آهي.
پوءِ اهو ”وار مبارڪ“ ظاهر ڪيو ويو. ۽ سيد حيدر شاهه حقاني ان ”وار مبارڪ“ جي سهڻي نموني سان سنڀال ڪئي. ۽ اڄ ڏينهن تائين ”وار مبارڪ“ جي زيارت ڪرائي وڃي ٿي.
سيد حيدر شاهه حقاني کي ”نبوت جي باغ جو ٽڙندڙ گل“ جي نالي سان سڏيو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. ۽ ميزبان حسين عليه السلام“ جي لقب سان به ياد ڪيو ويندو آهي. ۽ کيس حضرت امام حسين عليه السلام جي زيارت جو شرف 980 هجري 1572ع ۾ حاصل ٿيو. سندس گڏ پٽ سيد عبدالستار شاهه ۽ سندس ڀائيٽو سيد ابوالمعالي بن شاهه عيسيٰ به زيارت وقت گڏ هئا. زيارت وقت سيد حيدر شاهه جي عمر 65 سال هئي.
سيد حيدر شاهه حقاني جي وفات 21 شعبان المعظم 1039 هجري مطابق. 15 اپريل 1630ع روهڙي ۾ ٿي. ۽ سندس آخري آرام گاهه به روهڙي شهر جي (سيد محلي) ۾ واقع آهي. اُن وقت ۾ ” سائيدي محلي“ طور سڃاتو ويندو هو. مقبري ويجهو ”ڪربلا جو پڙ“ آهي.
پاڻ انهي جڳهه تي دفن آهن جتي ويهي عبادت ڪندا هئا. مقبري واري ڪمري وچ تي چار مزارون آهن. ۽ چوديواري ٻاهران سيد اُڀن شاه ۽ درگاهه جي خدمت گار هڪ عورت جي آهي.
سيد حيدر حقاني جي خانداني شجري ۽ روايتن مان معلوم ٿيو ته سندس هڪ فرزند نالي سيد عبدالستار شاهه هو. عبدالستار شاهه 1041هجري مطابق 1631ع ۾ هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي. ۽ مزار والد صاحب جي ڀرسان آهي.

حوالا:
ڪتاب مقالا ت خانائي: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي
تذڪره مشاهير سنڌ: مولانا دين محمد وفائي
جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري