حضرت سيد محمد گيسو دراز رحمته الله عليه (721 هه _ 825 هه)
حضرت سيد محمد گيسو دراز جو اصل نالو ”محمد“ ڪنيت ”ابو الفتح“ لقب صدرالدين ” ولي الاڪبر“ ”الصادق“ ۽ ” خواجه بنده نواز گيسو دراز“ جهڙن لقبن سان مشهور هئا. پاڻ پيرو مرشد حضرت نصير الدين محمود (دهلي) جي صحبت مان گهڻو ڪجهه پرايو، جومُرشد: ادب ، عشق و محبت ۽ عقيدت جاگڻ سمايل ڏسندي ڏاڍا خوش ٿيا. ۽ هڪ شعر چئي ” گيسو دراز“ جي لقب سان نوازيو. جو اڄ تائين گيسو دراز“ نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
مُرشد پاران ساراهه ۾ چيل بيت:
هرکه مريد سيد گيسو دراز شد،
والله خلاف نيست که اور عشق باز شد.
پاڻ اِن شعر کان پوءِ ” گيسو دراز“ نالي سان مشهور ٿيا. حضرت خواجه نظام الدين اولياءَ ( رحمته الله عليه) کان بيعت ورتي. ۽ حضرت نصير الدين محمود چراغ دهلوي کان روحاني فيض سان مالا مال ٿيا. پهريان ” سيد راجه“ سڏائيندا هئا. ۽ انهي وجه کان ” دکن شهر“ ۾ ” راجو قتال“ جي نالي سان شهرت ماڻي.
2 رمضان 728 هجري ۾ سندس والد صاحب دهلي کان اهل و عيال سميت ”دولت آباد“ طرف روانا ٿيا. ۽ 7 رمضان 729 هجري ۾ (دولت آباد پهتا. ٻن سالن بعد والد صاحب 5 شوال 731 هجري بمطابق 12 جولاءِ 1331ع ۾ وفات ڪئي. سندس والده ماجده ڪجهه سال ( دولت آباد) ۾ رهڻ بعد پنهنجي ڀاءُ ( گوهر دولت آباد)سيد ابراهيم مستوفي سان ڪجهه اختلافن سبب دولت آباد کي خيرآباد چئي. ” خلد آباد“ ۾ اچي رهيا. ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ خلد آباد کان دهلي رهڻ کي وڌيڪ بهتر سمجهيو.
حضرت سيد گيسو دراز شروعاتي تعليم پنهنجي والد صاحب ۽ نانا سائين جي سر پرستي هيٺ حاصل ڪئي. قرآن شريف حفظ ڪرڻ بعد. ۽ خلد آباد ۾ رهڻ دوران ”علم ظاهري“ جي شروعات ڪئي. جڏهن پاڻ ”دهلي“ واپس آيا. ته ”علم ظاهري“ ۾ سُٺي مهارت حاصل ڪري چڪا هئا. سندس تعليم جي ميدان ۾ مولانا شرف الدين ڪٿيلي، مولانا تاج الدين بهادر ۽ قاضي عبدالمقتدر جهڙن شفيق استادن جو مٿان سايو رهيو. پاڻ ڪافي ڪتابن جو مطالعو ڪيو. ۽ ” علم ظاهري“ جا سڀ سبق (اوڻويهه سال) جي عرصي ۾ سکي پورا ڪيا.
مرشد حضرت نصير الدين چراغ دهلوي جهڙي ڀلاري بزرگ کان 16 رجب 736 هجري مطابق 2 مارچ 1336ع تي ” دست بيعت“ سان سرفراز ٿيا. ۽ ڪجهه عرصي بعد خرقه خلافت سان نوازيو ويو. اُن وقت عمر 15 سال هئي.
حضرت گيسو دراز رحمته الله عليه. 7 ربيع الثاني 801 هجري 17 ڊسمبر 1398ع دهلي مان هميشه لاءِ موڪلائي ڪري اچي ”گواليار“ پهتا. گواليار ۾ ڪجهه عرصو مولانا علاو الدين جي صحبت ۾ گذاريو. پوءِ ” ڀانڌير“ ”چنديري“ ۾ ڪجهه وقت رهڻ بعد. ” بڙودا“ ”سلطان پور“ کان سير سفر ڪندي. ” خلد آباد“ جي ڌرتي کي تاحيات رهڻ جو پڪو پهه ڪيو. اهل و عيال سميت (خلد آباد) اچي رهيا.
والده ماجده جي اصرار تي مولانا سيد احمد بن مولانا جمال الدين مغربي جي نيڪ نياڻي ( رضا خاتون) سان شادي ڪئي. اُن وقت سندس عمر چاليهه سال هئي. سندس 2 پٽن ۽ ٽن نياڻين جي اولاد ٿي. سيد حسين عرف سيد محمد اڪبر حياتي ۾ ئي وفات ڪئي. ٻيون نمبر پٽ حضرت محمد يوسف عرف سيد محمد اصغر هڪ درويش ڪامل بزرگ هو. ۽ نياڻين ۾ بي بي فاطمه عرف ستي بيگم، بي بي بتول، بي بي اُم الدين نياڻيون هُيون.
حضرت سيد محمد گيسو دراز ” گلبرگه“ ۾ تفسير و حديث جا سبق ڏنا. پاڻ بلندي پايي جو مصنف هو. سندس ڪتابن جو تعداد (105) ملي ٿو.
ڪتاب ”الاسماءَ“ مشهور تصنيف آهي. ترجمه عوراف (فارسي) تفسير القرآن ( ملنتفط) قرآن شريف جي پهريان پنجن سيپارن جو” تفسير“ . شرح مشارق الانوار، شرح تعرف شرح آداب المريدين ( عربي) (فارسي) ”خاتم شرح فصوص الحقم“ اسماءَ الاسرار، صدائق الانس، شرح فقه اڪبر، شرح الهامات حضرت غوث العظم وغيره مشهور ڪتاب آهن.
پاڻ هڪ بلند پايي جا شاعر به هئا. شاعري ۾ ”محمد“ تخلص رکيائون. غزل ۽ رباعي تي تمام گهڻي مهارت هئي.
”شاعري“
ترا حسن است از انداز بيرون ، مرا اندوه غم هر روز افزون،
”سندس چيل قول ۾ ته:“
1. ترڪ دنيا کان بهتر ڪا به نيڪي نه آهي.
2. هر شيءَ ۾ هڪ آفت هوندي آهي. عشق جون 12 آفتون آهن. هڪ ابتدا ۽ بي انتها.
پاڻ فرمايائون ته :
جمع جي رات چار رڪعتون پڙهو. پهرين رڪعت ۾ سورته فاتحه کان پوءِ 101 دفعا لاَ اِلاَ اِلا انت سبحانڪ اني کُنت مِن الظالمين. في سجينا و نجيناه من اللغم و کذالڪ نجي المومنين.
ٻي رڪعت ۾ سورته کان بعد ا101 دفعا رب اني مسني الضروانت ارحم الراحمين.
ٽي رڪعت ۾ سورته فاتحه کان بعد 101 دفعا:
افوض امري الي الله اِن لله بصير بالعباد.
چوٿي رڪعت ۾ سورته فاتحه بعد 101 دفعا
حسبي الله و نعم الوڪيل نعم الموليٰ ونعم النصير.
پڙهي سلام بعد:
”رب اني مغلوب فانتصر“ سو دفعا پڙهي. پوءِ شڪارو دل تي ڏجي. ۽ سر جهڪائي قبلي طرف سڄي پاسي ۽ کاٻي پاسي شڪارو ڏيئي. مالڪ مهربان جي ذڪر ۾ رهجي.
حضرت سيد محمد گيسو دراز رحمته الله عليه 16 ذي القعد 825 هجري پهرين نومبر 1422ع ۾ رحلت فرمائي. سندس آخري آرام گاهه (گلبرگه) ۾ آهي.
حوالا:
تذڪره اولياءِ پاڪ وهند: ڊاڪٽر ظهور الحسن شارب
اسلامي شاهڪار انسائيڪلوپيڊيا: سيد قاسم محمود
جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري.