حضرت سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) جيلاني رحه (1170هه- 1233هه)
(1135هه-1198هه) 63 سالن جي عمر ۾ واٽ ويندي چورن هٿان شهادت ماڻي.
روضي ڌڻي جي فيض عام ڪري سکر ضلعي جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ روحانيت ۽ معرفت جا چشما ڦٽي نڪتا: چنانچه: ”ڪنگري“ مان ”سوئي“ سيراب ٿي. ۽ ”سوئي“ مان ”ڀرچونڊي“ ڀرجي نڪتي. ۽ ڀرچونڊي مان ”امروٽ“ ضلعي سکر ۾ ۽ ”دين پور“ سابق رياست بهاوالپور علم ۽ عرفان جا مرڪز بڻيا.
سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ ٿڃ نه وٺندا هئا. جنهن جي ڪري (روضي ڌڻي) مشهور ٿيا. جڏهن سندن مزار مبارڪ تي گُنبذ جي تعمير ٿي. ۽ روضو شريف بڻجي ويو. ته ماڻهن کين ”روضي ڌڻي“ يعني ”صاحبِ روضه“ جي نالي سان ياد ڪرڻ لڳا.
پاڻ اڃا ٻنڌڻن ۾ ئي هئا ته مخدوم محمد اسماعيل (پريالوءِ) اُتي آيا. سندن والد سيد محمد بقاءَ شاهه پنهنجي صاحبزادي کي دُعا ڪرڻ لاءِ مخدوم صاحب اڳيان پيش ڪيو. پاڻ نه رڳو خوش ٿيا پر بي اختيار هي چئي ڇڏيائون ته ”هي اُهو ٻار آهي جنهن کان دنيا جو گهڻو حصو فيضياب ٿيندو“.
حضرت سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) شروعاتي تعليم پنهنجي والد سيد بقاءَ محمد شاهه کان حاصل ڪئي. قرآن پاڪ جي تعليم حافظ زين الدين مهيسر کان ورتي. قرآن پاڪ جي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ کين فقير الله علوي شڪارپور جي مدرسي ۾ داخل ڪرايو ويو. وڌيڪ تعليم لاءِ ڪوٽڙي ڪبير ۾ مخدوم يار محمد وٽ عربي جي تعليم حاصل ڪئي. ڪجهه وقت لاءِ کهڙن جي بزرگ مخدوم احمدي وٽ به تعليم حاصل ڪيائون ۽ بعد ۾ ڳوٺ آريجا (لاڙڪاڻي) ۾ حضرت مولانا محمد آريجويءَ وٽ داخل ٿيو.
پاڻ جڏهن ”ڪوٽڙي ڪبير“ ۾ طالب علمي جو زمانو گذاري رهيا هئا ته سندن والد پاڻ اچي پهريون نقشبندي ۽ پوءِ قادري طريقي ۾ داخل ڪيو. سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) نقشبندي سلسلي جي بزرگن ۾ حضرت امام رباني مجدد الف ثاني رحه ۽ قادري طريقي جي رهبر حضرت محبوب سبحاني سيد عبدالقادر جيلانيءَ سان پنهنجو روحاني رشتو قائم ڪيو. سندن اولاد ”راشدي“ جي نالي سان مشهور آهي. سندس جو خاندان علم و فضل، شرافت ۽ وجاهت جي لحاظ کان سنڌ جي نامياري خاندان ۾ سڃاتو وڃي ٿو.
سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) جو نسبي سلسلو (36) پيڙهي ۾ سيدنا حضرت علي ڪرم الله وجهه سان ملي ٿو، اڳ ۾ جيڪي گادي نشين گذريا تن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
”پاڳارا پيرن جي گادي جو سلسلو“
1. پير سيد صبغت الله شاهه رحه ثاني عرف (راجا سائين)
2. پير سڪندر علي شاهه رحه عرف (شاهه مردان شاهه ثاني)
3. پير صبغت الله شاهه ثاني رحه عرف (سورهيه بادشاهه)
4. شاهه مردان شاهه اول رحه ”المقلب“ (ڪوٽ ڌڻي).
5. علي گوهر شاهه ثاني رحه المقلب (محفه ڌڻي).
6. جزب الله شاهه رحه المقلب (تخت ڌڻي).
7. علي گوهر شاهه اول رحه المقلب (بنگلي ڌڻي).
8. پير صبغت الله شاهه اول رحه المقلب (تجر ڌڻي).
9. پير سيد محمد راشد رحه المقلب (روضي ڌڻي).
سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) جا اٽڪل يارنهن سئو خليفا هئا. جيڪي مختلف جڳهن تي خانقاهون قائم ڪري رشد ۽ وهدايت سان گڏوگڏ تصوف جي تند تنواريندا رهيا.
حضرت پير سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) جمع جي ڏينهن پهرين شعبان 1233 هجري مطابق 6 جون 1818ع ۾ هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي ۽ جسم مبارڪ کي ”رحيمڏنو ڪلهوڙو“ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. پوءِ علي گوهر شاهه ”اصغر“ سندن ۽ پنهنجي والد سيد صبغت الله شاهه جي پيتي قبرن مان ڪڍرائي ڪري موجوده ”ڪنگري“ جي مقام تي دفن ڪرايو. جيڪو هاڻي ”پير ڳوٺ“ جي نالي سان مشهور آهي.
حضرت سيد محمد راشد ”روضي ڌڻي“ کي ارڙهن فرزند پيدا ٿيا. اُنهن مان چار فرزند سندن حياتي ۾ گذاري ويا. باقي چوڏهن صاحبزادن جا نالا هيٺ بيان ڪجن ٿا.
1. سيد صبغت الله شاهه، 2. پير محمد شاهه، 3. پير هدايت الله شاهه، 4. پير محمد ياسين شاهه، 5. پير محمد بقاء شاهه، 6. پير محمد صادق شاهه، 7. پير محمد شاهه، 8. پير حامد شاهه، 9. پير محمد اسماعيل شاهه، 10. پير مهدي شاهه، 11. پير محمد احسن شاهه، 12. پيرغلام محي الدين شاهه، 13. پير مبارڪ شاهه، 14. پير شاهنواز شاهه سندن فرزند ارجمند هئا.....
پير سائين روضي ڌڻي جي وصال کان پوءِ سندن فرزند، سيد صبغت الله شاهه (اول) مسندنشين ٿيو. پاڻ (خليفه الله) جي خطاب سان مشهور هئا.
پير سائين ”روضي ڌڻي“ پنهنجي گفتگو ۾: ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ کي سڪ سان ياد ڪندا هئا“. ۽ سندن بيت محبت سان پڙهندا هئا. هڪڙي ڏينهن مريدن مان ڪنهن شخص سندن حضور ۾ شاهه ڀٽائي ۽ گرهوڙيءَ فقير بابت عرض ڪيو ته: ”ڪهڙي طرح هئا“؟
پير سائين فرمايو ته: ”شاهه صاحب کي عشق ۽ محبت ۽ طلب جو بيحد شوق گهڻو هو“. ۽ ”گرهوڙي بزرگ وري حقيقت ۽ اسرار جا درياهه هئا“.
سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) سنڌ جو پهريون وڏو عالم ۽ قادري طريقي جو اڳواڻ هو. جنهن سڀ کان اڳ ”شهنشاهه لطيف“ جي بيتن ۾ سمايل عارفانه فڪر کي سڃاتو ۽ اُنهن کي اهميت ڏيندي پنهنجي وعظ ۽ نصيحت ۾ بيان ڪيو.
سيد محمد راشد ”روضي ڌڻي“ جي ”ملفوظات شريف“ پنهنجي اصلوڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي. فاضل مترجم فقير قربان علي جي تحقيق موجب. ”ملفوظات شريف“ جي ڇهن حصن ۾ ”اڻويهه سئو يارنهن“ روايتون آهن. چار مڪتوب خط، پنج وقتي وظيفا ۽ وصال بابت هڪ فصل شامل آهن. سڀ کان وڌيڪ روايتون ڪڙئي گنهور واري وڏي خليفي فقير محمود نظاماڻي جون بيان ڪيل آهن. جن جو تعداد (1093) آهي.
خليفو محمود نظاماڻي ملفوظات شريف ۾ لکي ٿو ته: ”مان درگاهه مبارڪ تي هوندو هئس. جڏهن فقيرن جون جماعتون ڪيترن طرفن کان اينديون هُيون ته کين ڏسڻ سان ”پير سائين“ جن کي شوق ۽ ذوق غالب ٿيندو هو. منهن مبارڪ ڳاڙهو رتيءَ ورن ٿي ويندو هو. فقيرن کي وجد ۽ جوش اچي ويندو هو ۽ منجهن روڄ پئجي ويندو هو. پاڻ انهي وقت هي سنڌي بيت فرمائيندا هئا:
ڀلي ڪئي ڀؤنرن، جي واس وٺڻ آئيا،
تنين کي ڪونرن، ڏنا هنڌ هيانو ۾.
حضرت سيد محمد راشد ”روضي ڌڻي“ جي شعر جون چند سٽون هيٺ ڏجن ٿيون.
جان جان جوءِ نه پسن، جنهن لاءِ جوڳي ٿيا،
تان تان ڪاپڙين، ورهه وهامي راتڙي.
آگم ڪيو اچن، سڄڻ ساوڻ مينهن جيان،
پاسي تن وسن، جي سڀ ڄماندر سڪيون.
مددي ڪتاب:
1. سنڌ جا بَرَ، بَحَرَ ۽ پهاڙ: غلام رباني آگرو: 1997ع.
2. خانقاهه ڀرچونڊي شريف جي ادبي تاريخ: ڊاڪٽر الهوسايو سومرو. 2015ع.
3. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهور 2004ع.
4. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سوانع حيات ۽ علمي خدمتون: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري
5. شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد پهريون: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: 1989ع ص 59