لطيفيات

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
Title Cover of book شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

حضرت شاهه صدرالدين عارف رحمته الله عليه (621 هه _ 684 هه)

حضرت شاهه صدر الدين عارف رح جي ولادت حضرت بهاو الدين زڪريا ملتاني رحمته الله عليه جي گهر ۾ 621 هجري بمطابق 1224ع ۾ ٿي. سندس نالو صدر الدين لقب ”عارف“ ڪنيت ”ابو الفانم“ هئي. پاڻ ڀائرن ۾ وڏا هئا. ٻين ڀائرن ۾: حضرت برهان الدين، حضرت ضياءَ الدين حضرت علاوالدين، حضرت شهاب الدين، حضرت قدوت الدين، حضرت شمس الدين رحمته الله عليه ڀائر هئا. پاڻ والد صاحب جي هٿ تي بيعت ڪئي. ۽ خرقه خلافت حاصل ڪيو.
حضرت شاهه صدرالدين عارف جڏهن حج تي ويا. اته انهي سال فرغانه جي شهزادي راستي جو به حج بيت الله اچڻ ٿيو. شهزادي راستي جو حُسن ڏسڻ وٽان هو. سندس ٻين رياستن جا شهزادا به شادي ڪرڻ جي اوسيئڙي ۾ ويٺا انتظاريون ڪرڻ لڳا. مگر شهزادي راستي جي شادي سان ڪا به دلچسپي نه هئي. ڇو ته هو هڪ عابده ۽ زاهده خاتون هئي. سندس والد سلطان جمال الدين به هڪ صاحب ڪمال بزرگ هو. هڪ دفعي پيءُ هئڻ جي حيثيت ۾ خواهش پُڇي. مگر شهزادي راستي عرض ڪيو. ته ” بابا خدا جي حڪم جو انتظار آهي. مالڪ جي حڪم کان سواءِ ڪو ئي ڪم تڪميل تي نه ٿو پهچي.“ اهو لفظ ٻڌي والد صاحب خاموش ٿي ويو.
هڪ دفعي شهزداي راستي بيت الله جو طواف ڪري رهي هئي ته اتفاق سان نظر وڃي حضرت شاهه صدرالدين عارف تي پيئي. جو چند قدمن تي طواف ڪري رهيو هو. شهزادي راستي محسوس ڪيو. ته اِن اجنبي مان نُور چمڪي رهيو آهي.۽ پنهنجي نوڪرياڻي کي چيو ته پڇا ڪر ته هي نوجوان ڪير آهي. ۽ ڪٿان آيو آهي. نوڪرياڻي پڇا ڪرڻ بعد ٻڌايو ته هي نوجوان شاهه صدرالدين عارف مشهور بزرگ حضرت بهاوالدين زڪريا ملتاني جو فرزند آهي. شهزادي چيو ته مون کي پڪ هئي ته هي ڪو عام ماڻهو نه آهي.
حج بيت الله جي واپسي بعد شهزادي راستي پنهنجي نوڪرياڻي معرفت والد محترم تائين اِها خبر پهچائي. جو والد صاحب سمجهي ويو. ته الله تبارڪ و تعاليٰ جو طرف کان وقت اچي ويو آهي. پاڻ ڌيءَ جي انتخاب تي ڏاڍا خوش ٿيا. ۽ فرغانه کان ملتان شريف پهتا. جڏهن حضرت بهاوالدين زڪريا رح کي اچڻ جي خبر پيئي ته پاڻ خانقاهه کان نڪري معزز مهمانن جو استقبال ڪيو.
ٻئي ڏينهن تي سلطان جمال الدين ۽ حضرت زڪريا ملتاني جي وچ ۾ ٻن خانداني رشتن درميان قريبي رشتي جي ڳالهه ٻولهه ٿي. ۽ پوءِ اها نڪاح جي تقريب ملتان ۾ منعقد ٿي. ملتان ۽ ٻين شهرن جا وڏا وڏا مشائخ علماءَ اِن يادگار شادي ۾ شريڪ ٿيا. اُن وقت غالبا حضرت غوث بهاوالدين زڪريا ملتاني رحمته الله عليه جي عمر مبارڪ 56 سال هئي. غوث پاڪ جي (وفات 666 هجري ۾ ٿي).
روايت آهي ته نڪاح بعد جڏهن شهزادي راستي حضرت بهاوالدين زڪريا رح جي گهر آئي ته پاڻ احترام ۾ اُٿي بيٺا.سلطان جمال الدين جڏهن هن دنيا مان موڪلاڻي ڪئي ته وراثت مان حصه آهر جيڪو به شهزادي راستي کي حصي ۾ مليو پاڻ سموري دولت مسڪينن ۽ غريبن ۾ تقسيم ڪري ڇڏي. ۽ هڪ دفعي شاهه صدرالدين عارف کي عرض ڪيو. ته ”(توهان جي هوندي مون کي دنيا جي ڪا به دولت ياد نه ايندي)“.
بي بي راستي مان شاهه رڪن عالم رحمته الله عليه جي پيدائش ٿي. جنم جو سال 9 رمضان المبارڪ 649 هجري بحوالا: (ڪتاب ” الله ڪي ولي“ جناب خان آصف مرحوم ص 509).ان تحت عيسوي تاريخ ۽ سال 26 نومبر 1251ع جنم جو سال بيهي ٿو. بحوال: (ڪتاب: جوهر تقويم: ضياءَالدين لاهوري) 2004ع.
حضرت شاهه صدرالدين عارف پنهنجي پٽ شاهه رڪن الدين ”ابو الفتح“ جو ستن سالن جي عمر جو هو. ساڻ ڪري درياءَ جي ڪناري پهتا. پاڻ وضو ڪري نماز ادا ڪري رهيا هئا.ته ايتري ۾ هرڻين جو هڪ ولر جو ساڻ هرڻي جو ننڍڙو ٻچڙو به هو. شاهه رڪن الدين اُن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي. مگر پڪڙي نه سگهيو.
حضرت شاهه صدرالدين عارف نماز کان فارغ ٿي شاهه رڪن الدين کي قرآن شريف جوسبق ڏنو ڏهه مرتبه پڙهڻ باوجود به سبق ياد نه ڪري سگهيو. جڏهن ته ٽن مرتبه پڙهڻ سان سبق ياد ٿي ويندو هو.
حضرت شاهه صدرالدين عارف جڏهن حقيقت معلوم ڪئي ته پاڻ هرڻي جي ٻچڙي کي پڪڙڻ واري حقيقت کان آگاهه ڪيو. ۽ چيائين ته فلان طرف ولر روانو ٿي ويو. حضرت شاهه صدرالدين ڪجهه پڙهي اُنهي طرف شُڪارو ڏنو. ته هرڻين جو ولر واپس اچي پهتو. شاهه رڪن الدين ڊوڙي وڃي اُن ٻچڙي کي پڪڙيو. ۽ ڏاڍو خوش ٿيو انهي خوشي ۾ هڪ سيپارو حفظ ڪري ورتو. پوءِ اُن هرڻي ۽ ٻچڙي کي پنهنجي درگاهه تي وٺي آيا.
حضرت شاهه صدرالدين عارف 63 سالن جي عمر ۾ 23 ذوالحج 684 هجري بمطابق 19 فيبروري 1286ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار مبارڪ ملتان شريف ۾ (والد صاحب) سان گڏ آهي.
ڪتاب: مراته الاسرا: عبدالرحمٰن چشتي ص 818 تي وفات جو سال 684 هجري ظاهر ڪيو آهي ۽ ڪتاب: تذکره اولياءَ پاڪ وهند: ڊاڪٽر ظهورالحسن شارب به صفي 61 تي ساڳي تاريخ ۽ هجري سال ڄاڻايو آهي ۽ وفات جي عيسوي تاريخ ۽ سال تي نظر وجهجي ته سيرت پاڪ شيخ ابوالفتح رڪن الدين: پير سيد ارتضيٰ علي ڪرماني ص . 66 تي عيسوي سال 1285 ڄاڻايو آهي. جيڪو بلڪل غلط آهي. جو (ماده تاريخ: جوهر تقويم ۾ 19 فيبروري 1286ع بيهي ٿو. جيڪو صحيح ۽ درست وفات جو سال آهي.)
شاهه صدر الدين عارف جي وفات بعد حضرت شاهه رڪن الدين ”ابوالفتح“ گادي نشين مقرر ٿيا. شاهه صدر الدين جي خدمت ۾ جيڪي خليفه مقرر هئا تن ۾ حضرت شيخ جمال الدين خندان اوڇوي حضرت شيخ احمد معشوق، حضرت صلاح الدين درويش، حضرت شيخ علاوالدين محبوب الله، حضرت شيخ حسام الدين بدايوني وغيره صاحب فضيلت خليفه هئا.
پاڻ فرمائيندا هئا: ته صحت ايمان جي نشاني آهي. ۽ نيڪي سان خوشي حاصل ٿيندي آهي.
صدرالدين عارف جي علمي يادگار ”ڪنزالفوائد“ آهي. جنهن کي سندس مريد خواجه ضياءَ الدين ترتيب ڏنو.

حوالا:
سيرت پاڪ حضرت شيخ ابل فتح رڪن الدين عالم سهر وردي: سيد ارتضيٰ علي ڪرماني
تذڪره اولياءَ پاڪ و هند:ڊاڪٽر ظهور الحسن شارب
جوهر تقويم: ضياءَ الدين راهوري