لطيفيات

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
Title Cover of book شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

سلطان الاولياءَ، خواجه محمد زمان لنواري وارو (1125هه- 1188هه)

سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان جي پيدائش 22 رمضان المبارڪ 1125 هجري. بمطابق پهرين آڪٽوبر 1713ع خميس تي حاجي عبداللطيف نقشبندي جي گهر ۾ ٿي. سندس ابا ڏاڏا عربستان جا ويٺل هئا. اُتان اچي سنڌ ۾ ٺٽي جي پسگردائي ۾ رهيا. سندن پرهيزگاري ڏسي آسپاس جا ماڻهو مريد ٿيڻ لڳا.
ننڍي هوندي ئي خواجه محمد زمان قرآن پاڪ جي تعليم پنهنجي والد صاحب کان ورتي ۽ قرآن مجيد جو ختم به پورو ڪيو. ظاهر علم حاصل ڪرڻ لاءِ ٺٽي جي مخدوم محمد صادق نقشبندي جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. مخدوم محمد صادق هڪ جيد عالم هو.
مخدوم محمد زمان پاڻ عربي پڙهڻ شروع ڪيو، شيخ محمد (ابوالمساڪين) ڏسندي ئي خواهش ظاهر ڪئي ته خواجه صاحب کي پنهنجو مريد ڪيان. خواجه صاحب ظاهري علم ۽ سلوڪ جا سڀ اسباب سکي اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو. شيخ صاحب راضي ٿيندي چيو ته ”خدائي راهه ۾ ڀاءُ محمد زمان مريدي جي لڙهه ۾ شامل ٿيو. کيس طريقت جي تعليم جو اجازو ڏنم ته شريعت ۽ طريقت تي قائم رهندو“.
پوءِ پنهنجي دستار مبارڪ لاهي خواجه صاحب جي سر تي رکيائين. کيس پنهنجي مسند تي ويهاري پنهنجي مريدن کي حڪم ڏنائين ته هٿ هٿ ۾ ڏيئي خواجه صاحب جي بيعت ڪريو ۽ شيخ محمد اِهو به چيو ته جيڪو سندس بيعت نه ڪندو. اهو منهنجو مريد نه آهي.
خواجه صاحب فرمايو ته: ”قديم مشائخن مان ڪنهن به اڄ تائين اهڙي قسم جو مجازو نه ڏنو آهي. جو پنهنجي جيئري هڪ مريد کي مسند تي ويهاري“. مُرشد جو حرمين وڃڻ بعد خواجه محمد زمان ڪجهه وقت سندس خانقاهه تي رهيا ۽ گهڻن ئي ماڻهن کي فيض ڏنائون. پوءِ پاڻ ٺٽي کان اچي لواري شريف ۾ رهيا.
مخدوم محمد زمان جو والد شيخ عبداللطيف نقشبندي سن 1149 هجري 1736ع ۾ هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي. هڪ سال بعد 1150 هجري 1737ع ۾ خواجه صاحب نئون شهر آباد ڪيو. جنهن جو نالو ”لواري“ رکيائون.پاڻ لواري ۾ پنهنجي رب سان ايتري قدر ته مشغل هوندا هئا. جو ساري رات مراقبي ۾ ويهي تهجد ۽ فجر جي نماز سومهڻي جي وضوءَ سان ادا ڪندا هئا. ڪافي سارا سال ائين ئي گذاريائون. مسافرن وانگي مسجد ۾ اڪيلا ويٺا هوندا هئا. شام جي وقت گهر وڃڻ پسند ڪندا هئا. ماني کائڻ بعد وري واپس مسجد جو مُنهن ڪندا هئا. سندس فيض جي خوشبوءِ ساري مُلڪ ۾ پکڙجي ويئي، هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو اچڻ لڳا.
شهنشاهه لطيف جهڙو اولياءَ الله ۽ عظيم شاعر پيري ۾ اچي پنهنجي شاگرد جي شاگرد وٽ زيارت لاءِ آيو ۽ چورائي موڪليائينس ته اجازت ملي ته اندر اچون. خواجه صاحب خادم کي چيو ته: ”شاهه صاحب کي وڃي چئو ته هڪدم ترسو، اسين پاڻ اوهان جي استقبال لاءِ اچون ٿا“. شاهه صاحب خود هليو آيو ۽ چيائين ته:
سامي سفر هليا، ڪو پروڙي پنڌ،
جن هيٺاهان ڪنڌ، آئون نه جيئندي اُن ري.
خواجه صاحب چيو ته:
ڪين آهين، ڪين ٿيندي، وڃين ڪين ڪماءِ،
لاڳاپا لوڪ جا، ”لا“ سين سڀ لهراءِ،
سامي پوءِ سلنداءِ، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.
ڪافي سارن بيتن جي ڏي وٺ ٿي. ڳچ وقت روح رهاڻيون ڪيون، جڏهن شهنشاهه لطيف موڪلايو ته خواجه صاحب خليفت جي چادر ڍڪايائون، چون ٿا ته شاهه صاحب وفات محل وصيت ڪئي هئي ته: ”هي چادر مون کي ڪفن ۾ ڏجو“. پوءِ اها چادر ڪفن جي مٿان وڌائون. ۽ دفن بعد وري سندس قبر مبارڪ تي پڙ ڪري چاڙهيائون.... ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پنهنجي ديوان خانچند جي هٿان ”لواري“ جي جاگير مخدوم صاحب کي لکت ۾ ڏياري موڪلي. مگر مخدوم صاحب وٺڻ کان انڪار ڪيو.
حضرت خواجه محمد زمان جن جي مريد مان چاليهه ڄڻا ڪمال صاحب ۽ پنهنجي وقت ۾ بي مثال هئا. انهن چاليهن مان چار ڄڻا سندن خاص خليفا هئا. جن ۾ شيخ عبدالرحيم گرهوڙي، حاجي ابو طالب اگهمي، شيخ حاجي محمد صالح، حافظ هدايت الله خواجه صاحب پنهنجو مڪان جوڙائي اُن ۾ اڪيلا رهڻ لڳا ۽ چيائون ته: ”وضو بنا ڪو به اندر نه اچي ۽ سواءِ مراقبي جي ٻيو نه ڪي ڪري نه ڪي ڳالهائي“. اڪثر ساري رات اُن هجري ۾ ويهندا هئا ۽ فرمايائون ته ”هر ڪنهن جمعه رات سئو ڀيرا پيغمبر صلعم تي دردو پڙهن“. سندس 2 ملفوظات: ابيات سنڌي ۽ ملفوظات باقي جون عربي شرح مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي لکيون. 4 ذوالقعد ڇنڇر 1188 هجري بمطابق 6 جنوري 1775ع ۾ 63 سالن جي عمر ۾ پنهنجي مالڪ مهربان جي ڌرتي ۾ وڃي ابدي آرامي ٿيا.
عارف ۽ عُشاق، پَسڻ گُهرن پرين جو،
جنت جا مشتاق، اَڃا اوراهان ٿئا.

سامي هَلَن هيڪلا، پاڻ ڇڏيائون پوءِ،
پُڇن لالن لوءِ، ڪُلهي ڪينَرڪين جو.

حوالا:
1. ابيات سنڌي: خواجه محمد زمان لواري وارو
2. لطيف جا لاڙ تان ڀيرا محمد سومار شيخ 1986ع
3. تذڪره مشاهير سنڌ جلد 2، 3 مولانا دين محمد وفائي ص 366
4. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري.