لطيفيات

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
Title Cover of book شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري رح ( 536هه _ 633هه)

حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري جي ولادت باسعادت 536 هجري مطابق 1141ع ۾ سنجرستان (سجستان) ۾ ٿي. والد صاحب جو نالو سيد غياث الدين هو. سندس نسبي سلسلو خواجه معين الدين بن سيد غبارت الدين بن سيد ڪمال الدين بن سيد احمد حسين بن سيد طاهر بن سيد عبدالعزيز بن سعيد ابراهيم بن حضرت امام موسيٰ رضا بن حضرت امام موسيٰ ڪاظم بن حضرت امام جعفر بن امام قربن حضرت امام زين العابدين بن حضرت امام حسين بن حضرت علي المرتضيٰ رضي الله تعاليٰ عنه سان ملي ٿو.
پاڻ جڏهن19 کان 20 سالن جي عمر جا ٿيا. ته والد صاحب هن جهان مان موڪلاڻي ڪري مالڪ ملڪ جي بارگاهه ۾ وڃي ابدي آرامي ٿيا. والد صاحب جي وفات کان پوءِ ڀائرن ملڪيت تقسيم ڪئي. خواجه صاحب کي هڪ باغ ۽ ڪجهه زمين جو ٽڪرو حوالي ڪيو. پاڻ اُن مان گذر سفر ڪرڻ لڳا.
هڪ ڏينهن پاڻ باغ ۾ ويٺا هئا. ته هڪ بزرگ نالي ابراهيم قلندر باغ ۾ داخل ٿيو. پاڻ سهڻي نموني اُن جو آڌر ڀاءُ ڪيو. ۽ هٿن کي چُميو. ۽ وڻ جي هيٺيان ويهاري باغ مان انگور آڻي حوالي ڪيا. بزرگ ابراهيم قلندر اُن انگورن کي کائي پنهنجي پاسي مان (کَلي) ڪڍي. پنهنجي لبن تي رکي حضرت خواجه اجميري کي ڏني. ۽ دُعا ڪئي ته کاءِ پاڻ جڏهن کاڌائون رب العالمين طرفان ڏنل سب ڪجهه اندر ۾ سمائجي ويو. پاڻ حقيقي منزل کي اچي رسيا.
خواجه صاحب پنهنجو باغ ۽ زمين کي غريبن ۽ مسڪين ۾ تقسيم ڪري سمر قندر روانا ٿيا. ڪجهه ڏينهن رهڻ کان پوءِ ”علم ظاهري“ مان سرشار ٿي. عراق وڃڻ جو ارادو ڪيو. الله وارن بزرگن سان روح رهاڻيون ٿيون . ۽ نيشاپور جي قصبه هارون ۾ حضرت عثمان هاروني جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. جتان فيض مان فيضان ٿيا. ۽ مريد ٿي فرقه خلافت حاصل ڪيو . پاڻ سالن جا سال پنهنجي مُرشد وٽ اچي. فيض وٺندا هئا. پاڻ پورا 20 سال 6 مهينا مُرشد جي خدمت ۾ گذاريا. اِن پوري عرصي ۾ مرشد جو سفر خرچ به پنهنجي سِر تي کنيو. ڪافي حج به ڪيا. پان مُرشد کان اڍائي سالن ۾ ”فرقه خلافت“ حاصل ڪيو.
قصبه هارون کان پهريون سفر ” قصبه سنجان“ طرف ٿيو. جتي حضرت شيخ نجم الدين ڪبريٰ سان ملاقات ٿي. پورا اڍائي مهينا بزرگ جي خدمت ۾ گذاريا. ۽ بعد ۾ بغداد شريف کان ”جبل جودي“ تي پهتا. هي اُهو جبل آهي. جتي حضرت نوح عليه السلام جي ٻيڙي تيار ٿي هئي. حضرت غوث اعظم رحمته الله عليه جي زيارت نصيب ٿي. پنج مهينا ست ڏينهن حجره زيارت گاهه ۾ گذاريا. حضرت غوث پاڪ سان گڏ جيلان ۽ بغداد جو سير ڪيو. ۽ بغداد ۾ حضرت شيخ ضياء الدين سان ملاقات ٿي ۽ شيخ شهاب الدين سهروردي سان به روح رهاڻي ٿي. ۽ همدان ۾ خواجه واحد الدين ڪرماني جي صحبت ۾ چند ڏينهن رهيا. ۽ يوسف حمداني سان به ملاقات جو شرف حاصل ٿيو.
بعد ۾ تبريز ۾ حضرت ابو سعيد تبريزي جي هم صحبت ٿي. (صنهان ۾ خواجه محمود اصفهاني سان ملڻ جو موقعو مليو. جتي خواجه ابو سعيد مهندي سان به مليا. ۽ زيارت شرف حاصل ٿيو. غزني ۾ ڪجهه ڏينهن شمس العارفين شيخ عبدالواحد غزنوي سان ملاقات ٿي. ڪافي اولياءَ ڪرامن سان ملاقات جو شرف نصيب ٿيو. ۽ ڪجهه بزرگن کان فيض مان فيضابي ملي.
”انيس الارواح“ ۾ تحرير آهي ته:
حضرت خواجه معين الدين چشتي هڪ دفعي فرمايو ته مرشد حضرت خواجه عثمان هاروني مڪي معظمه ۾ زيارت ” خانه ڪعبته ۾ منهنجو هٿ وٺي بارگاهه الاهي ۾ عرض ڪيو. ۽ منهنجي لاءِ دُعا فرمائي..... غيب کان آواز آيو. ته ”معين الدين“ اسان قبول ڪيو. ۽ مرشد وري ”روضه رسول“ ۾عرض ڪيو. ته آواز آيو ته قطب المشائخ هند جي ولاديت اسان تو کي عطا ڪئي. مُرشد حضرت خواجه عثمان هاروني ڏاڍا خوش ٿيا. ۽ هندستان وڃڻ جي اجازت ڏني.
خواجه صاحب پنهنجي مرشد کان موڪلائي تبريز، استر آباد ۽ حرات ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ کان پوءِ شيخ عبدالله انصاري جي حجره شريف ۾ به گذاريو. پاڻ هڪ ڏينهن ۾ ”قرآن پاڪ جا 2 ختم ڪڍندا هئا“.
حضرت خواجه معين الدين چشتي هندستان ۾ اسلام جي تبليغ ۾ غير مسلم ۽ مسلم کي ايترو ته مائل ڪيو. جو لکن جي تعداد ۾ غير مسلم اچي مسلمان ٿيا. ۽ ڪافي مسلمان اچي مريد بڻيا. دهلي کان روانا ٿي اجمير شريف جي سر زمين تي قدم رکيو. ان وقت حاڪم اجمير راجه پرٿوي هو. راجه پرٿوي جي والده نجمومي هئي. هن ٻارهن سال پهريان پنهنجي پٽ کي چيو هو.ته هڪ بزرگ پيدا ٿيندو. جنهن جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ تنهنجي سلطنت ختم ٿي ويندي.
پاڻ هڪ وڻ هيٺيان قيام فرمايو. مگر هڪ شخص اچي چيو ته سائين هتي مهاراج جا پکي رهندا آهن، هت نه ترسو اڳتي وڃو. پاڻ اتان روانا ٿي. انا ساگر وٽ اچي قيام پذير ٿيا. جڏهن صبح ٿي. ته مهاراجه جي ماڻهن جڏهن پکين کي ڏٺو. ته پکي هڪ ئي جاءِ ٿي پنڊ پهڻ ٿي ويا آهن. سموري حقيقت راجه کي ٻڌائي. ته اِن فقير جي بددعا سان مسئلو پيش آيو آهي. سڀئي صلاح مشورو ڪري حضرت جن وٽ آيا. پاڻ فرمايائون. ته وڃو خدا تعاليٰ جي حڪم سان توهان جا پکي (ڪڪڙ) صحيح سلامت آهن. جڏهن اُهي اُن جگه تي آيا. ڪڪڙ ۽ ٻيا پکي اُٿي بيهي رهيا. پوري علائقي ۾ ڳالهه مشهور ٿي ويئي. دشمن اسلام وڃي راجه کي سموري حقيقت ڪئي. ته راجه وراڻيو ته اُن فقير کي هتان بيدخل ڪيو وڃي. هڪ جٿو مقرر ٿي حضرت جن وٽ سامهون آيو. ۽ تڪليف پهچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. حضرت جن مٽي کڻي ”آيت الڪرسي“ دم ڪري انهن جي منهن ۾ هنيائون. جنهن جي منهن تي مٽي لڳي پورو جسم خشڪ ٿي سُڪي ويو. ۽ بقايه ڀڃي شهر پهتا. ٻئي ڏينهن تي راجه سميت حضرت جن جي سامهون اُن تلاءُ وٽ اچي جمع ٿيا. جيئن ئي حضرت جن جي نظر پيئي ته سڀني جي جسم ۾ حرڪت پيدا ٿي ويئي. ۽ بيهوش ٿيڻ لڳا. اُن وقت رام ديو مهنت ”مجمد ڪثير“ ساڻ ڪري حضرت جن سامهون پيش ٿيو. ۽ سلام عرض ڪيو. ۽ مخالفن سامهون مقابلو ڪري. اُنهن کي پريشان ڪيو. حضرت جن رام ديو مهنت کي هڪ پيالو پاڻي جو شُڪاري پيئڻ لاءِ چيو. ۽ جڏهن پيتائون ته ڪفر جو رنگ دور ٿي ويو. ۽ اندر روشن ٿي پيو. پاڻ اچي حضرت معين الدين جا مريد بڻيا. پاڻ اِن جو نالو ”شادي ديو“ رکيو. پوري اجمير ۾ اِها ڪيفيت رهي ته هي ڪو وڏو جادوگر آهي.
راءِ پٽورا هندستان مان وڏي جادوگر (جي پال جوڳي) کي گهرايو. جي پال جوڳي ڏيڍ هزار چيلا ساڻ ڪري مقابلو ڪرڻ لاءِ اجمير اچي پهتو. سڀ اچي انا ساگر پهتا. حضرت معين الدين پهريان ئي وضو ڪري. پنهنجي چوگرد عصاءِ مبارڪ“ جو دائرو ڏيئي. فرمايائون ته انشاءَ الله دشمن ڪڏهن به هن دائري اندر داخل نه ٿي سگهندو. جئپال جوڳي جڏهن سامهون آيو. ۽ ڏيڍ هزار جيڪي گڏ هئا. جن جو پير دائري اندر داخل ٿيندي ئي بيهوش ٿي ويا. حضرت جن ”شادي ديو“ کي حڪم ڪيو. ته ”انا ساگر“ مان پيالو پاڻي جو ڀري آ. جڏهن شادي پيالو پاڻي جو ڀري آيو. ته انا ساگر جو سمورو پاڻي ختم ٿي ويو. ۽ جي پال وائڙو ٿيڻ لڳو. ۽ حضرت جن کي سامهون ٿي چوڻ لڳو ته خدا جا بنده فقير ڪنهن کي تڪليف ته نه ڏيندا آهن. ۽ ظلم نه ڪندا آهن. تنهن تي حضرت معين الدين ”شادي ديو“ کي چيو ته ”انا ساگر“ ۾ وڃي هي پاڻي جو پيالو هار. پاڻي هارڻ سان ”انا ساگر“ پاڻي ۾ ڀرجي ويو.
جي پال جادوگر جادو وسيلي پهاڙن مان نانگ گُهرايا. اُهي نانگ سامهون ايندي رُڪ ٿي ويا. هي عمل ناڪام ٿيندي جي پال آسمان مان باهه گهرائي. باهه جا ڍڳ ٿي ويا. مگر ڪجهه به وصول نه ٿيو. آخر ڪار جي پال ڪڪڙ کي هوا ۾ ڇڏي ان تي چڙهي روانو ٿيو. حضرت جن اها ڪيفيت ڏسي حڪم ڪيو ته جي پال کي ڳولي سامهون پيش ڪيو. جي پال کي آڻي سامهون پيش ڪيو ويو. حضرت معين الدين جي قدمن ۾ ڪري جي پال مسلمان ٿيو. ۽ عرض ڪيو ته دُعا ڪيو ته تا قيامت زنده رهان. حضرت جن بارگاهه عالي ۾ دُعا گهري. ۽ جي پال کي چيو ته الله تعاليٰ تو کي حيات دائمي بخشي. مگر تون پوشيده رکهه. جي پال اجمير جي پهاڙن ۾ موجود آهي. جو زيارتي گُم ٿيندو آهي. جي پال اُن جي رهبري ڪندو آهي. اڃايل لڳايل زيارتي کي کاڌو پهچائيندو آهي. حضرت معين الدين اجميري جي پال جو نالو عبدالله رکيو. راءِ پنهوار جڏهن جئپال جي اها ڪيفيت ڏسي ڏاڍو شرمنده ٿيو. ۽ والدهه به کيس چيو ته ٻارهن سال پهريان مون چيو هو. هي اُهو ئي شخص آهي.
حضرت معين الدين چشتي 589 هجري مطابق سن 1193ع ۾ لاهور ۾ حضرت داتا گنج بخش علي هجويري جي درگاهه تي اچي چلو ڪاٽيو. ۽ ڪجهه عرصو رهڻ بعد اجمير واپس وريو. پاڻ غوثي، قطبي، ۽ قطب الاقطابي جي مقام مان گذري قطب وحدت يعني مرتبه محبوبيت سان فائز ٿيا.
حضرت خواجه معين الدين چشتي پاڻ بلندياپي جا شاعر به هئا. سندس شعرن جو تعداد (7000) ست هزار آهي. پاڻ 6 رجب المرجب 633هجري مطابق 16 مارچ 1236 ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ”اجمير شريف“ ۾ آهي. روضي جي پهريان تعمير جو ڪم خواجه حسين ناگوري ڪرايو. شاهه جهان بادشاهه پنهنجي دور ۾ روضه ڀرسان مسجد تعمير ڪرائي.

”اجمير شريف“
اجمير شهر 493 هجري مطابق 1100ع ۾ آباد ٿيو. 1192ع ۾ محمد غوري هن شهر کي فتح ڪيو. 1195ع ۾ قطب الدين ايبڪ هن شهر کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪيو. 1398ع ۾ راجپوتن جي قبضي هيٺ اچي ويو. 1455ع کان 1531ع تائين مالواجي سلاطينن جي قبضي ۾ رهيو. اڪبر بادشاهه هن شهر کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪيو. اڪثر ڪري خواجه مين الدين چشتي (اجميري) جي مزار تي زيارت ڪرڻ لاءِ ايندو هو. 1721ع ۾ راجپوتن ٻيهر قبضو ڪيو. ۽ وري مرهٽن جي قبضي هيٺ اچي ويو. اِنهن 1818ع ۾ اجمير شهر کي انگريزن جي حوالي ڪيو.

حوالا:
اسلام شاهڪار انسائيڪلو پيڊيا: سيد قاسم محمود
دنيا جون 125 عظيم شخصيتون: راڻي شمس بلو
دنيا ڪي عظيم لوگ: سيده اعجاز بانو رضوي
تذڪره اولياءَ برصغير پاڪ و هند:مرزا محمد اختر دهلوي