حضرت حافظ محمد صديق رحه (ڀرچونڊي شريف) (1234هه-1308هه)
حافظ محمد صديق صوفياءِ ڪرام جي سلسلن سُهروردي ۽ چشتي سلسلي جي بزرگن سان به تمام گهڻي عقيدت هوندي هئي. ايتري قدر جو پير محمد اشرف ڪاماري شريف وارو بزرگ جڏهن سفر تي نڪرندو هو ته پاڻ ڪنگري، روهڙي، گهوٽڪي کان ٿيندو ڀرچونڊي ۾ روح رهاڻيون ڪري. بهاوالپور کان ملتان ويندو هو.
حافظ محمد صديق پنهنجي مُرشد جي پيروي ڪندي خانقاهي نظام جو بنياد ذڪر الاهي، محبت واتباع رسول صلي الله عليه وآله وسلم، ديني غيرت ۽ جميعت، شريعت و طريقت ۾ هم آهنگي، خدمت خلق تي رکيو.
حافظ محمد صديق سڄي عمر پنهنجي مالڪ جي عبادت ڪندي گذاري. پاڻ شادي به نه ڪيائون. پنهنجي مريدن کي پنهنجي روحاني اولاد ڪري سمجهندا هئا. سادو کائڻ پسند ڪندا هئا. سنت نبوي مطابق ”جبو مبارڪ“ پائيندا هئا ۽ مٿي تي مخروط نما ڪپڙي جي ٺهيل ٽوپي پائيندا هئا. ڀرچونڊي شريف جي پوري جماعت ۾ اڄ تائين انهي لباس جي سڃاڻپ قائم و دائم آهي.
حافظ محمد صديق جي تصنيفن ۾: ”رسالو سلوڪ جي“: تصوف جي موضوع تي آهي. پاڻ روحاني ۽ صوفيانه اصلاحن کي رسالي ۾ آڻي. هينئن بيتن جي صورت ۾ ويس ڍڪايو آهي ۽ فرمائي ٿو ته:
ته جيڪي خلاصو سلوڪ جو، موقوف اِت ٿيو،
هڪ صفائي دل جي، نقش پاڪ ٻيو.
ملفوظات شريف: حافظ محمد صديق جا ملفوظات فارسي ۾ مولوي محمد شريف جمع ڪيا. اصل قلمي نسخي جو سڀ کان پهرين اردو ۾ ”جام عرفان“ جي نالي سان سيد محمد فاروق ترجمو ڪرايو ۽ سنڌي ۾ ترجمو 2008ع ۾ ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ ”ملفوظات مالڪان المعروف گنجينئه عرفان“ جي نالي سان ڪيو.
چاليهه حديثون، ڪنزالامت (مجموعه حديث): حافظ محمد صديق جو هي 66 منتخب حديثن جو مجموعو فارسي ترجمي سان آهي. علامه مير حسان الحيدري حديثن جي هن مجموعي کي ”ڪنز الامت“ جو نالو ڏنو آهي.
حافظ محمد صديق ڀرچونڊي جي فيض مان لکين ماڻهن فيض پرايو جيڪي وقت جا وڏا علماءَ مفتي ٿي گذريا آهن: حضرت حافظ محمد عبدالله المعروف هادي سائين، حضرت مولانا غلام محمد دينپوري، حضرت مولانا سيد تاج محمد امروٽي، حضرت مولانا عبدالغفار (خانڳڙهه شريف) جليل القدر جهڙا بزرگ سرفهرست آهن.
حضرت حافظ محمد صديق 74 سالن جي عمر ۾ 10 جمادي الثاني 1308 هجري مطابق 21 جنوري 1891ع تي هن فاني جهان مان موڪلاڻي ڪري وڃي ابدي آرامي ٿيا. سندس وصيت مطابق مسجد شريف جي ڏاکڻي طرف ٿلهي تي (ڀرچونڊي شريف) ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻن سالن بعد 1310 هجري مطابق 1893ع ۾ سجاده نشين حافظ محمد عبدالله مزار مبارڪ مٿان عاليشان روضو تعمير ڪرايو.
حافظ محمد صديق جي وفات بعد ڀرچونڊي شريف جو پهريون گادي نشين سندس ڀائٽيو حافظ محمد عبدالله المعروف (هادي سائين) کي ڪيو ويو. ڇو ته حافظ محمد صديق پنهنجي مُرشد جيان شادي نه ڪيائون، ان ڪري ڪو به اولاد نه هو. سندس ڀائٽيو حافظ محمد عبدالله کي وصال کان هڪ سال اڳ ۾ پنهنجي جماعت جي باري ۾ محبت ۽ شفقت سان اچڻ جي تاڪيد فرمائي هئائون ۽ کيس ظاهري باطني جي تعليم ۽ تربيت به ڏنائون ۽ شادي جو احتمام به حافظ محمد صديق خود ئي ڪيو هو. حافظ محمد عبدالله کي هڪ پٽ جي اولاد عطا ٿي جنهن جو نالو حضرت پير عبدالرحمان عرف ڀورل سائين رکيو جو والد جي وفات بعد گادي نشين مقرر ٿيو.
حافظ محمد عبدالله جو جنم 1283 هجري مطابق 1866ع ۾ ٿيو ۽ پاڻ 38 سال گادي تي فائز رهيا. اڱاري جي رات 25 رجب 1346 هجري مطابق 18 جنوري 1928ع ۾ 63 سالن جي عمر ۾ موڪلاڻي ڪئي. کيس حافظ محمد صديق جي مزار ڀرسان جاءِ ڏني ويئي. وفات بعد سندس پٽ حضرت پير عبدالرحمان عرف ڀورل سائين گادي جا ٻيو نمبر سجاده نشين مقرر ٿيا. حضرت عبدالرحمان عرف ڀورل سائين جي پيدائش 1310 هجري بمطابق 1892ع ۾ ٿي. روحاني ۽ باطني فيض پنهنجي والد حافظ محمد عبدالله کان حاصل ڪيو. حضرت مولانا احمد سائين (درگاهه خانڳڙهه شريف) پنهنجي هٿن مبارڪن سان حضرت ڀورل سائين کي ٽئين ڏينهن تي درگاهه ڀرچونڊي شريف جي گادي تي ويهاري دستاربندي جي رسم ادا ڪئي.
حضرت پير عبدالرحمان عرف ڀورل سائين 9 جمادي الاول 1380 هجري مطابق 30 آڪٽوبر 1960ع تي آچر ڏينهن وفات ڪئي ۽ والد ڀرسان روضي اندر مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
درگاهه ڀرچونڊي شريف جو ٽيون سجاده نشين حضرت پير عبدالرحيم شهيد (جنم 1330هه 1912ع) مقرر ٿيو. پاڻ قرآن پاڪ جا 15 سيپارا حفظ ۽ 15 سيپارا ناظره پڙهيا. پاڻ 10 جمادي الاول 1380هه مطابق 31 آڪٽوبر 1960ع تي ٽيون نمبر گادي نشين مقرر ٿيا. والد صاحب کان ئي خرقو خلافت عطا ٿيو. هن صوفي درويش کي 21 سيپٽمبر 1971ع مطابق 29 رجب 1391 هجري شام جي ڏهرڪي شهر ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو. هن ڀلاري بزرگ کي 13 پٽ ۽ نوَ نياڻين جي اولاد ٿي.
درگاهه جو چوٿون گادي نشين سندس پٽ حضرت پير عبدالحليم شهيد کي مقرر ڪيو ويو. پير عبدالحليم شهيد جي پيدائش 1928ع مطابق 1346 هجري ۾ ٿي. پاڻ 8 جان نثارن سان فجر جي نماز ادا ڪندي 12 جمادي الاول 1393 هجري مطابق13جون 1973ع تي فائرنگ دوران مسجد ۾ ئي شهادت ماڻي. کيس حافظ محمد صديق جي روضي اندر قدمن ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. تنهن بعد پير عبدالخالق قادري (موجوده) پنجين سجاده نشين طور آگسٽ 1973ع ۾ گادي نشين مقرر ٿيو.
حضرت پير عبدالخالق جو جنم 12 ربيع الاول 1376 هجري مطابق 17 آڪٽوبر 1956ع تي ڀرچونڊي شريف ۾ حضرت پير عبدالحليم شهيد جي گهر ۾ ٿيو. 80 واري ڏهاڪي ۾ شادي جي رسم ادا ڪئي. کيس ٻه پٽ ٽن نياڻين جي اولاد عطا ٿي. پاڻ مهمان نواز ۽ سخي دل انسان آهن ۽ حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيندڙ انسانن جي سرفهرست ۾ اول آهن. پاڻ هر سال قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنس ڪوٺائين ٿا. حافظ ملت ڪانفرنس جو آغاز سال 1992ع کان شروع ڪرايو جو اڄ ڏينهن تائين اهو سفر جاري ۽ ساري آهي. حافظ ملت اڪيڊمي جو بنياد به پاڻ رکيائون جو حافظ ملت اڪيڊمي هن وقت تائين درجن کان مٿي تحقيقي ڪتاب شايع ڪري بهترين فرض سرانجام ڏنو آهي.
حوالا:-
1. خانقاهه ڀرچونڊي شريف جي ادبي تاريخ: ڊاڪٽر الهوسايو سومرو. (2015) (Ph.d ٿيسز).
2. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع.