محمد محسن بيڪس (1275هه- 1298هه)
بيدل مُرشد منهنجو، سائين غريب نواز هو،
بيڪس خادم دَرَ جي کي، عشق جو آغاز هو.
جڏهن ”بيدل“ سائين وفات ڪئي ته اُن وقت بيڪس جي عمر 14 سال هئي. بيڪس پنهنجي شاعري ۾ حسن ۽ عشق جي رازن کي تمام سهڻي نموني ۾ شاعري جو روپ ڏيئي پيش ڪيو آهي. حقيقت ۾ 23 سال ٿورڙي عرصي ۾ جيڪا هن اسان کي شاعري ڏني آهي. سا بهترين ڪمال درجي جي آهي. سندس شاعري ڏوهيڙن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. بيڪس پنهنجو پاڻ کي تمام صاف سٿرو رکندو هو. ايتري قدر جو ڏينهن ۾ ٻه ٽي دفعا تيل ڦليل سان وهنجندو هو. سنڌ جي سُڃاڻ پَٽڪو سندس ايترو ته پسند هو جو پائڻ ۾ اُن کي وڏي ترجيح ڏيندو هو ۽ مٿي تي سدائين پاتل رهندو هو. گلابي ۽ مڪس رنگ جي پٽڪي کي گهڻو تڻو استعمال هيٺ آڻيندو هو. ملتاني گهيتلو به پيرن جي سونهن هئي. پاڻ گهٽ ڳالهائڻ کي ئي پسند ڪندو هو.
بيڪس رياضت ۽ عبادت جو قائل هو. کيس روح کي راحت ڏيڻ لاءِ رات جي وقت اڪيلائي ۾ جهونگاريندو هو. هن بزرگ شاعر جي ”ڪنعيي لعل“ سان بيحد محبت هوندي هئي. جو هن کان پري نه ٿيندو هو. سندس سچي محبت ايترو ته گهمايو. جو صبح کان شام تائين مستي جي عالم ۾ پيو هميشه ياد ڪندو هو.
بيڪس اِن محبت کي پنهنجي ڪلام ۾ شاعري جو روپ ڏيئي ڪيڏو نه فدا ڪري ڇڏيو اٿس ۽ چئي ٿو ته:
حال واقف يار همدم، هُج هميشه همقدم،
دم نه هڪڙو ٿي تُون ڌار، آءُ ته پرچون پاڻ ۾.
سندس شاعري ۾ درد جي شدت ۽ حسن جي حقيقت سمايل آهي. پاڻ سنڌي، سرائڪي، هندي ۽ فارسي ۾ شاعري ڪئي. پيءُ ۽ پٽ (2) اهڙا نالا آهن جو هڪ ئي نالي طور گڏ چيا وڃن ٿا. يعني (بيدل بيڪس).
بيڪس ننڍي عمر 23 سالن جي ڄمار ۾ 5 رمضان المبارڪ 1298 هجري بمطابق پهرين آگسٽ 1881ع ۾ هن فاني جهان کان موڪلاڻي ڪئي. سندس موڪلاڻي تي شاعر نواب شاهه سڪايل پر درد نظم چيو. ”ديوان بيڪس“ سيد عبدالحسين شاهه موسوي، سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو آهي:
شاعري جون سٽون:
هِئن نه لائق هوءِ، مارڻ مسڪينن کي،
ڇوري ڇڏي ڇپرين، متان پڇتائين پوءِ،
هِيئَن نه گهريو هوءِ، بيڪس کي بيران ڪَيئي.
آهون ۽ دانهون، ويچاريءَ وڏيون ڪيون،
وٺيو گس گوندر جا، ڀڳائين ٻانهون،
پنهون آڳاهون، سڏ نه سڻي مئي جا.
حوالا:-
1. صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر: پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي 2010ع
2. ڳالهيون منهنجي سنڌ جون: شوڪت خواجائي 1999ع.
3. روهڙي جا روشن ستارا: ڊاڪٽر هدايت پريم. 2011ع.
4. مضمون ۽ مقالا: سهيڙيندڙ: خانم خديجه دائود پوٽو. 1978ع.
5. سيوهڻ صدين کان: خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي.