ميون محمد مبين چوٽياروي (1100هه- 1196هه)
ميون محمد مبين ٺٽي مان تعليم حاصل ڪئي. ميون شاهه عنايت رضوي سان تمام گهڻي محبت هوندي هئي. ايتري قدر جو هڪ دفعي رضوي صاحب ميون محمد مبين کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”ابا ڏيئو ٻرندو رهندو ۽ جي وٽ سنهي ٿي، ته به اُجهامندي ڪو نه“.
ميون محمد مبين مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه سان گڏ تعليم حاصل ڪئي، پاڻ صرف و نحو ۽ علم فقه جو وڏو ڄاڻو هو. اندازاً 1140 هجري مطابق 1728ع ۾ ٺٽي مان مڪمل تعليم حاصل ڪري پنهنجي آبائي ماڳ ”چوٽياريون“ ۾ موٽي آيو. ساڳئي سال ۾ دستاربندي“ ٿي. پاڻ ڳوٺ ”چوٽياريون“ ۾ هڪ ننڍو مڪتب به کوليو، جنهن ۾ تعليم جي شمع کي روشن ڪيو. ڪجهه عرصي کان ننڍڙو مڪتب ”سنڌ جي عظيم درسگاهه“ بنيو.
ميان صاحب جي 1140هجري ۾ ننڍڙي مڪتب. جڏهن وڏي درسگاهه جي شڪل اختيار ڪئي ته ننڍڙي مسجد مان شفت ڪري. وڏي جاءِ ۾ آندو ويو. درسگاهه گڏ هڪ ڪتبخانو به قائم ڪيو ويو، پاڻ زندگي جا پنجاهه سال هن درسگاهه جي خدمت ڪندي گذاريا، عربي ۽ فارسي تي تمام گهڻو عبور هو. پاڻ هميشه ”مسڪين محمد مبين“ لک پڙهه ۾ ڪم آڻيندو هو.
چوٽياري درسگاهه ۾ پري پري کان شاگرد اچي تعليم حاصل ڪندا هئا. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جهڙي ڀلاري بزرگ به ”محمد مبين“ جي هن درسگاهه ۾ سندن رهبري ۾ علمي ۽ فڪري تعليم حاصل ڪئي، چوٽيارين جي ڪتبخاني ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو بياض. جيڪو مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي پنهنجي هٿن سان لکيو هو. اڃا تائين موجود آهي.
ميون محمد مبين ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ شهنشاهه لطيف همعصر هئا. ميون محمد مبين ڪيريو (درسگاهه چوٽياري جي باني) 5 محرم سن 1196 هجري مطابق 21 ڊسمبر 1781ع ۾ هن فاني دنيا مان موڪلاڻي ڪئي. کيس ”چوٽياريون“ جي مقام ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جتي سندس مزار عام و خاص لاءِ زيارت گاهه آهي.
”شهنشاهه لطيف“ اڪثر سانوڻ ۾ ميون محمد مبين وٽ ويندو هو. هڪ ڀيري گڏجي ماني کاڌائون ۽ پوءِ صحبت ۾ ويٺا ته گهڻو ويهي رهيا ۽ ڪافي دير ٿي ويئي. جڏهن شهنشاهه لطيف موڪلايو. ته ميين مبين چيو ته : ”جهڙ ڦڙ آهي ترسي پئو“.
شهنشاهه لطيف جواب ۾ چيو ته” ”رداءِ جا رضا جي سا اوڇڻ آديسين“. پوءِ موڪلائي روانو ٿيو. اِها چيل سٽ رسالي جي ”سُر رام ڪلي“ جي هڪ بيت ۾ موجود آهي.
مددي ڪتاب
1. شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد پهريون: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 1989ع ص:56
2. سنڌ جا درسگاهه: دادا سنڌي. ادبي بررڊ: 2014ع.
3. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سوانع حيات ۽ علمي خدمتون: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري.
4. جوهر تقويم: سال 2006ع. ضياءَ الدين لاهوري 2004ع.