حضرت سيد محمد حسن شاهه جيلاني (1193هه- 1253هه)
سيد محمد حسين شاهه جيلاني جڏهن سمجهدار ٿيا ته مُرشد جي تلاش ۾ ملتان شريف، اُچ شريف، بغداد شريف ۽ مڪي شريف کان مديني شريف پهتا. اُتي کين خواب ۾ سهڻي نبي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي زيارت نصيب ٿي ۽ کين سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) ڏانهن وڃڻ لاءِ حڪم مليو. حضرت سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) سيد محمد حسن شاهه جيلاني لاءِ فرمايو ته:
”ڪجهه خلفائن کي اُنهن جي خواهش مطابق خلافت ڏني ويئي، ڪجهه کي مون پاڻ پنهنجي مرضيءَ سان خلافت عطا ڪئي ۽ ڪجهه کي الله تعاليٰ جو حڪم مليو ته اُنهن کي خلافت ڏيو. هي پنجابي سيد (حضرت محمد حسن شاهه جيلاني) منهنجي خليفن مان هِن ٽئيي نمبر گروهه سان واسطو رکي ٿو.
حضرت سيد محمد حسن شاهه جيلاني پنهنجي مُرشد حضرت محمد راشد (روضي ڌڻي) کان فيض وٺي. حُڪم ملڻ سان (سوئي شريف) آيا. اُن وقت شرڪ ۽ بدعت عروج تي هئي ۽ ٻئي طرف انگريزن جي قابض ٿيڻ ڪري مسلمانن جي اخلاقي ديني ۽ روحاني حالت ابتڙ هئي. پاڻ ان حالت ۾ دين محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي آبياري جو ڪم شروع ڪيو: سيد محمد فاروق القادري جي بقول ته حضرت سيد محمد حسن شاهه جيلاني (مائي سوائي) جي درخواست تي پنهنجي مُرشد جي حُڪم تي 32/ 1231 هجري ۾ هن جاءِ تي قدم رکيو. (ص 57، 2005ع).
حضرت سيد محمد حسن شاهه جيلاني جو نسبي سلسلو (25) پيڙهي ۾ سيدنا محي الدين شيخ عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليه سان ملي ٿو. پاڻ شريعت جا پابند، صاحب تقويٰ وزهد ۽ عارف باالله هئا. دين جي تبليغ لاءِ اڪثر سفر ڪندا هئا.
روحاني خدمتن ۾: قرآن مجيد جي تعليم، قرآن مجيد جا حافظ پيدا ڪرڻ، ماڻهن کي راهِه حق ڏيکارڻ، غير شرعي عملن کان نفرت ۽ جهاد ڪرڻ، نشي آور شين کان پرهيز ڪرڻ شامل آهن.
”سيد احمد شاهه بريلوي سِکن سان جنگ جوٽڻ لاءِ مالي اخلاقي ۽ افرادي مدد وٺڻ لاءِ درگاهه سيد محمد راشد (روضي ڌڻي) تي آيو. ڪجهه ڏينهن قيام ڪرڻ کان پوءِ سيد محمد حسن شاهه جيلاني وٽ ملاقات ڪرڻ لاءِ ”سوئي شريف“ آيو ۽ ڪجهه وقت رهيو.
حضرت حافظ محمد صديق (ڀرچونڊي شريف) جا بزرگ به حضرت سيد محمد حسن شاهه جيلاني جي خليفن مان ذڪر لائق آهن. سندس جي ئي ڪوششن سان درگاهه ”سوئي شريف“ آباد رهندي ٿي اچي ۽ گادي نشين ”سانول سائين“ جي شادي ڪرائي ۽ اهڙي ريت سانول سائين جو اولاد پيڙهي به پيڙهي درگاهه (سوئي شريف) جو مسندَ نشين ٿيندو پيو اچي.
حضرت سيد محمد حسن شاهه جيلاني باني (سوئي شريف) جن جو وصال رات جي وقت 26 ذوالقعد 1253 هجري مطابق 27 فيبروري 1838ع ۾ ٿيو.
(جڏهن ته سيد محمد فاروق القادري ۽ ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي: وصال جي تاريخ 26 زوالقعد 1254 هجري بمطابق 1888ع. تحرير ڪئي آهي) هجري سن ۽ تاريخ جي حساب سان عيسوي سن 1839ع بيهڻ گهرجي. ٿي سگهي ڇپائي جي غلطي ڪري 1838ع جي جاءِ تي 1888ع لکيو ويو آهي.
حوالا:-
1. خانقاهه ڀرچونڊي شريف جي ادبي تاريخ: ڊاڪٽر الهوسايو سومرو: سال 2015ع، ص 54، 55، 56، 57.
2. جوهر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع.