بابا فريد (گنج شڪر) 569 هه _ 664 هه)
بابا فريد جي پيءُ جو اسم گرامي مولانا جمال الدين سليمان بن شعيب ۽ والده ماجده جو نالو مريم بيبي هو. سندس والد صاحب اُن ڏينهن ۾ ڪوٺيوال جو قاضي هو. سندس وڏا اصل ڪابل جا رهاڪو هئا. ڪابل جو بادشاهه فرخ شاهه سندس ڏاڏي جو ڏاڏو هو. فرخ شاهه جي وفات کان پوءِ سلطنت کي زوال آيو. ۽ ڪابل جي حڪومت عزنيءَ جي بادشاهه کي ملي. چنگيز جي ڏاڍين خلاف جهاد ڪندي. سندس ڏاڏي شهادت ماڻي.
بابا فريد جا وڏا ڪابل جو اباڻو وطن ڇڏي لاهور آيا. اُن کان پوءِ قصور ۽ ملتان ڀر سان ڪوٽيوال جي ڌرتي کي مسڪن بڻايو. بابا فريد جو پورو نالو فريد الدين ”مسعود“ هو. شروع ۾ پنهنجي والد صاحب کان روحاني تعليم حاصل ڪئي. ۽ بعد ۾ قاري محمد وٽ قرآن پاڪ حفظ ڪرڻ بعد وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ لاءِ مولانا منهاج الدين جي مسجد ۾ فقه جي مشهور ڪتاب ”نافع“ پڙهڻ شروع ڪيو. پاڻ مطالعو ڪري رهيا هئا. ته خواجه بختيار ڪاڪي مسجد ۾ داخل ٿيندي فرمايو ته ”نافع“ تو کي ڪهڙو نفعو ڏيندو. پاڻ فرمايائون ته نفعو ملي يا نه ملي پر توهان جي ته نظر ڪرم ضرور نفعو ڏيندي. ڪجهه عرصي کان پوءِ خواجه بختيار ڪاڪي جي هٿ تي دست بيعت ملڻ بعد ٻيئي ملتان کان دهلي روانا ٿيا. ۽ خواجه بختيار ڪاڪي مخاطب ٿيندي چيو ته حصول علم جي ڪوشش ڪر. ۽ پاڻ ملتان واپس آيا. ضروري علم حاصل ڪرڻ بعد وڌيڪ علم جي تعليم لاءِ قنڌار پهتو. علماءَ ڪرامن سان ملي بغداد شريف روانو ٿيو. جتي سندس ملاقات خواجه معين الدين چشتي اجميري سان ٿي. 5 سالن جي سفر ڪرڻ بعد پاڻ ملتان واپس آيا. بابا فريد جي فيض ماڻهن کي ايترو ته ويجهو ڪيو جو پري پري کان ماڻهن اچي هٿ ٿي ڪلمه شهادت جو ورد ورتو. ۽ مسلمان ٿيا. ۽ هزارن جي تعداد ۾ مريد بڻيا . پاڻ پنهنجي مرشد قطب الدين بختيار جي اسرار تي ”پاڪ پتن“ جي سرزمين کي تاحيات مسڪن بڻايو. ۽ عبادت ۾ هميشه مشغول رهيا.مختلف تذڪرن ۾ آيل آهي ته پاڻ حضرت غوث بهاو الدين زڪريا حضرت لعل شهباز قلندر ۽ حضرت سرخ بخاري سان گڏ هندستان جي ڪافي علائقن جو سير به ڪيو. عام طور تي چار يار درويشن طور سڃاتا وڃن ٿا.
بابافريد جو شهنشاهه لطيف جي ڪلام تي ڪافي اثر آهي. جيئن پاڻ فرمائي ٿو ته
سرو ور پنهنجي هيڪڙو، م ڦاهي وال پچاس،
اي تن لهرين گڏ ٿيا، سچي تيري آس،
مٿين بيت تي شهنشاهه لطيف جو بيت هن طرح آهي ته
سر تي پکي هيڪڙو، پاڙهيري پنجاهه،
اَٿم آس الله، لڏي لهرن وچ ۾،
بابا فريد پنجابي، سرائڪي ۽ ڪشميري ۾ شاعري ڪئي. ۽ سنڌي شاعري جا لفظ به سندس ئي شاعري ۾ ملن ٿا. پاڻ 27 سال اسلام جي تبليغ ڪئي. سندس درگاهه واري دروازي کي ”بهشتي دروازو“ چيو ويندو آهي. جيڪو خواجه نظام الدين اولياءَ تعمير ڪرايو هو. بابا فريد کي مالڪ جو حقيقت عشق ڏسي کيس ”شڪر گنج“ جهڙي لقب سان نوازيو ويو. پاڻ سڄي زندگي قرآن و سنت جي مطابق گذاري. ۽ 664 هجري بمطابق 1266ع ۾ 95 سالن جي عمر ۾ مالڪ حقيقي جي بارگاهه ۾ ابدي آرامي ٿيا. سندس وفات واري سن ۾ به ڪافي تضاد آهي. سيد الاقطاب مطابق 690هه، راحت القلوب مطابق 687هه، خزينته الاصفياءَ مطابق 670 هه جوهر فريدي، سيد الاولياءَ، اخبارالاخيار ۽ سفينته الالياءَ مطابق 664 هجري کي صحيح قرار ڏنو آهي. ۽ ڪشلوخان وري 660 هجري وفات جو سال ڄاڻايو آهي. وڌيڪ علم جا ڄاڻوئي روشني وجهي سگهن ٿا.
حوالا:
دنيا ڪي عظيم لوگ:سيده اعجاز بانو رضوي 1993ع
هيرا ته ڏسو: شيخ اياز/بخشل باغي 2011ع
حضرت بهاؤالدين ذڪريا: سيد ارتضيٰ علي ڪرماني 2003ع
سنڌي پنجون ڪتاب:
تذڪره اولياءَ برصغير پاڪ وهند: مرزا محمد اختر دهلوي
جو هر تقويم: ضياءَ الدين لاهوري 2004ع
اسلامي شاهڪار انسائيڪو پيڊيا