لطيفيات

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

ڪتاب ”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ تحقيق تي مبني ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي.
”شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو“ ۾ جُملي (52) بزرگ شاعرن جي مواد کي جمع ڪرڻ ۾ ڪافي مستند ڪتابن ۽ (ph.d) ٿيسز کي سامهون رکيو ويو آهي. جيئن ڪٿي ڪا غلطي جي گنجائش نه رهي سگهي. ڪو به تحقيقي ڪم ”حرف آخر“ ناهي هوندو. پر پوءِ به ”راقم“ هر وجه هر ممڪن ڪوشش ڪري صحيح ۽ مستند مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
Title Cover of book شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

حضرت ميان مير رحمته الله عليه ( 938 هه _ 1045 هه)

حضرت ميان مير ؓ جي ولادت با سعادت سيوستان (سيوهڻ) ۾ قاضي سائين ڌتي جي گهر ۾ 938 هجري مطابق: 1532ع ۾ ٿي. والده ماجده جو نالو ” فاطمه“ هو. جيڪا قاضي قاضن جي ڌيءَ هئي. اصل نالو: مير محمد هو. حضرت ميان مير رح جا چار ڀائر هئا: قاضي، قاضي عثمان، قاضي طاهر ۽ قاضي محمد، ۽ سندس ٻه ڀينرون هيون. جن ۾ بي بي جمال خاتون، بي بي بادي. پاڻ ”ميان مير“ ”شاهه مير“ ”ميان جيو“ ”بالاپير“ جهڙن لقبن سان مشهور هئا.
پاڻ جڏهن ستن سالن جي عمر جا ٿيا ته والد صاحب هن جهان مان موڪلاڻي ڪئي. پنهنجي والده ماجده کان ”علم باطني“ جي تعليم شروع ڪئي. اُن وقت عمر مبارڪ ٻارهن سال هئي. والده کان موڪلائي جهنگلن ۽ بيابانن ۽ باغن ۾ رهڻ شروع ڪيو. سدائين حق تلاش لاءِ بي چين رهندا هئا. ۽ سمورو وقت رياضت ۽ عبادت ڪندي گذرندو هو.
پاڻ حضرت خضر رحمته الله عليه جا مريد ٿيا. ۽ ياد الاهي ۾ گذاريندي خرقه خلافت سان به سرفراز ٿيا. ”علم ظاهري“ لاءِ لاهور ۾ مولانا سعد الله جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. ڪجهه عرصو رهڻ بعد مولانا نعمت الله کان ”علم“ جي ڄاڻ حاصل ڪيائون. سندس اصلي حالات جي ڪنهن کي به ڄاڻ نه هئي. ڇو ته ڏينهن جو بزرگان دين جي مزارن تي وڃي فيض و برڪت حاصل ڪندو هو. ۽ رات جو باغن، جهنگلن ۽ غيرآباد جاين ۾ وڃي عبادت الاهي ۾ مشغول رهندو هو. لاهور اچڻ وقت عمر 25 سال هئي.
لاهور ۾ ڪجهه عرصو رهڻ بعد ”سرهند“ وڃڻ جو مناسب سمجهيو. پر پاڻ ”سرهند“ ۾ بيمار ٿي پيا. اُتي حاجي نعمت الله سرهندي تمام گهڻي خدمت ڪئي. پاڻ انهي خدمت عيوض هڪ هفتي ۾ حاجي نعمت الله سرهندي کي فيض مان وڏي درجي تي پهچائي ڇڏيو. بيماري ۾ ڪشف ذريعي غوث الاعظم ميران محي الدين حضرت عبدالقادر جيلاني رحمته الله عليه جي طرف اچي حاضر ٿيا. جتان پاڻي جو پيالو پيئڻ لاءِ عنائيت ٿيو. جتان تازا توانائي ٿي خدا تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو.
پاڻ ”سرهند“ ۾ هڪ سال جو عرصو گذارڻ بعد لاهور واپس آيا. ۽ ”باغبانون“ محلي ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. ماڻهن کي حق جي راهه تي هلڻ الله تبارڪ و تعاليٰ جي عبادت، رياضت ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪيائون. ڪيترائي ماڻهون اچي خدمت ۾ فيض مان فيضاب ٿيا. سندس ڪماليات جا جوهر ڏسي شهنشاهه جهانگير ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. ۽ هڪ شخص کي روانو ڪري خدمت ۾ موڪليو. ته آئون لاهور آيو هوس. آوهان لاءِ معلوم ڪيو. پر آوهان لاهور ۾ نه هئا. جي نه ته آئون خود خدمت ۾ حاضر ٿيان ها. پر مهرباني ڪري اسان ڏانهن اچڻ جي عنايت ڪيو.
پاڻ جهانگير جي درخواست منظور ڪئي.۽ جهانگير تمام گهڻو متاثر ٿيو. ۽ ميان صاحب کي چوڻ لڳو ته : ”سلطلنت ۾ موجود هيرا جواهر“ منهنجي لاءِ پٿر جي سِر برابر آهن سائين جن مِهر ڪن ته ”دنوي تعلقات“ سڀ ختم ڪري ڇڏان.“
پاڻ فرمايائون ته ”جهانگير خلق جي خدمت لاءِ هڪ ماڻهو مقرر ڪيو. ته پوءِ توهان کي مان پاڻ سان گڏ وٺي هلان. ۽ عبادت الاهي ۾ مشغول رهون. شهنشاهه شاهه جهان ٻه دفعه خدمت ۾ حاضر ٿيو. پاڻ نصيحت ڪندي فرمايائون ته : ” عادل بادشاهه کي پنهنجي رعيت ۽ سلطنت جي خبر هجڻ گهرجي. ۽ همت ڪري تمام ولايت کي آباد ڪرڻ ۾ مصروف رهجي .اگر رعيت آسودا هوندي ۽ مُلڪ آباد هوندو ته سپاهه آسودا ۽ خزانو ڀريل هوندو.“
شاهجهان تمام گهڻو متاثر ٿيو. ۽ دستار ۽ کجي مان ٺهيل تسبيح خدمت ۾ عرض رکي. پاڻ دستار واپس ڪئي. ۽ تسبيح قبول ڪري ورتي. ۽ بعد ۾ هڪ مُريد کي ڏيئي ڇڏيائون.
حضرت ميان مير رحمته الله عليه: هڪ دفعي وصيت ڪندي فرمايائون ته مُنهنجي وفات بعد مون کي ڪلراٺي زمين ۾ دفن ڪجو. جو مُنهنجون هڏيون ڪلراٺي زمين ۾ ڳري وينديون.۽ نانءُ نشان به نه بچندو ۽ نه هي منهنجي قبر تي مقبرو اڏائجو.
صورتي در قبر مرگ ويران خوشتراست،
نيستي مانند من با خاک يکسان خوشتراست،
پاڻ 17 ربيع الاول 1045 هجري بمطابق 21 اگسٽ 1635ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار مبارڪ لاهور لڳ ميان مير ڳوٺ ۾ آهي.وفات وقت عمر مبارڪ 107 سال هئي.

حوالا:
تذڪره اولياءِ پاڪ و هند: ڊاڪٽر ظهور الحسن شارب
اسلامي شاهڪار انسائيڪلوپيڊيا
جوهر تقويم:ضياءَ الدين لاهوري